هر دلعزيز ٿيڻ جو نسخو
گذريل ڪالم ۾ مون اوهان کي ٻڌايو هو، ته ڪهڙي نموني فدا حسين ڦودنو پنهنجو قلمي ڪتاب سمگل ڪري اسان تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، ۽ پوءِ ڪتاب مان مڙس کي مڄو ڪرڻ وارو باب غائب ڏسي ڪيئن مايو س ٿيو هو.
بهرحال، اسين دوست قديم قلمي ڪتاب ڏسي خوش ٿياسين. اڄڪلهه پشاور يونيورسٽيءَ وارا سنڌ جي قلمي ڪتابن جي ڪڍ آهن. اسان جا بزرگ ڳوڻين ۾ قلمي ۽ ناياب ڪتاب وجهي، تور تي پشاور يونيورسٽيءَ کي وڪڻي ڇڏيندا آهن. فدا حسين جي هٿ ۾ قلمي ڪتاب ڏٺوسين، ته خوش ٿياسين.
پروگرام موجب فدا حسين ڦودني جي زال ڇهن ڪلاڪن لاءِ پنهنجي پيڪي ويئي هئي. ان حساب مطابق، قديم قلمي ڪتاب مان فيضياب ٿيڻ لاءِ اسان کي ساڍن پنجن ڪلاڪن جي مهلت مليل هئي.
سمورو ڪتاب راز، رمزن ۽ نسخن سان ڀريل هيو. مثال طور، خون ڪرڻ کان پوءِ قانون کي گوهي ڪيئن ڏجي، رشوت وٺجي، ۽ ايماندار ڪيئن سڏائجي، جاهل هئڻ جي باوجود عوام جي نمائندگي ڪيئن ڪجي، ۽ چونڊن ۾ ڪامياب ڪيئن ٿجي، وغيره.
ڪتاب جيئن ته بيحد ڪار آمد آهي، پر گڏوگڏ اڻ لڀ به آهي، تنهن ڪري اهڙي ڪتاب مان فيضياب ٿيڻ جو موقعو اوهان کي هر گز نه ملندو. تنهنڪري، عام ڀلائيءَ جي خيال کان، مون جيڪي ڪجهه ان ڪتاب ۾ پڙهيو آهي، هنن ڪالمن ۾ ان باري ۾ لکندس.
اڄ هر دلعزيز ٿيڻ جي باري ۾ ڳالهائبو. (هر دلعزيز جي عبدالعزيز سان ڪابه مائٽي ڪونهي) هر دلعزيز ٿيڻ لاءِ اوهان کي پامسٽري، يعني هٿ جي ليڪن سڃاڻڻ جي ساڃهه پاڻ ۾ پيدا ڪرڻي پوندي. گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي. دوست شناسيءَ جو علم ڪنهن به لوڪ شناس کان حاصل ڪري سگهجي ٿو. لوڪ شناس هٿ نه چڙهي ته ڪنهن فلڪ شناس جي ڳولا ڪجي. هو به جيڪڏهن ڪٿي ملي نه سگهي، ته پوءِ پامسٽريءَ جو ڪو ڪتاب خريد ڪجي ، يا لائبريريءَ مان چورائجي.
هٿ ڏيکارڻ ، ۽ قسمت جو حال معلوم ڪرڻ، هر ڪنهن جي ڪمزوري آهي. اوهان ٻين جي ان ڪمزوريءَ مان باقاعدي فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا. ريل گاڏي ءَ ۾ سفر ڪندي جيڪڏهن اوهان کي بيهڻ جي جاءِ ملي، ته ماڻهن جا هٿ ڏسي، اوهين ويهڻ جي جاءِ حاصل ڪري سگهو ٿا . اهڙي طرح ويهڻ جي جاءِ بدران سمهڻ لاءِ سيٽ هٿ ڪري سگهو ٿا. سموري گاڏيءَ جا ماڻهو اوهان کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا، ۽ پنهنجا پنهنجا هٿ اڳتي ڪري اوهان. کي ڏيکارڻ لاءِ منتظر نظر ايندا.
آفيسر، ڪامورا، واپاري، ۽ وڏيرا به هٿ ڏيکارڻ ۽ قسمت جو حال معلوم ڪرڻ جي چڪر ۾ رهندا آهن. اوهان سولائيءَ سان سندن خوشنودي حاصل ڪري سگهو ٿا. سندن هٿ ڏسندا وڃو، ۽ کين چمڪندڙ ۽ ڪامياب مستقبل جي باري ۾ خوشخبري ٻڌائيندا وڃو. ان قسم جا ماڻهو جڏهن راضي ٿيندا آهن، تڏهن توهان کي ڪنهن بينڪ جو مئنيجر، ڪٿي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڪٿي ليگل ائڊوائزر وغيره ڪرائي ڇڏيندا آهن. هو اوهان کي خاص ۽ خانگي دعوتن تي به گهرائيندا آهن، جتي سندن بيگمون اوهان کي پنهنجا هٿ ڏيکارينديون آهن. تنهن ڪري، اوهين جيڪڏهن هر دلعزيز ٿيڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ علم ادب جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ هٿ جون ليڪون جاچڻ شروع ڪيو. ماڻهو اوهان کي مٿي تي ويهاريندا . ■
1974