ٻڪر ۽ مان
ڪالهه شام ميڪيلوڊ روڊ ● تان لنگهندي هڪ ٻڪر ڏٺم، ٻڪر بدن ۾ پورو پنو هو، ۽ سندس سڱ ننڍڙا ۽ ڪاتن جهڙا هئا. رنگ عام رواجي ٻڪرن جهڙو هوس. چنهنبائي، تکن ۽ ڪاتن جهڙن سڱن کان سواءِ ظاهري طرح مونکي ان ٻڪر ۾ ڪا به نمايان خصوصيت نظر نه آئي. کيس پريس ٽرسٽ بلڊنگ جي ٻاهران بيگانن وانگر بيٺل ڏسي، مان بيهي رهيس. ۽ ڪجهه ڪجهه اچرج وچان ڏانهس ڏسڻ لڳس.
ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ڪنهن ٻڪر جو سڙڪن تي بنا مالڪ جي بيگانن وانگر نظر اچڻ، حيرت انگيز منظر آهي، هن شهر مان بيگانا ماڻهو ته ڇڏيو، بيگانا فرشتا به کڄي ويندا آهن! اهڙي شهر ۾ هڪ ٻڪر جو ميڪليوڊ جهڙي رستي تي بيگانن وانگر نظر اچڻ، مونکي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي مان ٻڪر ڏانهن ڏسڻ لڳس. ٻڪر هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ کان پوءِ بينيازيءَ سان هلندو، منهنجي پاسي ۾ اچي بيـٺو. مون دل ۾ سوچيو، ته هن ٻڪر پڪ مونکي پنهنجو مائٽ سمجهيو آهي، تنهن ڪري منهنجي پاسي ۾ اچي بيٺو آهي! مون کيس کيڪاريندي چيو،”مائٽ، خوش ته آهين نه!“
ٻڪر ڪرڙي اک سان مون ڏانهن ڏٺو. پوءِ پڇيائين، ”تون ان شخص جو دوست آهين نه جنهن جي زال بيحد بندري، ۽ بيحد ٿلهي آهي؟“
”ها.“ وراڻيم،”مان فدا حسين ڦودني جو دوست آهيان.“
”مون کي هن جي تلاش آهي.“ ٻڪر چيو،”مان ڦودني کي ماريندس.“
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ٻڪر کان پڇيم.”ڦودني تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو هن جي ڪڍ کُر ڌوئي پيو آهين؟“
ٻڪر وراڻيو، ”هن مون کي عضحيٰ واري عيد ٿي پنهنجي بيحد ٿلهي ۽ بيحد بندري زال جي نالي ۾ قربان ڪرڻ لاءِ خريد ڪيو هو. اها ڪا اشرافت آهي!“
چيم،”قرباني ڪرڻ ته ثواب آهي.“
”تون سمجهين ٿو ته قيامت ڏينهن ڦودني جي ڀوائتي زال کي کڻي مان پل صراط پار ڪري سگهندس! ڪري نه پوندس!“ ٻڪر چيو، ”تنهنجي دوست کي پنهنجي زال لاءِ هاٿيءَ جي قرباني ڏيڻ گهرجي.“
”ته تون اهو ٻڪر آهين، جنهن کي فدا حسين پنجن سون ۾ ٻڪرا پڙيءَ مان خريد ڪيو هو؟“
”ها. مان اهو ئي ٻڪر آهيان، ۽ مونکي تنهنجي دوست جي تلاش آهي.“
”هن کي وري تنهنجي تلاش آهي.“ ٻڪر کي ٻڌايم، جڏهن کان تون رسي ڇنائي ڀڳو آهين، تڏهن کان فدا حسين ڦودنو دربدر آهي.
ٻڪر پڇيو،”ڇو دربدر آهي؟“
وراڻيم، ”ڦودني جي زال جو خيال آهي ته تون ڦودني جي غفلت سبب فرار ٿي ويو آهين.“
ٻڪر کليو، چيائين،”چڱي سزا ملي اٿس.“
مون ڪنهن به ٻڪر کي اڳ ڪڏهن کلندي نه ڏٺو هو. حيران ٿيم، ٻڪر کان پڇيم، ”يار دلفريب ٻڪر، تون کلي به سگهين ٿو.“
”ها. مان کلي به سگهندو آهيان.“ ٻڪر پڇيو، ”هڪ ٻڪر کي ڳالهائيندي ڏسي تون نه ڊنو آهين، ۽ نه ئي اچرج ۾ پيو آهين“
”اسان جي ملڪ ۾ ٻڪر ڳالهائيندا آهن.“ چيم، ”اها ٻئي ڳالهه آهي، ته ٻڪرن جو ڳالهائڻ ڪو به ٻڌي نه سگهندو آهي.“ ■
1977
● زور آورن ميڪليوڊ روڊ جو نالو مٽائي چندريگر روڊ رکي ڇڏيو آهي.