قلم جو جديد استعمال
اسان جو سنگتي، ڌڻي بخش ڌنو، نه فقط پنهنجي بيحد بندري ۽ بيحد ٿلهي زال کان ڊڄندو آهي، پر ڳالهائڻ ۾ فلسفو، فلسفي ۾ منطق، منطق ۾ ابجد، ۽ ابجد ۾ آلجبرا استعمال ڪندو آهي.
هڪڙي ڏينهن سموري سنگت کان پڇيائين، ”قلم جو جديد استعمال ڪهڙو آهي؟ “
ڪنهن جواب ڏنس،” ٽيپ ڏيڻ .“
” ٽيپ هميشھ قلم سان ڏبي آهي. اهو ڪو جديد استعمال ناهي. “ ڌني چيو،” مون کي قلم جو جديد استعمال ٻڌايو. “
هڪ دوست وراڻيو،”پريم پتر، يعني جيڪي Love Letters مجنونءَ ليليٰ کي لکيا هئا، سي سمورا قلم سان لکيا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي، ته انهن ڏينهن ۾ پارڪر ۽ شيفرس قسم جا قلم ايجاد نه ٿيا هئا، تنهن ڪري مجنون ڪاٺي جي ڪلڪ سان پريم پتر لکندو هو. “
ڪنهن چيو،” قلم سان قصيدو لکي سگهجي ٿو. “
”اهو دستور صدين کان هلندو اچي. قلم جو بلڪل جديد استعمال ٻڌايو.“
”ڪنهن جو رڪارڊ خراب ڪرڻ. “
”اهو به ڪو جديد استعمال ناهي.“ ڌني چيو،” قلم جو جديد استعمال ٻڌايو.“
” قلم سان لکين رپين جي ڏيتي ڪري سگهجي ٿي. “
” اهو ڪو جديد استعمال ناهي. “
” ماحول ۾ زهر پکيڙڻ. “
” پراڻي ڳالهه آهي. “
” بليڪ ميل ڪرڻ .“
” بلڪل قديم.“ ڌني چيو،”قلم جو بلڪل جديد استعمال ٻڌايو.“
سڀئي منجهي پياسين . پاڻ م صلاح مشورو ڪيوسين. ڌني جي سوال جو صحيح جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي سين.
ڌني پڇيو ، ”صحيح جواب لاءِ Hint ڏيانو؟”
چيو سين ،” ها“
ڌني چيو،” قلم جي جديد استعمال جو لکڻ سان ڪو به تعلق ناهي.“
” مطلب ته لکڻ کان سواءِ قلم ٻئي ڪهڙي ڪم اچي سگهي ٿو، ائين نه؟ “ فدا حسين پڇيو.
” ها“ ڌني وراڻيو.
ڦندڻ چيو،” قلم اک ۾ ٽنبي، ڪنهن کي ڪاڻو ڪري سگهجي ٿو. “
” ڪجهه ڪجهه ٺيڪ آهي، پر بلڪل صحيح جواب ناهي. “
” قلم سان پٺي کنهي سگهجي ٿي. “
” مڙيئي چڱيرڙو جواب آهي پر صحيح ناهي. “
” قلم سان ڪن مان مر ڪڍي سگهجي ٿي. “
” ٺيڪ آهي صحيح جواب ناهي.“ ڌني چيو،” مونکي بلڪل صحيح جواب گهرجي. قلم جو جديد استعمال ڪهڙو آهي. “
اسان کي صحيح جواب سجهي نه آيو. هٿيار ڦٽا ڪياسين.آڻ مڃي سين. ڌني کي عرض ڪيوسين، ته قلم جو جديد استعمال ٻڌائي اسان جي علم ۾ اضافو ڪري.
ڌني اسان کي قلم جو جديد استعمال ٻڌايو. چيائين،” قلم کي اڳٺ ڪاٺڙي، يعني اڳٺ وجهڻيءَ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. “ ■
1974