درٻارين جو معاشرو
اسان جو معاشرو بنيادي طرح درٻارين جو معاشرو آهي، اهڙي معاشري ۾ مون درٻار ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. پر مونکي صحيح معنيٰ ۾ درٻار نظر نه آئي. مان حيران ٿيس. درٻار کان سواءِ درٻارين جي موجودگي سمجهه ۾ نه پئي آئي. دل ٻڌايو پئي ته درٻارين ۽ خوشامندڙين جي معاشري لاءِ ڪٿي نه ڪٿي، ڪا درٻار ضرور هوندي.
درٻارين لاءِ ڪنهن درٻار جو هئڻ ائين لازمي آهي، جيئن عابدن ۽ پوڄارين لاءِ مسجدون ۽ مندر. مون گهڻي ڳولا ڪئي. درٻار نظر نه آئي، مان مايوس ٿي پيس. اهو صحيح آهي ته حساب ڪتاب ۾ جڏو آهيان. مون کي ڪيترا دفعا جاسوسي ڪرڻ لاءِ آڇ ٿي آهي. پر مون قبول نه ڪئي. مان شرلاڪ هومز جو رقيب واٽسن نه آهيان. مان هڪ ديسي اخبار جو ديسي ڪالمسٽ آهيان ۽ پرديس وڃڻ لاءِ سانڀاها ڪري رهيو آهيان.
پنهنجي درٻاري معاشري لاءِ درٻار جي ڳولا ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مون آپگهات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر ان کان اڳ جو مان خودڪشيءَ ڪريان، منهنجي جگري دوست ڌڻي بخش ڌني منهنجي لاءِ چئن هفتن جي تربيتي ڪورس جو بندوبست ڪيو ۽ چيو ته ان ڪورس ۾ تربيت وٺڻ کان پوءِ مون تي پنهنجي معاشري جي درٻارين ۽ سندن درٻارن جو راز کلي پوندو.
ڌڻي بخش ڌني طرفان آڇيل تربيتي ڪورس ۾ سکيا وٺڻ کان پوءِ مون تي درٻارين ۽ درٻارن جو راز عيان ٿي پيو آهي.
اوهين ڪنهن ڪم سانگي ڪنهن آفيس ۾ ته ضرور ويا هوندا! آفيس ۾ پٽيوالو، ڪلارڪ جي خوشامد ڪندو آهي. ڪلارڪ، اسسٽنٽ جي خوشامد ڪندو آهي. اسسٽنٽ، سپرنٽيندنٽ جي خوشامد ڪندو آهي. سپرنٽيندنٽ سيڪشن آفيسر جي خوشامد ڪندو آهي. ڊپٽي سيڪريٽري جي خوشامد ڪندو آهي. ڊپٽي سيڪريٽري جوائنٽ سيڪريٽري جي خوشامد ڪندو آهي. جوائنٽ سيڪريٽري وري ايڊيشنل سيڪريٽري جي خوشامد ڪندو آهي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري وري سيڪريٽريءَ جي خوشامد ڪندو آهي.
مٿيون سلسلو جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ مروج آهي، ته پوءِ سيڪريٽري صاحب ويچارو چيف سيڪريٽري جي خوشامد ڪندو آهي ۽ چيف سيڪريٽري.؟ ڇڏيو ان ڳالهه کي. اجايو وري نه ڪنهن ڏچي ۾ پئجي وڃان. مسين مسين ته هٿ پير ٻڌي مصيبتن مان جند ڇڏائي اٿم!.
صاحبلوڪن جا ڪجهه ملازم وڏي لئه رکندا آهن، خدا جي خلق صاحبلوڪن جي اهڙن ملازمن جي خوشامد ڪندي آهي. صاحبلوڪن جا ڊرائيور يعني شوفر خاص شيءِ ٿيندا آهن. هو صاحبلوڪن لاءِ جاسوسي ڪندا آهن ۽ صاحبلوڪ سندن ڳالهه تي خاص طور سان ڌيان ڏيندا آهن. اهو جو اوهين هفتي ڏيڍ کان پوءِ ڪنهن جي ڊسمس يا سسپينڊ ٿيڻ جي خبر پڙهندا آهيو، ته ان خبر پٺيان اصل ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڊرائيور يا بورچيءَ يا اردليءَ جو هٿ هوندو آهي.
خوشامد جو ڪو ڇيهه ڪونهي. خوشامند درٻارين جو ورثو آهي. اسان جون آفيسون اصل ۾ درٻارون آهن، جتي موجود هرڪو شخص ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ درٻاريءَ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. جيڪو شخص درٻاري ٿيڻ قبول نه ڪندو آهي ۽ معاشري سان ويڙهه کائيندو آهي، تنهنکي، درٻارين جي معاشري ۾ Misfit سڏيو ويندو آهي. ■
1976