ڪالم / مضمون

فداحسين ڦودني،ڌڻي بخش ڌني ۽ ڦندڻ جا ڪالم

هي ڪتاب ”فدا حسين ڦودني، ڌني بخش ڌني ۽ ڦندڻ جا ڪالم“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
امر جليل لکي ٿو :”هن ڪتاب جي تحريرن ۾ ٽيهه چاليهه سال پراڻي سنڌ جي ثقافتي ۽ سياسي تاريخ جا اولڙا ۽ عڪس آهن، هنن تحريرن ۾ سنڌ جي زوال جو تسلسل آهي، جيڪو اڄ تائين نهايت پابنديءَ سان جاري آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 5230
  • 1893
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Fi Hussain Fodny Dhani Bakhsh Dhany & Fundan Ja column

هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي

هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي

مون ورجائي ورجائي لکيو آهي، چيو آهي، ۽ ڳالهايو آهي ته هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي! هيءَ سنڌ آهي سردارن جي. هيءَ سنڌ آهي پيرن جي - شاهن ۽ شاهينگن جي - چورن جي ۽ ڦورن جي. هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي! هنن ٺاهه ٺڳيءَ سان سنڌ پاڻ ۾ وراهي ورتي آهي. سردار، پير، مير شاهه، پاٿاريدار ۽ زورآور وراهيل سنڌ ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جا بيتاج بادشاهه آهن. بلڪه ڊڪٽيٽر آهن. حڪومتي سطح تي هنن خلاف مزاحمت امڪان کان ٻاهر آهي. هو سڀئي اسيمبلين جا ميمبر آهن، حڪومت جا ڪل پرزا آهن، بلڪه پاڻ حاڪم آهن، ۽ حڪومت هلائي رهيا آهن. هنن سنڌ کي جاهل رکڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي. نه ٺـاهرائن روڊ رستا، لائبريريون ۽ ريدنگ روم، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، ڪلينڪ ۽ اسپتالون، مواصلات جا مرڪز ۽ زراعتي صنعت. هو جهالت ۽ اوندهه پکيڙڻ جا پيغمبر آهن. ڏتڙيل، اڻ پڙهيل، اڻ ڄاڻ رعيت هنن جي پڪي، ٺهيل ٺُڪيل ووٽ بينڪ آهي. ته پوءِ ڪيئن چوان هيءَ منهنجي سنڌ آهي؟ هيءَ سنڌ منهنجي لاءِ اوپري آهي. مان هن سنڌ لاءِ اوپرو آهيان.
منهنجي سنڌ هئي سنڌ وارن سان. جيئن هو سندن تن من اُجرو، تيئن رکي هئائون سنڌ. ننڍن وڏن شهرن ۾ روڊ رستا شيشي وانگر چمڪندا هئا. وڻ ٽڻ، باغ بهار، جيڏانهن ڪر پرک، تيڏانهن ساوڪ ئي ساوڪ. هر شهر ۾ لائبريريون، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ريڊنگ روم. ڪلينڪ، اسپتالون. سٻاجهڙا فيملي ڊاڪٽر. اسر ويل ۽ سانجهيءَ ويل روح کي راحت ڏيندڙ ڀڄن ۽ اشلوڪ پيا ٻڌبا هئا. ڪو ڪنهن کي مندر يا مسجد وڃڻ تان نه ماريندو هو. موجوده سنڌ مون واري سنڌ جي بنهه ابتڙ آهي _ مون واري سنڌ جي نفي آهي. هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي! هيءَ سنڌ آهي چانڊين جي، شيرازين ۽ مگسين جي. هيءَ سنڌ آهي ڀين ۽ جتوئين جي. هيءَ سنڌ آهي شاهن ۽ پيرن جي. هيءَ منهنجي سنڌ ته ناهي! مان جنهن سنڌ ۾ ڄائو هوس، هيءَ اُها سنڌ ته ناهي! 1947ع کان اڳ مون سنڌ جو اوج ڏٺو هو. 1947 کان پوءِ مون سنڌ جو زوال ڏٺـو آهي. 1947ع کان اڳ واري شڪارپور جو شهر ڏسي موجوده دور جي ماڻهن کي جيڪر پنهنجين اکين تي اعتبار نه اچي، پر هنن کي پنهنجين اکين تي اعتبار ڪرڻو پوندو. عنقريب ● نسيم مغل جي لکيل ۽ ترتيب ڏنل شڪارپور جي تصويري تاريخ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيڻ واري آهي. ڪتاب وٺجو، پڙهجو ۽ محسوس ڪجو ته سنڌ جا باقي شهر به اهڙائي دلڪش، دلفريب ۽ خوبصورت هئا. ڀوتارن منهنجي سنڌ کي ڀوري ڇڏيو آهي. هيءُ ملڪ مون کي پنهنجو وطن نه ٿو لڳي. مان هتي اوپرو آهيان. ڌاريو آهيان. پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي پيو آهيان. مان هتي مرڻ نه ٿو چاهيان. مان مٿرا ۾ مرڻ چاهيان ٿو. مان هريدوار ۾ مرڻ چاهيان ٿو. مان ورناسي (بنارس – ڪاشي) ۾ مرڻ چاهيان ٿو. مان اجنتا ۽ الورا ۾ ٻڌمت جي غارن وٽ مرڻ چاهيان ٿو.

ٻن ملڪن، هندستان ۽ پاڪستان جي سياسي ڇڪتاڻ هڪ ڀڪشو، هڪ فقير، هڪ صوفيءَ کي لاچار ڪري وڌو آهي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، 1936ع ۾ مان سنڌ ۾ ڄائو هوس. تڏهن سنڌ هندستان جو صوبو هئي، تنهن ڪري مان بنا رک رکاوَ جي پاڻ کي پيدائشي هندستاني، Born Indian سڏائيندي فخر محسوس ڪندو آهيان. عجب ماجرا آهي جو Born Indian هئڻ جي باوجود مان پنهنجي پيدائشي وطن هندستان وڃڻ لاءِ ويزا جو محتاج ٿي پيو آهيان. پنهنجي پيدائشي وطن ۾ مان شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهيان. اتي اوپرو ۽ ٻاهريون ڀانئيو ويندو آهيان. 1947ع کان اڳ بنا روڪ ٽوڪ جي ڪراچيءَ کان ڪلڪتي وڃي سگهبو هو. هينئر ٿرپارڪر کان راجسٿان وڃڻ ناممڪن ٿي پيو آهي. ٻن ملڪن جي سياسي ڏڦيڙ ۾ مون جهڙا انيڪ ديوانا يا ته پاڳل خانن ۾ قيد هوندا آهن، يا ملڪ سان غداريءَ جي الزام ۾ ڦاهي گهاٽ وڃي وسائيندا آهن. مونکي خبر آهي ته منهنجي دعويٰ لاءِ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ ايوانن جا در بند آهن، تنهن هوندي به مان پنهنجي دعويٰ تي قائم آهيان. 1947ع واري ورهاڱي کان اڳ جنم وٺڻ وارا اسين، هينئر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس وڃي بچيا آهيون. ورهاڱي Partition جون پابنديون اسان سان لاڳو هئڻ نه گهرجن. اسين برصغير (هندستان ۽ پاڪستان) جا رهواسي آهيون. آزاديءَ سان برصغير ۾ گهمڻ ڦرڻ، اچڻ، وڃڻ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اسان جو بنيادي بلڪه پيدائشي حق آهي. مونکي خبر آهي ته ٻنهي ملڪن جا ڪرتا ڌرتا منهنجي دعويٰ تي ڌيان نه ڏيندا. پر تنهن هوندي به مان پنهنجي دعويٰ تان دست بردار نه ٿيو آهيان.
مان پاڪستان ۾ رهندو آهيان، پاڪستان جي قاعدن قانونن جي پابندي ڪندو آهيان. پاڪستان جي آئين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته مان پنهنجي جنم ڀوميءَ واري وطن هندستان سان محبت نه ڪريان. منهنجي جنم ڀومي سنڌ آهي. 1936ع ۾ سنڌ هندستان جو صوبو هئي. ان لحاظ کان منهنجي جنم ڀوميءَ وارو وطن هندستان آهي. سياسي ڦيرگهير سبب مان هندستان ڄائو پاڪستان جو شهري آهيان. اها تاريخي حقيقت آهي، پر ان حقيقت جي باوجود بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي مون لاءِ هندستان وڃڻ تي پابندي لڳل آهي. مان پنجهتر سالن جو ٿي چڪو آهيان. باقي بچيل زندگي مان ساڌو واسواڻي آشرم پوني ۾ گذارڻ چاهيان ٿو. مان نه هندو آهيان، نه مسلمان آهيان. منهنجو مذهب انسانيت آهي - Humanism . مان دنيا جي هر مذهب ۾ انسانيت سان ايڪي ۾ آيل اصولن جو احترام ڪندو آهيان.

جسم عارضي گهر آهي روح جو، آتما جو. دير سوير روح کي، آتما کي عارضي گهر مان ڪوچ ڪرڻو پوندو آهي. جسم فنا آهي. روح کي بقا آهي. روح Energy آهي. روح شڪتي آهي، ٻَلُ آهي، سگهه آهي. شڪتيءَ کي انت نه ايندو آهي. روح گهر مٽائيندو آهي، چولو مٽائيندو آهي. اوهان ڪڏهن گهڙيون اڳ ڄاول ٻارن طرف ڌيان ڏنو آهي؟ ننڊ ۾ اڪثر سندن چپن تي رکي رکي مُرڪ ايندي رهندي آهي، موافق ۽ ناموافق حالتن هٿان اسين گهڻو پوءِ مُرڪ ۽ لڙڪ جي ڪيفيت کان آگاهه ٿيندا آهيون. ڇا نئون ڄاول ٻار پنهنجي قالب ۾ روح معرفت گذريل جنم جون ڪي وڻندڙ يادگيريون کڻي ايندو آهي؟ موجوده جنم ۾ مائٽ مٽ ننڍي ڄمار ۾ ئي برين واش Brain Wash ذريعي ٻار کي گذريل جنم جي يادگيرين کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. مائٽ مٽ پنهنجي پنهنجي عقيدي موجب ڄمڻ شرط ٻار کي هندو، مسلمان، سک، عيسائي، يهودي ڪري ڇڏيندا آهن. ٻار جو برين واش ايتري ته بيدرديءَ سان ڪندا آهن جو هن لاءِ بالغ ٿي پنهنجي عقيدي بابت فيصلو ڪرڻ جي گنجائش ئي نه ڇڏيندا آهن. ننڍپڻ ۾ ٿوپيل، مڙهيل عقيدي جي حيثيت رسمن رواجن جهڙي هوندي آهي. انسان جو اصل عقيدو اهو ئي هوندو آهي، جيڪو هو بالغ نظريءَ سان، سمجهه سان، ادراڪ سان قبول ڪندو آهي.

ان ڳالهه سان منهنجي قطعي ڪا دلچسپي نه آهي ته مرڻ کان پوءِ منهنجو تن، منهنجو جسم قبر ۾ پوريندا. شمشان گهاٽ ۾ ساڙيندا، پاڻيءَ ۾ لوڙهيندا، يا پارسين جي Tower of Silence خاموشيءَ جي مينار تي رکي ايندا جتي سرڻيون، ڳجهيون ۽ ڪانوَ منهنجي مرده جسم جو ماس پٽيندا. ان ڳالهه سان منهنجي ڪا دلچسپي ڪانهي. تيزيءَ سان زوال پذير ٿيندڙ سنڌ ۾ مان ٻيهر جنم نه وٺندس. مون کي اميد جو ڪو ڪرڻو نظر نه ٿو اچي ته سنڌ وري ٻيهر پنهنجي عروج ڏانهن موٽ کائيندي. موجوده سنڌ قبيلائي سردارن، پيرن، ميرن، سيدن، جاگيردارن، ڀوتارن ۽ زورآورن ۾ ڇهه ست ٽڪر ٿي وراهجي ويئي آهي. رهيل ڪثر ٻاهران آيل اسان جا مربي ڀائر پوري ڪندا. مان پيرن، ميرن، شاهن ۽ سردارن جي سنڌ ۾ وري ڪڏهن پيدا نه ٿيندس. مان پنهنجو ايندڙ جنم پوني ۾ وٺندس جتي منهنجي ماءُ ڄائي هئي. منهنجي خواهش ۾ سگهه آهي، ۽ منهنجي خواهش منهنجي آتما جي سگهه جو حصو ٿي ويئي آهي. خواهش جي تڪميل لاءِ مونکي نه پاڪستان جي پاسپورٽ جي ضرورت آهي، ۽ نه ئي هندستان جي ويزا جي. آتما جي سگهه آڏو سرحدون ڪا معنيٰ نه رکنديون آهن.

امر جليل
B-702, Sand View Homes,
Frere Town Clifton, Karachi.
Email: amarjaleel36@gmail.com
amarjaleel@cyber.net.pk
web: www.amarjaleel.org