وقت جو انتقام
ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تان ڪجهه نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گاڏي ۾ اچي چڙهيا. چڙهڻ شرط گاڏو مٿي تي کڻي ڇڏيائون. ڏيک ويک مان ڪنهن ڪاليج، يا يونيورسٽيءَ جا شاگرد پئي ڏٺا. اسان جي سامهون خالي سيٽ تي اچي ويٺا. پنهنجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ حرڪتن مان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون، ته کانئن اڳ ڪوبه ماءُ جو ڄائو شاگرد نه هو، ۽ نه هوندو. بس هو شاگرد آهن. ڏسڻ جي شيءِ آهن! سندن گوڙ گهمسان تي گاڏي جي مسافرن ڪنڌ ورائي ڏانهن ڏٺو . هو ٽانءِ ۾ ڀر جي ويا. هٿن مان نڪتا ٿي ويا.
منهنجي ڀرسان منهنجو گم ٿيل دوست فدا حسين ڦودنو ويٺو هو. فدا حسين ٻوڙ نه هاريندو آهي. ٻوڙ ۾ ڪچو ڦودنو وجهي کائيندو آهي. دوستن يڪ راءِ فيصلو ڪيو ته فدا حسين جو نالو ڦودنو رکيو وڃي. بس ! مٺائي ورهائي، فدا حسين جي نالي سان ڦودني جو اضافو ڪيو ويو. اڄ ڪلهه هر ڪو دوست کيس فدا حسين ڦودنو سڏيندو آهي. فدا حسين جو ذڪر جيئن ته پهريون دفعو ڪيو اٿم، تنهن ڪري سندس هڪڙي ادا جي باري ۾ توهان کي ضرور ٻڌائيندس. فدا حسين ڦودنو جڏهن ملندو آهي، تڏهن روز ملندو آهي. پوءِ اوچتو الوپ، يعني گم ٿي ويندو آهي. هو جڏهن يونيورسٽيءَ جو ايٿليٽڪ چيمپئن هوندو هو. تڏهن مقابلي کان ڪجهه دير اڳ گم ٿي ويندو هو، ۽ پوءِ اوچتو عين موقعي تي ڪٿان اچي نازل ٿيندو هو. تنهن ڪري اسين کيس گم ٿيل به سڏيندا هئاسون، ۽ هينئر به سڏيندا آهيون.
فدا حسين ڦودني الٽرا ماڊرن قسم جي شاگردن ڏانهن ڏسندي چيو، ”هي هر لمحي پاڻ کي سمارٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، اجايو بور ڪندا. هل ته ٻئي ڪنهن گاڏي ۾ هلي ٿا ويهون.“
فدا حسين ڦودنو اٿي بيٺو.
مون کيس سَٽ ڏيئي ويهاري ڇڏيو، چيم،” ڦودنا، تو پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ماڻهن جو نڪ ۾ دم ڪيو هو. اڄ پٽ ماٺ ڪري ويهه، ۽ وقت جو انتقام ڏس. “
ڦودني پڇيو، ” ڇا جو انتقام؟“
وراڻيم،” ڪو زمانو هو جڏهن تون به پاڻ کان سواءِ ڪنهن کي شاگرد نه سمجهندو هيئن ۽ هٿن مان نڪتو ويندو هئين. اڄ تون شاگرد نه رهيو آهين. تنهنجي سامهون شاگرد ويٺا آهن، ماٺ ڪري ويهه. ڪجهه عرصي کان پوءِ هي به شاگرد نه رهندا، هنن جي سامهون ٻيا ڪي شاگرد اچي ويهندا. اهو وقت جو انتقام آهي .“
شاگرد پاڻ ۾ مرد ۽ عورت جي تخليقي قوتن جي باري ۾ بحث ڇيڙي ويٺا. هڪڙي ڇوڪري، ڇوڪرين ڏانهن ڏسندي چيو ”مرد جي تخليقي ۽ فني ڏات جو عورت مقابلو ڪري نه ٿي سگهي. تاج محل مرد ٺاهيو آهي. موناليزا به هڪ مرد جي تخليق آهي. شيڪسپيئر مرد هو. ملٽن مرد هو. چارلس ڊڪنس مرد هو . مون کي ڪنهن به هڪ عورت جو نالو ٻڌايو، جيڪا اهڙي ڏات واري هجي.“
ڇوڪريون منجهي پيون. ڇوڪرن پنهنجي ڪاميابيءَ تي ٽهڪ ڏنا .
جنهن ڇوڪري دليل ڏنو هو، تنهن سان ڳالهايم. چيم،”مون کي ڪجهه چوڻ جي اجازت آهي؟“
ڪجهه حيرت مان وراڻيائين،”ها،ها.ڀلي!“
”تاج محل، ليونارڊ اونشيءَ جي موناليزا، ڊڪنس جا ناول، ملٽن جي شاعري ۽ شيڪسپيئر جا ڊراما؛ اها تخليق اوچتو نه ٿي آهي مرد جي فني تخليق جي پٺيان، پس منظر ۾ ڪا نه ڪا عورت ضرور هوندي آهي!“ چيم،”سندس زندگيءَ ۾ آيل پهرين عورت سندس ماءُ هوندي آهي، جنهن جي پٺيان هو جنم وٺندو آهي.“ ■
1974