حسين دڙڪو
اڄ ڪلهه ڊرامن جي موسم هلي رهي آهي. موسم آهر مان پنهنجو ڊرامو پيش ڪريان ٿو. هي ڊرامو واڪ آئوٽ، يا واڪ اِن؛ مرڻ يا مارائڻ جو ڊرامو ناهي. منهنجو ڊرامو سپينس ڊرامو آهي، جنهن کي فلم پروڊيوسر سپينڊ سڏيندا آهن.
ڊرامي پيش ڪرڻ کان اڳ هڪ وضاحت ضروري سمجهان ٿو. منهنجو هيءُ ڊرامو ايندڙ چونڊن لاءِ منهنجي”ورڪ“ جي هڪ ڪڙي ناهي، خدا ۽ خدا جو رسول ٿو ڄاڻي ته مونکي ايندڙ چونڊن ۾ بيهڻ جو ڪو ارادو ناهي. مان ڪنگلو بادشاهه آهيان. مان وڏيرو ناهيان. منهنجي ٽنڊ تي ڪراڪلي ٽوپي رکيل ناهي. مون پنهنجا هاري ناري مارايا ناهن. مون پنهنجي تر ۾ ماڻهن کي هيسائيڻ لاءِ مٿن ڪوڙا ڪيس نه ڪرايا آهن. تنهنڪري، منهنجي ڊرامي مان پڙهندڙ، مهربانو ۽ قدر دانو، اوهين ڀليءَ ڀت سمجهي ويا هوندا، ته مونکي ايندڙ چونڊن ۾ بيهڻ جو ڪو به ارادو ناهي. پر، سڀ کان وڏي ڳالهه ته مان چونڊن ۾ بيهڻ جو حق به نه ٿو رکان.
هينئر ڊرامو پيش ڪجي ٿو.
مان آفيس ۾ ويـٺو هوس. ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. منهنجي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ رسيور کڻي چيو،”مان ڦندڻ پيو ڳالهايان.“
ڦندڻ رسيور مان ڪو جواب ٻڌو، هڪ دم رسور مون کي ڏيندي چيائين،”مان سمجهان ٿو ڪو گهوڙو توسان ڳالهائڻ ٿو چاهي.“
مون ڦندڻ کان رسيور وٺي ڪن تي رکندي چيو،”مسٽر گهوڙا، مان اهو پيو ڳالهايان جنهن سان تون ڳالهائڻ چاهين ٿو.“
بيحد کهرو، اڻوڻندڙ، ۽ هڻڪڻ جهڙو آواز آيو،”تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي، اسين تنهنجو دماغ درست ڪنداسين. اڄ، آفيس مان نڪرڻ کان پوءِ تنهنجو خير ناهي.“
”خير محمد ڪمپازيٽر موجود آهي، مسٽر گهوڙا.“ چيم،”ساڻس ڳالهائيندين؟“
ڳالهائيندڙ گهوڙي خارن مان فون بند ڪري ڇڏي. مون گهوڙي جي گفتگو کان ڦندڻ کي آگاهه ڪيو. ڦندڻ چيو،”ممڪن آهي گهوڙو سنڌ جي ڪنهن روحاني رهبر جو چيلو يا ڇيلو هجي، ۽ توکي ماريندي ويرم نه ڪري، تنهن ڪري بک مري جيڪي ڪتاب ورتا اٿئي، سي مونکي ڏيئي ڇڏ.“
هڪ ڪوري ڪاغذ تي صحيح ڪري، ڪاغذ ڦندڻ کي ڏيندي چيم،”منهنجي مرڻ کان پوءِ هن ڪاغذ تي جيڪي وڻيئي سو لکي وارث ٿجانءِ .“
ڦندڻ ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيو.
ٽيليفون تي گهوڙي سان ڪيل گفتگو مون وساري ڇڏي.
سانجهي ٽاڻي جڏهن آفيس مان نڪري بندر روڊ تي اچي بيٺس، تڏهن اوچتو هڪ مرسڊيز ڪار مونکي ذري گهٽ چيٿاڙيندي اڳ نڪري ويئي، مون ڪنڌ ورائي نهاريو. ڏٺم، ته ڪار هڪ ڇوڪري هلائي رهي هئي ۽ سندس ڀرسان پڻ هڪ ٻئي ڇوڪري ويٺي هئي.
ايتري ۾ بولٽن مارڪيٽ کان ٽرام آئي، مان ٽرام ۾ چڙهي ويٺس. ڪجهه اڳتي هلي منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته ساڳي مرسڊيز ڪار ٽرام سان گڏوگڏ ڊوڙي رهي هئي، ڪار ۾ ويـٺل ٻئي ڇوڪريون رکي رکي مون ڏانهن ڏسي رهيون هيون. اوچتو مونکي ٽيليفون تي گهوڙي سان ڪيل گفتگو ياد آئي.
ٻئي ڇوڪريون صدر تائين ٽرام جو پيڇو ڪنديون آيون. صدر ۾ جهانگير پارڪ وٽ ٽرام مان لٿس. مرسڊيز ڪار منهنجي بنهه سر تي چڙهي آئي، جيڪا ڇوڪري ڪار هلائي رهي هئي تنهن اٻهرائيءَ مان چيو،”پيرن مرشدن جي باري ۾ لکڻ ڇڏي ڏي، نه ته توکي ريپ ڑRape جي ڪيس ۾ ٻڌرائي ڇڏينديون سين.“
مون حيرت مان ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو. ■
1973