ٻولين جو به مذهب هوندو آهي ڇا؟
ڦندڻ ڊوڙندو آيو، هو منهنجو جگري دوست آهي. هو جڏهن به ڪو عجب اسرار ڏسندو آهي، حيران ٿيندو آهي، يا پريشان ٿيندو آهي، تڏهن ڊوڙندو آهي، ڊوڙندي ڊوڙندي يار ڪنهن سنگتيءَ جي گهر وڃي نڪرندو آهي.
ٽيون ڏينهن، يعني 7 جولاءِ (1972) جمعي ڏينهن شام جو ڦندڻ مون وٽ ڊوڙندو آيو.
ساهه جائيتو ڪرڻ کان اڳ چيائين،”اسيمبليءَ مان هڪ عجيب خبر ٻڌي آيو آهيان.“
پڇيومانس،”ڪهڙي؟“
وراڻيائين، ”مخالف ڌر جي اڳواڻ جي واتان اها ڳالهه ٻڌي آيو آهيان.“
چيم، ”مان عجيب خبر ٻڌڻ سان دلچسپي رکان ٿو؛ عجيب خبر جي ذريعي سان نه. تون خبر ٻڌاءِ.“
چيائين، ”صاحب موصوف فرمايو ته اڙدو مسلمانن جي زبان آهي، ۽ سنڌي به مسلمانن جي زبان آهي.“
وراڻيم، ”مون کي اڙدوءَ جي باري ۾ ڪا خبر ناهي ته هندو آهي يا مسلمان، يا سک آهي يا عيسائي. پر مون کي اها خبر آهي ته سنڌي ٻولي مسلمان ناهي. سنڌي ٻولي فقط مسلمانن جي ٻولي ناهي.“
”پر هن صاحب ته. . . . .“ ڦندڻ جملو پورو نه ڪيو.
”سنڌي زبان بنيادي طرح هڪ جاگرافيائي ايراضيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻولي آهي، ۽ سندن علم ۽ ادب، تمنائن ۽ احساسن جي اظهار جو ذريعو آهي،“ وراڻيم، ”پرمانند ميوا رام جو نالو ٻڌو اٿئي؟“
”ها. هن سنڌيءَ ۾ پهريون دفعو مڪمل ۽ جامع سنڌي انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي ڊڪشنريون تيار ڪيون هيون.“
”ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو نالو ٻڌو اٿئي؟“
”ها. هن ڊاڪٽر دائود پوٽي سان گڏ شاهه لطيف جي رسالي تي کوجنا ڪئي هئي.“
”ڪلياڻ آڏواڻي؟“
”شاهه جو عاشق ۽ محقق. تمام سهڻي رسالي کي مرتب ڪندڙ.“
”ڀيرومل مهر چند آڏواڻي؟”
”سنڌي تاريخ جو مصنف!“
”۽ ساميءَ جو نالو ٻڌو اٿئي؟“
”شاهه ۽ سچل سان گڏ ساميءَ جو نالو ايندو آهي.“
ڦندڻ منجهي پيو.
پڇيائين، ”اڙدو مسلمانن جي ٻولي آهي ته پوءِ ڪرشن چندر ڪير آهي؟“
وراڻيم، ”اڙدوءَ جو عظيم افسانه نگار.“
”پر هو هندو آهي.“
”تڏهن به اڙدوءَ جو سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار آهي.“چيم،”راجيندر سنگهه بيديءَ جي ڀيٽ جو ٻيو اڙدو ڪهاڻيڪار آهي، خاص ڪري مسلمان؟“
”راجيندر سنگهه بيدي نه فقط غير مسلمان آهي، پر هو سک به آهي.“ منجهندي ڳالهايائين.
وراڻيم، ”سرلا ديوي ۽ رام لعل به مسلمان ناهن، پر هو اڙدوءَ جا وڏا ڪهاڻيڪار آهن.“ چيم، ”ٻوليءَ کي مذهب جي دائري ۾ قيد ڪري نه ٿو سگهجي. مان نه ٿو سمجهان ته ڪو هوشمند انسان منشي پريم چند کي فقط انڪري اڙدو ادب مان خارج ڪري ڇڏيندو جو هو هندو هو. ساڳي طرح منگهارام ملڪاڻي ۽ موهن ڪلپنا سنڌي ادب جي تاريخ جو لازمي حصو آهن.“
ڦندڻ چيو،”تنهنجا خيال سچي پاڪستانيءَ جا خيال نه ٿا لڳن.“
چيم،”اڙدو سنڌ جي تاريخي ثقافتي ۽ مادري ٻولي آهي.“
”تون ٺٺولي پيو ڪرين!“
”ٺٺولي وري ڪيئن! مالڪ پنهنجو حق وٺڻ آيا آهن.“
”ڇا جو حق!“
”ته سنڌ صوبي جي تاريخي، ثقافتي، فطري، مادري ۽ جاگرافيائي زبان اڙدو آهي.“
ڦندڻ پريشان ٿيو آهي، چوي ٿو، پنجابي ٻوليءَ لاءِ پنجاب ۽ بلوچي لاءِ بلوچستان آهي، ته پوءِ اڙدوءَ جي لاءِ اُڙدي صوبو هئڻ گهرجي. سنڌ جو نالو اُڙدي رکي اڙدوءَ کي صوبي جي صوبائي يا سرڪاري زبان قبول ڪيو وڃي. جيڪڏهن هن صوبي جو نالو سنڌ هوندو ته پوءِ لازمي طرح سنڌ سرڪار يا صوبائي زبان سنڌي ٿيندي. “
ان وقت ٻاهران لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٻڌڻ ۾ آيو: اڙدو جي حمايت ۽ سنڌيءَ جي مخالفت ۾ سڀاڻي مڪمل هڙتال.
ڦندڻ چيو،”ڪوئن کي ڪيمرائون، مائيڪروفون ۽ پريسون هٿ ۾ آهن. ساڍا ٽي سيڪڙو هليا آهن هڙتال ڪرائڻ!“ ● ■
ِ 1972ع