ڪئمپس ڪجرارين جو ڪمال
مهراڻ انجنئيرنگ يونيورسٽي نواب شاهه (هاڻوڪي قائدعوام) سان منهنجي روح جي ڪڙي، 1991ع کان سنڌ جي مُنفرد ۽ دل رُبا آرٽسٽ منور ابڙي جي ادبي دوستيءَ جي روپ ۾ ڪڙي هُئي جيڪا ڪڙيءَ سان ڪڙي جي تسلسل ۾ منور سولنگي، نسيم پارس گاد، ياسر قاضي، حَماد ٻُرڙي، لطيف سيال ۽ جيڪا هاڻ امداد ٿهيم، مُزمل وَڌو، نديم رند، ۽ بابر جاگيراڻي جي پنهنجائپ ۽ دوستيءَ جي سلسلي جي هڪ مضبوط سنگهر بڻجي منهنجي روح کي سوگهو ڪري اڄ تائين هلندي ٿي اچي.
اهو پنهنجائپ جي تعلق جو دلڪش سلسلو ادب جي دنيا ۾ شاعريءَ جي ريشمي ۽ رنگين سفر جي اُڻت جو ڪمال آهي . نه ته هن اڄ جي منصوعيت پسند ۽ مادي دنيا ۾ رشتن ناتن جو مانءُ ۽ مرَتبو ثانوي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. پر ادب هڪ اهڙي لاڳاپي/تعلق جو نالو آهي جيڪو اڄ جي اِن غير تعلقاتي جوڙيل نظام ۾ ڳنڍڻ، ملائڻ ۽ تاحيات گڏجي هلڻ جو شعور /اداراڪ بخشي ٿو.
بابر جاگيراڻي يونيورسٽي ۾ مشڪل (محنت طلب) تعليم واري مصروف دؤر ۾ ڪويتا جي ڪاڪ جو راڻو بڻجي روايتي تعليمي کول مان نڪري تعليم سان گڏ ادب جو علم اوچو ڪري بغاوت جي چڻنگ کي روشن ڪيو آهي. بابر جاگيراڻي جو پهريون شعري ڪتاب ”ڪئمپس ڪجراريون“ ۾ ڏنل شاعري، منهنجي بابر جاگيراڻي سان دوستي جي گهاٽي ۽ ٿڌي ڇانوَ ۾ کيڏي ڪُڏي، کلندي، روئيندي پنهنجي منطقي نتيجي ڏانهن سفر ۾ روان دوان آهي. هڪ اهڙو سفر جنهن جي سلامتي مسلسل رياضت سان ئي سلهاڙ يل آهي. بابر جي شاعريءَ ۾ اظهار جي پُختگي پنهنجي پچي راس ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ اُجاگر ٿي رهي آهي، خيالن جو روايتي ۽ ڪجهه ڪجهه نواڻ پڻو بابر جي شاعريءَ جو معصوم روپ آهي، جنهن جي مُرڪ ۽ اُداسي ۾ پنهنجي حُسناڪي هير جي جُهوٽي جيان دل کي ڇُهي وڃي ٿي، هن جا احساس رومانوي ۽ سماجي سورن مان موتئي جي مُکڙيءَ جئين ڦٽي دل جي آڳنڌ کي معطر ڪري ڇڏين ٿا. ”ڪئمپس ڪجراريون“ يونيورسٽي جي انهن اَپسرائن جي سُونهن جو اُجرو عڪس آهن. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طور تي بابر جي شعور، لاشعور توڙي تحت الشعور تي اثرانداز رهيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو بابر جي شاعري ”ڪئمپس ڪجراريون“تخليق ڪري سگهي آهي. جن ۾ بابر جي شاعراڻي نظر، حُسن جا نوان حوالا اظهارياآهن.
بابر جاگيراڻي شاعري جي ديوي (جيڪا بظاهر آسان پر پنهنجي جوهر ۾ انتهائي پُر اسرار، ۽ مشڪل آهي) سان دل ته لاتي آهي.
(جيڪا لنئون پهرين پهرين گهڻي قدر شوق جي جُنون تي سوار هوندي آهي) پر پوءِ اُن جنون تي سوار هُجڻ وارو لڳاءُ لوساٽبو آهي ته پوءِ اُن کي روح جي امرت رس سان ئي سنواري سائو، هُڳائتو بڻائڻ وارو تپسيائي وارو دؤر شروع ٿيندو آهي، جنهن مان گذرڻ کان پوءِ ڪوتاديوي پنهنجي سونهن جا اصل جلوه لڪي لڪي پسائڻ شروع ڪندي آهي جنهن ۾ ئي شاعري جي عظمت جا اُهڃاڻ پوشيده هوندا آهن. ڇاڪاڻ جو شاعري مُسلسل جُستجو جو احساس آهي. جيڪو شعوري توڙي لاشعوري طور تي روح جي گهراين ۾ سفر در سفر جاري رهندو آهي.
ڀٽائي، اياز ۽ دنيا جي عظيم شاعري ان ڳالهه جي شاهد آهي ته عظيم شاعري زمان ۽ مڪان جي سرحدن کان مٿاهين هوندي آهي. جيڪا هر دؤر جي انسان جو ذريعي اظهار بڻجي پئي ڳائبي آهي.
بابر جاگيراڻي شاعريءَ سان شوق واري ابتدائي دؤر ۾ ته سُٺو ڪميٽيڊ نظر اچي ٿو. جنهن جو ثبوت سندس شعري مجموعي ”ڪئپمس ڪجراريون“ ۾ موجود غزل ۽ بيت جهڙي (نڀاءُ جي اعتبار کان) ڏکي صنفن ۾ پنهنجي دل جي اظهار کي اوتيو آهي. جنهن ۾ هو صنفن کي هيئتي حوالي کان به سُٺو نڀائيندڙ لڳي ٿو. بابر جي شاعري کي پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه واضع ٿي وڃي ٿي ته بابر اڃان مطالعاتي اثر ۾ گهرائي سان گهريل آهي. جيڪو شروعاتي دؤر ۾ اڪثر طور ٿي هر شاعر سان لاڳو ٿي ته سگهي ٿو. پر جيئن ته اظهار جي رستي کي ڳولي لهڻ کان پوءِ ئي اُن تي سفر ڪندي ماڳ جو خواب لهي سگهجي ٿو.
بخشل باغي
چوٿين نومبر 2009ع