ٽُڪ جي رِليءَ جهڙي شاعري
شاعري، انساني هستيءَ جي داخلي تجربن جو، سندر تخيل ۽ مٺڙي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيل انوکو اظهار آهي.
انسان جي داخليت، جنهن جي اُڻت ۾ جيون جون حقيقي وارتائون، به شامل هجن ٿيون. هر شاعر کي قدرت يا زندگيءَ طرفان اهو ڪچو مال ميسر ٿئي ٿو، پر ڪَوِيءَ جي قابليت جو پتو ان ڳالهه مان پوي ٿو ته جيون جي انهن سندر ڌاڳن کي سلجهائڻ جو سليقو منجهس ڪيترو آهي؟ انهن جي سهڻي استعمال جو ڏانءُ هن ۾ ڪيترو آهي. جو سندس تخليقن مان ڪمال ۽ جمال جهلڪي. ڇو ته خوبصورت نرالي اُڻت (ٽيڪنڪ /اسلوب) سان ئي هر شاعر کي منفرد مقام ملندو آهي.
اسان جو هي نوجوان شاعر بابر جاگيراڻي به نازڪ جذبن جون تندون، جيڪي تخليل جي رنگن سان رڱيل آهن. خوبصورتيءَ سان جوڙي اسان جي سامهون آيو آهي. سندس شاعري ٽُڪ جي رليءَ جيان آهي. پر ها، هيءَ ٽُڪ جي رلي ڏسندي اهو احساس ضرور ٿئي ٿو ته اُن جي چوڪڙين، ڪُنڊُنِ ۽ ماپ ۾ ڪافي جاين تي تناسب، موزونيت ۽ سائيز (وزن) ۾ ڪجهه کوٽ ضرور آهي. پر، اڳتي هلي پختگي اچڻ سان اهي هلڪيون ڪوتاهيون دور ٿي سگهن ٿيون.
جيئن عشق ۾ اُٻهرائي سڀ ڪجهه بگاڙي ڇڏيندي آهي تيئن، ڪوتا سان به تڪڙ ڪرڻ جو نتيجو لاڀائتو نه نڪرندو آهي. شاعري کي اثرائتو ته شاعرجي جذبن جي بي ساخته اُٿل بڻائيندي آهي، پر، اُها اُٿل جيڪڏهن فني تقاضائون به پوريون ڪري ته پوءِ دلين تي ديرپا اثر ڇڏيندي آهي.
سعيد ميمڻ
عاقل لاڙڪاڻو
پهرين نومبر 2009ع