ڌرتيءَ جو درد
ڌنو ڪمري جي پرئينءَ ڪنڊ ۾ ويٺو هو. ظاهري طرح ته هو ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو، پر اندر ۾ اُجهامي رهيو هو. هو منهنجو دوست آهي، منهنجو سنگتي آهي، منهنجو ساٿي آهي. هو منهنجو درد سمجهي سگهندو آهي. مان هن جو درد سمجهي سگهندو آهيان. اسان ٻنهي ۾ درد جو رشتو آهي.
مون ڌني کي چيو،” ڌنا، توکي گهٽ ۾ گهٽ ٿوري دير لاءِ ضرور کلڻ گهرجي. “
ڌني ڪتاب مان نظرون هٽائي مون ڏانهن ڏٺو. جواب نه ڏنائين. مون ڏانهن ڏسي، نظرون ٻيهر ڪتاب تي ڄمائي ڇڏيائين. مون سندس اکين ۾ اندر جي اوساٽ ڏسي ورتي.
مون اوهان کي ڌني جون فقط ڳالهيون ٻڌايون آهن. مون اوهان کي ڌني متعلق ڪجهه نه ٻڌايو آهي. اڄ مان اوهان کي ڌني جون ڳالهيون نه ٻڌائيندس. مان اوهان کي ڌني متعلق ڪجهه ٻڌائيندس.
ڌنو سوشيالاجيءَ ۾ ايم اي آهي. ڪنهن هلندي پڄنديءَ واري جو ماڻهو ناهي. هو الله سائينءَ جو ماڻهو آهي. تنهنڪري هميشھ آزمائش ۾ رهندو آهي. پرائمري ماستر آهي. چوندو آهي،” ٻار آئينده جي امانت آهن. مان سندن مستقبل روشن ڪندس“.
ٻارن جو مستقبل روشن ڪندي ڪندي، ڌني جو مستقبل اونداهو ٿي ويو آهي، هو جيئندو آهي ٻين لاءِ. پنهنجي لاءِ هن اڀاڳ جي ٿالهه مان وڏو حصو کڻي ورتو آهي.
ڌني جي ڀيڻ کي سرطان آهي. ڪينسر جون پاڙون سندس نڙيءَ ۾ پختيون ٿي ويون آهن. ڌنو ٽن ويلن بدران هڪ ويلو ماني کائيندو آهي، ۽ ڪنهن معمولي ڊاڪٽر کان ڀيڻ جو علاج ڪرائيندو آهي. ڪينسر جي ماهر ڊاڪٽرن سان ڳالهائڻ لاءِ ڌني وٽ پيسا ناهن. کيس خبر آهي، ته ڪنسلٽنگ فزيشين ۽ سرجن سان مشورو ڪرڻ لاءِ هو سموري زندگيءَ ۾ ٽڪو به ميڙي نه سگهندو. پاڙيسرين جو خيال آهي، ته ڌني جي ڀيڻ عنقريب مري ويندي.
مون ڌني کان پڇيو،” ڌرتي ڪيئن آهي؟ “
” جيئن هئي، تيئن آهي. “ ڌني جواب ڏنو.
ڌني جي ڀيڻ جو نالو ته اهو ئي آهي، جيڪو مائٽن مٿس رکيو هو، پر ڌنو کيس سڏيندو آهي، ڌرتي !
ڌني جو فلسفو منهنجي سمجهه ۾ نه آيو آهي، ڌني جي ڀيڻ بيمار آهي. کيس نڙيءَ جي ڪينسر آهي. هوءَ تڪليف ۾ آهي. لڇندي آهي. ڦٿڪندي آهي. عذاب ۾ چيچلائيندي آهي. ڌني مٿس نالو رکيو آهي - ڌرتي! ■
1974