ڪالم / مضمون

فداحسين ڦودني،ڌڻي بخش ڌني ۽ ڦندڻ جا ڪالم

هي ڪتاب ”فدا حسين ڦودني، ڌني بخش ڌني ۽ ڦندڻ جا ڪالم“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
امر جليل لکي ٿو :”هن ڪتاب جي تحريرن ۾ ٽيهه چاليهه سال پراڻي سنڌ جي ثقافتي ۽ سياسي تاريخ جا اولڙا ۽ عڪس آهن، هنن تحريرن ۾ سنڌ جي زوال جو تسلسل آهي، جيڪو اڄ تائين نهايت پابنديءَ سان جاري آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 5230
  • 1893
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Fi Hussain Fodny Dhani Bakhsh Dhany & Fundan Ja column

زلزلو

زلزلو

ڌڻي بخش ڌني جو هڪ مامو ڏاهو آهي. ڏاڍو مشهور آهي. ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو آهي. ڳجهارتون سليندو آهي، پوشيده رازن تان پڙدو کڻندو آهي. مطلب ته ڌڻي بخش ڌني جو مامو غضب جو ڏاهو آهي.

هيءَ ڪالهوڪي آهي.
ڌڻي بخش ڌنو مون وٽ آيو. چيائين، ”جاتيءَ ۾ ڌرتيءَ جو ڌٻڻ پراسرار راز ٿي پيو آهي تنهن ڪري ماما ڏاهي کان ان آفت بابت ڪا معلومات هلي هٿ ڪجي.“
مون ڌني کان پڇيو،”تنهنجو مامو جيالاجسٽ آهي ڇا؟“
ڌني وراڻيو، ”منهنجو مامو جيالاجسٽن جو بابو آهي.“
چيم،”ان جو مطلب آهي ته سڀئي جيالاجسٽ تنهنجا ماروٽ آهن!“
”بڪواس بند ڪر.“ ڌني مونکي مڪ ڏيکاريندي چيو،”سڌو ٿي ماما ڏاهي ڏانهن هل، ملڪ پيو ڌٻي ۽ توکي اچي مشڪريءَ کنيو آهي.“

اسين مڪن کان اهڙو ته هيسجي ويا آهيون، جو جيڪو صاحب هڪ مڪ ڏيکاريندو آهي، تنهن صاحب جي سلامي ڀريندا آهيون. جيڪو صاحب مڪ الاريندو آهي، تنهن صاحب سان سچار ٿيندا آهيون ۽ چيلن وانگر سندس ڪڍ لڳندا آهيون. ڌڻي بخش ڌني مونکي نه فقط مڪ ڏيکاري بلڪ هن مونتي مڪ اُلر پڻ ڪئي. منهنجي لاءِ ٻي ڪا واهه نه هئي، مان ڌني سان گڏ سندس ڏاهي مامي وٽ ويس.

ڌني پنهنجي ڏاهي مامي کي سربستو احوال ڏيندي چيو، ”ماما، جاتيءَ جي ڌرتي پئي ڌٻي. ڪو الاهي اسرار آهي، يا ٻيو ڪو سبب آهي. اسان کي ڪا خبر نه آهي. تون ڏاهو آهين. ڌرتيءَ ۾ آسمان جي رازن کان واقف آهين. تنهن ڪري انهن ماهرن جي مدد ڪر، جيڪي جاتيءَ ۾ ڌرتيءَ ڌٻڻ جو راز ڪراچيءَ جي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي هٿ ڪري رهيا آهن.“
مامي غور سان ڌني ڏانهن ڏسندي پڇيو،”تنهنجي سالياني تقرير ختم ٿي، يا اڃا جاري رهندي؟“
ڌني ڪياڙي کنهندي چيو، ”منهنجي تقرير ختم ٿي.“
ڏاهي مامي مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”جاتيءَ جي زلزلي جو راز ڪو پيچيده ناهي، صاف ظاهر آهي.“
”سو وري ڪيئن ماما؟“ ڌني حيران ٿيندي پڇيو.
ڏاهي مامي غور سان مون ڏانهن ڏسندي چيو،”جنهن شهر ۾ هيءُ رڇ رهندو، تنهن شهر ۾ زلزلو نه ايندو، ته ڇا گلاب جو مينهن وسندو!“

”پر هيءُ جاتي ۾ نه رهندو آهي.“ ڌني منهنجي وڪالت ڪندي چيو، ”هيءُ شخص ڏسڻ ۾ برابر رڇ جهڙو آهي. پر اصل ۾ گدڙ آهي. اسين سڀئي کيس گدڙ سڏيندا آهيون.“
”ها ماما، ڌنو سچ پيو چوي.“ چيم،”اهو قدرت جي ڪارخاني جو ڪارنامو آهي جو مان شڪل شبيهه مان ته رڇ لڳندو آهيان، پر سيني ۾ دل گدڙ جي ڌاريندو آهيان.“
ڏاهي مامي مون ڏانهن چتائي ڏٺو، ۽ پوءِ پڇيو،”ته ڇا، تون اهو شخص آهين جنهن سان دنيا جي ڪا به عورت محبت نه ڪندي آهي، ۽ دنيا جو ڪو به مرد دوستي نه رکندو آهي.“
”تو ٺيڪ مونکي سڃاتو آهي.“ مون ڌني جي مامي کي چيو، ”تون سچ پچ ڏاهو آهين.“
ڌني چيو، ”پر ماما، اسين توکان گدڙ جي باري ۾ نه، پر جاتيءَ جي زلزلي جي باري ۾ پڇڻ آيا آهيون.“

ڏاهي مامي چيو، ”ابا، جتي عصمتن جا سودا ٿين، ۽ عزتن جا جنازا نڪرن، جتي سمگلر عزت جي زندگي گذارين ۽ عالم هيڊ ڪانسٽيبلن کان ڊڄندا وتن، اتي زلزلا نه ايندا ته ڇا رحمت جا فرشتا ايندا!“
”اوهو، تو غلط اندازو لڳايو آهي ماما.“ ڌني چيو، ”اسين ڪراچي ۽ لاهور جي باري ۾ نه پيا ڳالهايون . اُتي زلزلو نه آيو آهي . زلزلو جاتيءَ ۾ آيو آهي .“
”ته ڇا، جاتيءَ ۾ ڪا به نائيٽ ڪلب ڪونهي؟“
”نه ماما“

”جاتيءَ ۾ ساقي خانه ۽ جوا جا اڏا نه آهن؟“
”ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا. پر ڪراچي، لاهور، حيدرآباد ۽ راولپنڊيءَ جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ جي برابر هوندا.“
”جاتيءَ ۾ جاهل سرمائيدار ادبي انجمنن جا صدر نه ٿيندا آهن ڇا؟“
”نه ماما.“
”ڀلا جاتيءَ ۾ ڀاڳيا لاڪبن ۽ جيلن ۾ ۽ چور ڌاڙيل آزاد نه گهمندا آهن ڇا؟“
”ايڪڙ ٻيڪڙ، پر وڏن شهرن جي مقابلي ۾ گهٽ.“
ڌڻي بخش ڌني جو مامو سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ هن چيو، ”مان سمجهان ٿو حساب ڪتاب ۾ ڪا گڙٻڙ ٿي ويئي آهي. زلزلو ڪراچي، لاهور، حيدرآباد يا راولپنديءَ ۾ اچڻ گهربو هو، پر ڪمپيوٽر جي خرابيءَ سبب زلزلو جاتيءَ ۾ آيو آهي. ان ۾ گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي. جيئن ئي ڪمپيوٽر ٺيڪ ٿيندو، جاتيءَ ۾ زلزلا اچڻ بند ٿيندا ۽ وڏن شهرن ۾ زلزلا شروع ٿيندا!“ ■

1976