کَـلَ
فدا حسين ڦودني موجوده صديءَ جي سڀ کان اهم خبر ٻڌائيندي چيو،”اسان جي شهر ۾ هڪ اهڙو واپاري آيو آهي جنهن وٽ مختلف جانورن جون کلون آهن. ماڻهو کانئس ضرورت ۽ گهرج آهر کلون وٺي رهيا آهن.“
”ماڻهن جي ڳالهه نه ڪر، تون پنهنجي ڳالهه ڪر.“
مون ڦودني کان پڇيو،”تون به ڪنهن جانور جي کل وٺي پائڻ جي موڊ ۾ آهين ڇا!“
ڦودني چيو، ”اسان ٻنهي کي ڪنهن نه ڪنهن جانور جي کل وٺي پائڻ گهرجي.“
پڇيم،”ڪهڙي خيال کان؟“
جواب ڏنائين،”پنهنجي کل بچائڻ جي خيال کان.“
ڦودني جي ڳالهه مونکي دل سان لڳي. مون سوچيو پنهنجي کل بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين ظاهري طرح ٻي ڪا کل پائي ڇڏيون.
مون فدا حسين ڦودني کان پڇيو،”واپاريءَ وٽ ڪهڙن ڪهڙن جانورن جون کلون آهن؟“
”ٻڌو اٿم سيهڙ کان کان وٺـي شينهن تائين هر هڪ جانور جي وٽس کل آهي.“ ڦودني چيو،”منهنجو خيال آهي ته پاڻ واپاريءَ سان ملي هن جي مشوري ۽ صلاح سان ڪا کل خريد ڪريون.“
فدا حسين ڦودنو ۽ مان واپاري ڏانهن وياسين. هن وٽ مختلف جانورن جون کلون ڏسي منهنجو عقل چرخ ٿي ويو. هن وٽ هڪ کل واڳوءَ جي به هئي!
هن مختلف جانورن جون کلون ڏيکاريندي چيو،”هيءَ کل لومڙ جي آهي. هيءَ کل اڄ ڪلهه ماڻهن ۾ مقبول ناهي.“
پڇيم،”ڇو؟“
جواب ڏنائين.”لومڙن پنهنجون کلون لاهي، سيهڙن جون کلون کڻي پائي ڇڏيون آهن. هو ڪم لومڙن واري مڪاريءَ جا ڪندا آهن، پر لڳندا سيهڙ آهن.“
چيم، ”واهه جا ڳالهه ٻڌائي اٿئي.“
هن ڦودني کي چيو، ”تون ڀولڙي جي کل وٺي پائي ڇڏ. سستي ڏيندو مانءِ.“
”يار ڪمال ٿو ڪرين!“ ڦودني چيو،”مان ڀولڙي جي کل ڇو پايان.“
واپاريءَ چيو،” ڀولو نقل ڪري سگهندو آهي، سوچي نه سگهندو آهي. اڄ ڪلهه انهن جو قدر آهي جيڪي نقل ته ڪري سگهندا، پر سوچي نه سگهندا آهن.“
مون ڦودني کي چيو، ”واپاري ٺيڪ پيو چوي. تون ڀولڙي جي کل وٺي پائي ڇڏ. ڏاڍو ڀانءِ پوندين.“
ڦودني مون کان پڇيو، ”تون ڪهڙي جانور جي کل وٺندين؟“
چيم، ”مان ڪنهن اهڙي جانور جي کل وٺي پائيندس جنهن جي پائڻ سان مان وفادار نظر اچان.“
”تون ٺيڪ پيو چوين.“ ڦودني واپاريءَ کي چيو،”منهنجي هن دوست تي الزام آهي ته هي غدار آهي، وفادار ناهي. تون کيس ڪنهن اهڙي جانور جي کل ڏي جنهن جي پائڻ کان پوءِ هيءُ وفادار نظر اچڻ لڳي.“
واپاري چيو، ”مون وٽ هڪ ڪتي جي کل آهي.“
”ڇا،“ مون کان رڙ نڪري ويئي.
واپاريءَ چيو،”دنيا ۾ سڀ کان وفادار جانور ڪتو آهي. جنهن ڪتي جي کل مان توکي وڪڻي رهيو آهيان. تنهن ۾ هڪ اهڙو پڇ به لڳل آهي جيڪو خوامخواهه لڏندو رهندو آهي.“
ڦودني سڙٻاٽن ۾ چيو، ”اهڙي ناياب ڪتي جي کل وٺي پائڻ کان پوءِ تون پنهنجي کل سولائيءَ سان بچائي سگهندين.“ ■
1976