سَکي
توسان گڏ گڏ او سکي! مان سڀ ڪجهه آهيان،
هونءَ ته ڪجهه ناهيان، توکان دوُر رهي ڪري.
***
ازل کان آهي سکي! پنهنجو پَوتر پيار،
ٿي نه سگهيا آهيون ڪڏهن، پَل کن لئه ڀي ڌار،
روح پنهنجو دلدار، هڪ ئي رهيو آ سدا.
***
تو تان هي جند جان مان، پنهنجي ٿو گهوريان،
تنهنجي حُڪم جي اڳيان، سِسِي ٿو سوريان،
چَپَ ڪيئين چوريان، توکي سڀ اختيار آ.
***
توکي سڀ اختيار آ، جيئن وڻئي تيئن ڪر،
تنهنجي پيرين گهر، مون لئه جنت کان مٿي.
***
تنهنجون سڀ مِٺيون مِٺي! ڪريان ڪيئن بيان؟
ڏٺو خوب جهان، پياري! تنهنجي ڀاڪُرين.
***
تنهنجي ملڻ سان سکي! سڀ سُري ويا سُورَ،
لکي سگهندا ڪينڪي، مس، قلم مذڪُورَ،
ايندڙ سارا تُورَ، توکي مون کي ڳائيندا.
***
تنهنجي نيڻن ۾ مِٺي، وڌم جيئن نهار،
منهنجو من قراريو، تنهن ويلي تنهن وار،
هينئڙي منجهه هزار، رڙهي آيون راحتون.
***
ڪينَ وساري مان ڪڏهن، سگهندس اُها رات،
تون هُئين مونسان ڀاڪرين، ڀڻڪن ۾ هئي بات،
تنهن دم هيءَ ڪائنات، مون کي ڏاڍي هُئي وڻي.
***
ايترو تو هو سکي! مون کي جو چاهيو،
انوکو سنسار ڪو، تو ئي هو ٺاهيو،
ڪجهه به نه رهايو، چاهت جي تو رنگَ ۾.
***
منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو، تنهنجي ٻانهن وَل،
راحت مون محسوس ڪئي، جهومي پئي هُئي دل،
هِينئين ۾ هر پل، ساڳي سَڌَ ٽِڪِي پَئي.
***
اڃا ساڳي سَڌ آ، ڏي تون ساڳيا پيارَ!
رهڻ پُڄي ڪين ٿو، توکان کن پل ڌارَ،
ساڳيا سي ته قرارَ، ’بابر‘ جو مَن ٿو گهري.
***
مونکي مٺي! سي وڻن، اڃا ساڳيا تر،
توسان جي ’بابر‘ گڏجي گهميو هو ڪڏهن.
***
ڪو نه وڻي ٿو تو سوا، هاڻي مون کي گهر،
توسان ئي آباد هو، دل جو پريت پَڌر،
هاڻي هي ’بابر‘، ڪِين وڻي ٿو پاڻ کي.
***
تنهنجي ويجهو مون اچي، ماڻي آ جنت،
ڪير چوي ٿو جڳ ۾، ناههِ رهي محبت،
مون کي جا به نصيب ٿي، ساٿ سندس ساعت،
تنهن جي ڪا قيمت، هن دنيا ۾ ڪين آ.
***
مِٺيءَ ۾ توسان مٺي! ڏاڍي رات وڻي،
ستارا به ڳڻي، ڪين سگهيا تنهن سِڪ کي.
***
مٿان اُڀ ٽِمڪيو پئي، رات هُئي ڪاري،
منهنجي ٻانهن ۾ هُئي، منهنجي ئي پياري،
پهريون ڀيرو زندگي، ايئن مون گذاري،
مون ته نه وِساري، توکان ڪيئن وِسري وَئي!
***
سَکيَ او سَکي! وري، پنهنجو ڏئي وڃ چاهه،
ارپي نئين ڪا زندگي، جيئڻ جي ڏي راهه،
’بابر‘ جي ته نگاهه، جنمن کان آهي بُکي.
***