ڦندڻ IN درساڻو ڇنو
ڪراچيءَ کان ٽيهه ميل پري سنڌين جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهنجو نالو درساڻو ڇنو آهي. گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي، جو ڇٽي ڇماهيءَ، ڪڏهن ڪو ڪامورو، ڪڏهن ڪو سياستدان، ڪڏهن سماجي بهبود جو ڪو ٺيڪيدار، ۽ ڪڏهن ڪو صحافي ڪشالا ڪڍي ڳوٺ درساڻي ڇني کان وڃي نڪرندو آهي، ۽ ڳوٺ وارن جا ڏک ڀريا احوال ٻڌي روئي پوندو آهي، ۽ پوءِ جيستائين ان ڳوٺ ۾ هوندو آهي، روئندو رهندو آهي، ايترو روئندو آهي، جو ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ، شهر ڏانهن موٽڻ کان پوءِ، پنهنجن پڪن گهرن، محلن، ماڙين ۽ بنگلن ڏانهن موٽڻ کان پوءِ به روئندو رهيو آهي. اڪثر ائين ٿيندو آهي جو کائنس، گهڻي روئڻ ۽ دماغي صدمي سبب درساڻي ڇني جو نالو وسري ويندو آهي.
اسان جو دوست ڦندڻ به ستارن جي گردش سبب ڳوٺ درساڻي ڇني کان وڃي نڪتو، ڦندڻ نه فقط عامل صحافي آهي، پر ڪامل صحافي به آهي، هو جڏهن ڳوٺ درساڻي ڇني پهتو، تڏهن روئي نه سگهيو، ڇو جو اتي روئڻ هن فضول سمجهيو، هن سوچيو، ته هو جڏهن شهر موٽي ويندو، تڏهن ايترو روئندو. ايترو روئندو، جو ملڪ ٻوڙي ڇڏيندو، سو، اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ بلڪل ائين ئي ڪيو. هو ڳوٺ درساڻو ڇنو جي ڳوٺ وارن آڏو نه رنو. هن ساڻن ڪو به واعدو نه ڪيو. هن کين، پڪي رستي، اسڪول، اسپتال، بجلي، پاڻي، صفائيءَ، پوسٽ آفيس، ۽ تار گهر لڳرائي ڏيڻ جا آسرا نه ڏنا. خواب نه ڏيکاريا. هن کانئن ووٽ نه گهريو، پر لسيءَ جو گلاس گهريو، جيڪو کيس هڪدم مليو. لسي پيئڻ کان پُوءِ اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڳوٺ وارن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڦندڻ اڪيلو هو ۽ ڳوٺ وارا سرس هئا، تنهن ڪري سندس گفتگو سلسليوار نه هئي. بس، هنن ڳالهايو پئي.
”ادا اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي ناهي، سامهون ٻيا ڳوٺ ويجهڙائي ۾ اڏيا آهن ۽ اتي مينهن جي واڙي ۾ به بجلي آهي، پر اسان وٽ ناهي.“
ڦندڻ وراڻيو، ”بجلي تمام بري شيءِ آهي. جتي ٻرندي آهي، اتي روشني ٿيندي آهي، روشني دماغي صحت لاءِ نقصان ڪار آهي. ماڻهوءَ ۾ سوچڻ جي بيماري لڳي ويندي آهي. تنهن ڪري توهين خوش نصيب آهيو، جو اوهان جي ڳوٺ ۾ بجلي ناهي.“
”ڀائو اسان وٽ پاڻي به ناهي.“
ڦندڻ چيو،”پاڻي به چڱي شئي ناهي. اڄ ڪلهه پاڻيءَ ۾ مئل ڪتا، ڪوئا، ۽ ٻليون عام جام هونديون آهن. اهڙو پاڻي پيئڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو اڃ مري. اهڙو پاڻي فقط ٻڏي مرڻ جي ڪم ايندو آهي، يا ڪراچي شهر وارن جي پيئڻ جي . رڳو ڪراچي شهر وارا اهڙو پاڻي هضم ڪري سگهندا آهن. ٻيو ته پاڻيءَ ڪري پوسل، ۽ مڇر به جام ٿيندا آهن ۽ ننڊ آرام حرام ڪندا آهن. تنهن ڪري توهين خوشنصيب آهيو جو اوهان وٽ پاڻي به ناهي.“
”اسان وٽ پوسٽ آفيس به ناهي.“
”پوسٽ آفيس معاشري جي عام اخلاق لاءِ خراب آهي.“ ڦندڻ وراڻيو، ”پوسٽ آفيس هوندي ته ماڻهو هڪٻئي کي دڙڪن ۽ گارين جا خط لکندا. ڇوڪرا ڇوڪريون هڪ ٻئي کي Love Letters لکندا. مائٽن جي مٿي جو سور ٿيندا. تنهن ڪري توهين خوشنصيب آهيو جو توهان وٽ پوسٽ آفيس به ناهي.“
”اسان جي ڳوٺ ۾ اسپتال به ناهي.“
”اها خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي.“ ڦندڻ چيو، ”جتي اسپتال نه هوندي آهي، اتي ماڻهو وڏي عمر تائين جيئرا رهندا آهن، جتي اسپتالون هونديون آهن. اتي ماڻهو ڄمڻ شرط مري ويندا آهن. شهرن ۾ اسپتالون هونديون آهن، تنهن ڪري اتي هڪ به جيئرو ماڻهو نه هوندو آهي، رستن تي جيڪي ماڻهو نظر ايندا آهن، سي بدروح هوندا آهن. توهان جو ڳوٺ درساڻو ڇنو بد روحن کان بچيل آهي.“
ڳوٺ وارا اسانجي عامل ڪامل صحافي دوست جي گفتگوءَ مان خوش ٿيا. ■
1973