ڦندڻ جيئرو آهي
ڪالهه ڦندڻ کي لفافي ۾ ٽائيپ ٿيل هڪ ڪاغذ مليو. ڪاغذ پڙهڻ کان پوءِ، ڦندڻ مونکي سڏ ڪندي چيو،”گدڙ، مان چئن ڏينهن ۾ لکاپتي ٿي ويندس.“
پڇيومانس،”چئن ڏينهن کان پوءِ واچن سان ڀريل ڪا سمگل ٿيل لانچ تنهنجي نالي اچڻي آهي ڇا؟“
جواب ڏنائين،”مونکي خبر ڪونهي.“
پڇيومانس،”ته پوءِ چئن ڏينهن ۾ تون ڪنگال اوچتو ئي اوچتو لکاپتي ڪيئن ٿي پوندين؟ ڪنهن بينڪ کي ڌاڙو هڻندين ڇا؟“
”مون کي ڪا خبر ڪانهي.“ ڦندڻ چيو،”نيدر لينڊ ۾ هڪ پادريءَ کي ڪشف ٿيو آهي، ته دنيا جي ڪجهه ماڻهن کي خوشنصبيءَ واري سلسلي (Chain) ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مان هنن مان هڪ آهيان.“
مان حيران ٿيس. پڇيومانس،”اڙي بدنصيب، تنهنجي خوشنصيبيءَ بابت نيدرلينڊ جي هڪ پادريءَ کي ڪيئن خبر پئجي ويئي؟“
”پادري صاحب کي حقيقت ۾ منهنجي نالي متعلق انڪشاف نه ٿيو آهي .“ ڦندڻ ٽائيپ ٿيل ڪاغذ ڏسندي چيو، ”پادري صاحب کي ڪشف ٿيو آهي، ته خدا جي روشني ماڻهن جا ڏک سور دور ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ تي اچڻ لاءِ آتي آهي، بشرطيڪ، ماڻهو الله ۾ اعتبار رکن. پادري صاحب جو فرمان آهي، ته جيڪو به سندن ڪشف جون ويهه ڪاپيون ٽائيپ ڪرائي ويهن ماڻهن کي پوسٽ ڪرائي موڪليندو، تنهن کي چئن ڏينهن ۾ اجر ملندو ۽ اهو شخص لکاپتي ٿي ويندو.“
کائنس ڪاغذ وٺڻ لاءِ مون هٿ وڌايو. ڦندڻ چيو،”پادرين جي پروپئگنڊا جو نئون نمونو آهي.“
مون کائنس ڪاغذ وٺي، پڙهي ڏٺو. ڪاغذ ۾ نيدر لينڊ جي پادري صاحب فرمايو هو، ته لنڊن جي مسٽر فلاڻي جڏهن هن ڪاغذ جون ويهه ڪاپيون پوسٽ ڪري ڇڏيون، تڏهن چئن ڏينهن کان پوءِ هو چئن لکن پائونڊن جو مالڪ ٿي پيو. ۽ فرانس جي مسٽر فلاڻي هن ڪشف جون ويهه ڪاپيون ڪرائي، پوسٽ رستي ويهن ماڻهن کي موڪلي ڇڏيون، ته اجوري ۾ قدرت وٽان کيس ويهه هزار پائونڊ مليا. ان قسم جا ٻيا ڪيترائي مثال ڏنل هئا. جن ۾ پادري صاحب فرمايو هو، ته جن به حڪم جي پابندي ڪئي، ۽ هن ڪاغذ جون ويهه ويهه ڪاپيون روانيون ڪيون، سي لکاپتي ٿي ويا. کين نوڪريءَ ۾ ترقي ملي، سندن عزت ۽ مرتبو وڌي ويو، وغيره. ڪاغذ جي پڇاڙيءَ ۾ پادري صاحب دڙڪو لکندي فرمايو هو، ته جيڪڏهن ڪو به شخص هن سلسلي کي ٽوڙيندو، يعني ويهه ڪاپيون ڪرائي دوستن، احبابن کي نه موڪليندو، سو مشڪلن ۽ مصيبتن جو شڪار ٿيندو. ان باري ۾ پڻ ڊيڄارڻ لاءِ پادري صاحب مثال ڏنا هئا. آسٽريليا جي مسٽر فلاڻي ويهه ڪاپيون نه موڪليون، تنهن ڪري هو چوٿين ڏينهن مري ويو. نيدر لينڊ جي مسٽر ڍمڪي هيءُ سلسلو ٽوڙي ڇڏيو، تنهن ڪري ريل جي حادثي ۾ منڊو ٿي پيو. هڪڙو ٻيو ناخلف انڌو ٿي پيو. پادريءَ جي ڪشف جي ڪاپي ڦندڻ کي ڪنهن حيدرآباد مان موڪلي هئي.
مون ڦندڻ کي چيو،”پٽ هاڻي قابو ٿيو آهين. اڻ سڌي طرح ڪرستان ٿيءُ، يا مرڻ لاءِ تيار ٿيءُ.“
ڦندڻ پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي آيو، منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. مون کان ڪاغذ وٺي، هڪدم ڦاڙي، ٽڪريون ٽڪريون ڪري، دريءَ مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيائين.
ٻه ڏينهن گذري ويا آهن. ڦندڻ نه مئو آهي. جيئرو آهي. ● ■
1975
● 2012 کان ٽيهه چاليهه سال اڳ هيروئن جو ڪاروبار نه هوندو هو. سون، چاندي، واچون سمگل ٿينديون هيون .