ڇا اسين صفائي پسند آهيون؟
پر وري به ڪتو پالي سگهجي ٿو پر ڪڪڙ، ٻڪري، رڍ هرگز نه. اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ فلسطيني عمر سلام نه فقط حلال ڪڪڙ کائي پر پنهنجي اکين اڳيان ڪڪڙ ڪهائي ان جو تازو گوشت گهر ۾ رڌائي. ڪڪڙ جي حلال گوشت جا سمنڊ جي هن پار ڊئنمارڪ شهر ۾ ڪيترائي دڪان آهن، جن تي Frozen گوشت ملي ٿو. اهي ڪڪڙيون ڊئنمارڪ جي ڪنهن دور دراز ڳوٺ جي سلاٽر هائوس (ڪوس گهر) ۾ ذبح ٿي، ڪولڊ اسٽور ۾ ٿڌيون ٿي پوءِ ڪوپن هيگن شهر ۾ وڪامڻ اينديون آهن. سئيڊن جي جنهن شهر مالمو ۾ اسين رهون ٿا، ان جا ماڻهو حلال گوشت وٺڻ لاءِ فيريءَ ۾ چڙهي ڪوپن هيگن ويندا آهن. هاڻي مڙيئي هڪ ٻه دڪان هتي مالمو ۾ کليا آهن، جن تي حلال ڪڪڙ ملي ٿي پر تمام مهانگي. عمر سلام شاهوڪار عرب آهي کيس پئسي جي پرواهه ناهي ۽ هو اسان واري شهر مالمو مان به حلال ڪڪڙ خريد ڪري سگهي ٿو پر جيئن ته مٿي لکيو اٿم ته هو حلال سان گڏ فريش گوشت جي چڪر ۾ هوندو آهي. سو ان لاءِ هفتي ڏيڍ ٻه چار ڪڪڙيون فارم تان خريد ڪري پاڻ حلال ڪندو آهي، پر جيئن ته ميونسپل جي حد کانپوءِ به ويهن ميلن جي گهيري ۾ ڪنهن کي ڪو به جانور ذبح ڪرڻ جي اجازت ناهي، سو موڪل واري ڏينهن هو شهر کان پري وڃي اهو معرڪو سرانجام ڏيندو آهي.
“ڪڪڙ يا ٻڪريءَ کي ڪهڻ جي اجازت ڇو نه آهي؟” مون پڇيو هئوماس.
پنهنجي نڪ کي آڱر سان گهئي، توبهه توبهه ڪندي چيائين “هتي جي حڪومت صفائي جي معاملي ۾ ايڏي خبردار آهي جو رستي تي ڪا جهرڪي يا ڪٻر مري ٿي ته اها به ان ئي وقت فائربرگيڊ جو عملو کنيو وڃي ته متان ان جي آنڊن گُجين ۾ پيدا ٿيندڙ جراثيم بيماري پکيڙين.”
هاڻ ان ڳالهه جي روشنيءَ ۾ اسان جي ملڪ ۾ روزانو ۽ خاص ڪري قرباني واري عيد تي ڇا ٿو وهي واپري؟ اسان مسلمان “صفائي نصف ايمان” چئون ٿا پر عمل ڪيتري حد تائين ٿئي ٿو. ان ڪري ته ڌاريان يعني غير مسلم اهو ئي چون ٿا ته اسين مسلمان سڏرايون ٿا پر اسلام جيڪي چئي ٿو ان تي عمل نٿا ڪريون.