سهي جي دعوت
کيس فرينچ، عربي، انگريزي ۽ هتي جي زبان سئيڊش اچي ٿي، سو ڪنهن نيم سرڪاري فرم ۾ مترجم جا فرائض پڻ انجام ڏيندو آهي. ڪنهن عرب ملڪ کان ڪو ڊيليگيشن هتي سئيڊن ۾ مشينري وٺڻ ايندو آهي ته سندس ڳالهه ٻولهه هي ترجمو ڪري کين ۽ هتي جي ڪارخانيدارن کي ٻڌائيندو آهي، ڪي ڪاغذ پٽ سئيڊش مان عربي يا فرينچ ترجمو ڪرائڻا هوندا آهن يا هتي جي ڪنهن سئيڊش پارٽي کي انگلنڊ ۾ رهندڙ ڪنهن انڊين پاڪستاني دڪاندار سان لهه وچڙهه ۾ اچڻو آهي ته هڪ ٻئي جي ڳالهه سئيڊش ۽ انگريزيءَ ۾ هي سمجهائيندو آهي. ان نوڪريءَ مان هن کي ڪافي پگهار ملي ٿو.
نوڪريءَ کان علاوه شام جي وقت پرائيويٽ ڪم به ڪندو آهي. يعني اهو ترجمو ڪرڻ جو. ملڻ تي ڪيتريون دلچسپ ڳالهيون ٻڌائيندو آهي. هڪ ڏينهن پنهنجن عربن کي گاريون ڏئي رهيو هو.
پڇيو مانس،”ڇو ڀلا؟”
“بس يار اسان مسلمانن جو به ڪارو آهي منهن ٿيو”، وراڻيائين.
“ڪنهن عرب سان جهيڙو ٿي پيو؟” مون پڇيو مانس.
“نه جهيڙو ته ڇا ٿيندو. اڄ هڪ سعودي عرب کان پارٽي آئي، هنن کي هتي جي ڪجهه مشينري وٺي پنهنجي ملڪ ۾ هڻڻي هئي. هي سئيڊش به استاد آهن ۽ اسان جي ڪمزورين مان واقف آهن سو هنن هڪ ٺاهوڪي رن اڳيان ڪري ڇڏي. عرب شيخ جي اصل گگ پئي ڳڙي. نه قيمت تي بحث ڪيائين نه مشين جي ڪارڪردگيءَ تي. ڪيڏو اشارن ڪناين ۾ سمجهايانس پر اصل اک ڇوريءَ ۾ هجيس. مشينريءَ جو ته سودو ڪيائين پر هن ڇوريءَ کي هتي جي پگهار کان به ٻيڻ ٽيڻ جي آفر ڪري پاڻ وٽ گهرايو اٿس.” عمر سلام ٻڌايو ۽ پوءِ ٿوري دير ساهه پٽي چيائين،” اوسي پاسي جا فلسطيني ۽ يمني عرب يا ٻيا غريب مسلمان ڀلي بک پيا مرن، پر هي سعودي آهن سو عياشيءَ ۾ وڃن مال ملڪيت لٽائيندا.”
پاڻ سئيڊن يا ڀر واري ملڪن ڊينمارڪ ۽ ناروي ۾ رهندڙ مسلمانن جون تڪليفون ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پاڻ جهڙن ٻين هم خيال ماڻهن جي تنظيم ٺاهي، هر وقت ماڻهن جي مدد ڪندو رهي ٿو. مذهبي به تمام پڪو آهي. نماز پڙهڻ سان منٽ ڪندو پر پڙهندو ضرور _ پوءِ چاهي نماز جي وقت گهر، آفيس يا رستي تي هجي. ڪوشش ڪري هر وقت وضوءَ ۾ رهندو. جهڙو پاڻ مذهب جو پابند آهي اهڙي سندس زال ۽ ٻار آهن. سانجهي نماز تي يڪدم ٻارين ٻچين هڪ ئي وقت قطار ٺاهي نماز شروع ڪري ڏيندا. پٺيان ڀلي گهر جا در کليا پيا هجن يا در تي ڪو پيو بيل وڄائي ۽ سڏ ڪري. ٽيليفون جو گهنٽيون وڄنديون رهن، جيسين نماز پوري نه ٿئي سندن ننڍو پٽ خضر به نه اٿندو. نماز واريون گهڙيون ڄڻ هن دنيا کان جسماني ۽ ذهني طرح Cut Out ٿي ويندا آهن.
سندس خاص ٻه شوق آهن، هڪ مذهبي ماڻهن سان ملڻ ۽ ٻيو شڪار ڪرڻ. شل نه خبر پويس ته ڪنهن ملڪ مان ڪو عالم دين سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ پهتو آهي. يڪدم ان سان ملڻ ۽ حال احوال وٺڻ ويندس، بلڪه ان ڪم لاءِ ته ڪوپن هيگن ڏي به رخ ڪندو آهي. ڪيترا دفعا مون کي به وٺي هليو آهي. باقي شڪار تي هلڻ لاءِ نٽائي ويندو آهيانس.
“نه يار ! ههڙي برف ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ رڻ پٽ يا جهنگ (Woods) ۾ سهي يا هرڻ لاءِ ڪير ڊوڙندو.”
“تون هڪ دفعو ته هلي ڏس، هيترا دفعا چيو اٿمانءِ”، عمر چوندو آهي.
“توکان وڌيڪ پاڪستان ۾ منهنجي ننڍپڻ جي دوست محسن پنهور چيو هوندو، پر ان کي به چوندو آهيان ته شڪار تون ڪري اچي ڪهاڻي ٻڌاءِ ته اها آئون لکان.”
“چڱو ڀلا ڪهاڻي ته نه پر ان جو گوشت آڻي ڏيندوسانءِ”، عمر سلام چوندو آهي.
سئيڊن ۾ سَها، وڏن سڱن وارا هرڻ (Reindeer) ۽ بگهڙ جام ٿين ٿا. جن جي شڪار لاءِ ڪي مهينا مقرر هوندا آهن، جن ۾ اهي ماڻهو شڪار ڪري سگهن ٿا جن کي سرڪار طرفان لائسنس مليل هوندو آهي ۽ لائسنس فقط وڏن ماڻهن کي نه ملندو آهي پر هر ماڻهو مقرر في ڏئي لائسنس وٺي سگهي ٿو. پوءِ ڪي شوق خاطر شڪار ڪندا آهن ته ڪي روزگار خاطر. يعني هرڻ يا سها ماري انهن جو گوشت وڪڻندا آهن. لائسنس في، ٽئڪس ۽ گولين ڇيرن جي قيمت ڪڍڻ بعد پوءِ ڪڏهن فائدي ۾ رهن ته ڪڏهن نقصان ۾.
هڪ ڏينهن صبح جي وقت عمر سلام مليو، پري کان ئي رڙ ڪري چيائين: “سهي جو گوشت کائيندين؟”
“ڪٿان مليو اٿئي ڇا-؟” مون پڇيو مانس.
“نه،” عمر ٻڌايو “اڄ آئون سهن جي شڪار تي وڃي رهيوآهيان، پنجين ڇهين موٽي ايندس ۽ ڪجهه سها موڪلي ڏيندوسانءِ.”
مون به يڪدم پنهنجن پاڪستاني ساٿين ڪئپٽن سليم ۽ جهازي انجنيئر راحت کي رات جي مانيءَ لاءِ دعوت ڏني. شام کان بصر ڪٽي ويٺا رهياسين. پنج ٿي ڇهه ٿيا. ڇهه ٿي ست، عمر جو نه هي پتو هو نه هُو پتو. آخر ۾ بصرن ۾ بيضا وجهي آمليٽ ڪري کاڌوسين.
ٽن چئن ڏينهن بعد صبح جو آفيس ويندي جڏهن عمر مليو ته پهرين ته سهن واري ڳالهه ياد ئي نه آيس پوءِ ٻڌايائين: “سائوٿ آفريڪا کان هڪ مولوي ڪوپن هيگن اچي ويو سو شڪار جو پروگرام ڪئنسل ڪري واعظ ٻڌڻ لاءِ ڪوپن هيگن هليو ويس.”
بهرحال عمر سلام کان ائين ٿيندو رهندو آهي ۽ اسان دل ۾ نه ڪندا آهيون. ان ڪري جو جيئن پهرين ٻڌائي آيو آهيان ته هن جي مغز ۾ هر وقت ڏهه ڪم هوندا آهن. هڪ ڪم لاءِ پيو ويندو ته اوچتو ٻيو ڪو اهم ڪم ياد پئجي ويندس ته پهريون ڇڏي ٻي ڏي رخ ڪندو آهي. گهر وارا به سندس ان عادت سان ٺهي ويا آهن. بس فقط ٻن ڳالهين ۾ وعدي خلافي يا ڪوتاهي نه ڪندو آهي. نوڪري ۽ نماز ۾. نوڪريءَ جو هڪ هڪ منٽ ڊيوٽي ڏيندو. “ان جو مون کي پگهار ملي ٿو، منهنجو فرض آهي ته چڱيءَ طرح نوڪري ڪري اهو پگهار حلال ڪري کان.”
۽ نماز لاءِ چوندو آهي ته ان لاءِ هر بندو ٻڌل آهي ته ڏينهن ۾ پنج دفعا پنهنجي پالڻهار اڳيان جهڪي. چاهي هو بيماريءَ جي بستري تي هجي يا مرڻ جي ڪنڌيءَ تي هجي. ان ڏينهن جو ٻڌايومانس ته مون سان گڏ منهنجا دوست به سهي جي گوشت جو انتظار ڪري رهيا هئا ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. مون چرچن ۾ ڇا کڻي چيو يڪدم چيائين: “الطاف اڄ انهن کي منهنجي گهر گهراءِ ته ماني مون وٽ اچي کائين. اڄ توهان کي مون پاران رات جي مانيءَ جي دعوت آهي.”
بهرحال جڏهن منهنجي نه مڃيائين ۽ گهڻو زور ڪيائين ته ايترو چيومانس ته گهڻي تڪليف بدران فقط هڪ ئي ٻوڙ ٺهرائي. هونءَ ته هن پاسي جا ماڻهو اسان وانگر دعوتن ۾ ڪيترا گيهه ۽ تيلن وارا ڊش ٺاهي، پنهنجي پيٽ يا پئسي جو خانو خراب نه ڪندا آهن. وڌ ۾ وڌ سلاد سان گڏ ٿوري مڇي يا گوشت جي ٽڪي فراءِ ٿيل ۽ ڊبل روٽي هوندي آهي. وڏو ڇيهه ته ان سان گڏ پاڻيءَ ۾ اوٻاريل پٽاٽا يا ڪا سائي ڀاڄي. شادين مرادين ۽ وڏين دعوتن ۾ به اهو مينو هلندو آهي. سال جي آخر ۾ اسان جي يونيورسٽي ۾ ڊگريون ڏيڻ وارا ڪنووڪيشن ۾ شهر جي وڏي هوٽل ۾ جيڪا ڊنر ٿيندي آهي ۽ ملڪ جا وزير، سفير ۽ وڏا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن انهن جي لاءِ به اهو ئي مينو هوندو آهي، پر عمر سلام اسان پاڪستانين وانگر سڄي ميز کي ٻوڙن سان سجائيندو آهي. عمر سلام ڀلي ايڏا وڏا اهتمام ڪري جو هن جو پگهار به وڏو آهي. پورهيو به سڄو ڏينهن ڪري ٿو ۽ ٻي ڪنهن ڳالهه تي خرچ نه اٿس. نه ڪپڙن گندين تي، نه ڪار ٽيليفون تي، نه جاءِ جڳهه تي، سندس زندگي هر پهلوءَ کان سادگيءَ جو مثال آهي، پر دعوت ۾ وڏو خرچ ۽ خوشي محسوس ڪري ٿو پوءِ جيتوڻيڪ پاڻ گهڻو نٿو کائي. منهنجي زور ڀرڻ تي واعدو ڪيائين ته ڪو گهڻو رڌ پچاءُ نه ڪندو.
“الطاف! هرڻ جو گوشت کاڌو اٿئي؟”
“ها.” وراڻيو مانس.
“ڪٿي؟” پڇڻ لڳو.
“ملائيشيا ۾” جواب ڏنو مانس.
“آئون هتي جو پڇي رهيو آهيان.”
“نه هتي نه کاڌو اٿم.”
“ته بس پوءِ اڄ رات توهان کي هتي جي هرڻ (Reindeer) جو گوشت کارائيندس.”