چانهن جي پتي ملي رهي آهي
پنهنجي گذريل ڪنهن ڪالم ۾ فدا حسين ڦودني ۽ سندس پاليل طوطي جو ذڪر ڪندي مون اوهان کي ٻڌايو هو ته فدا حسين ڦودني جي خونخوار گهرواري اڄ ڪلهه پيڪي ويل آهي. فدا حسين ڦودنو شڪراني جا نفل پڙهڻ کان پوءِ اسان سان ملڻ، بلڪه رلڻ لڳو آهي. بلڪل اڳوڻي محور تي موٽي آيو آهي. يعني آزاديءَ جا ڏينهن ۽ آزاديءَ جون راتيون گذاري رهيو آهي. فرق فقط ايترو آهي، جو اڳ فدا حسين ڦودنو اڪيلو هوندو هو، ۽ سنگت جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندو هو، اڄڪلهه فدا حسين ڦودنو اڪيلو نه آهي، هو پاڻ سان طوطي جو پڃرو به کڻي ايندو آهي. فدا حسين جو طوطو پڃري ۾ بند هوندو آهي. گوگائي مرچ ۽ زيتون کائيندو آهي، ۽ غور سان اسان جون ڳالهيون ٻڌندو آهي.
ڪالهه شام فدا حسين ڦودنو پنهنجي طوطي جي پڃري سميت لڏندو لمندو اسان وٽ آيو. اچڻ شرط چيائين،”مان دنيا ۾ ڪو غير معمولي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.“
اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ چيس، ”ڇا اهو ڪو گهٽ غير معمولي ڪم آهي جو تو شادي ڪئي آهي، ۽ شادي ڪرڻ کان پوءِ اڃا تائين جيئرو آهين. وڏو ڪو نود آهين.“
ڦودني محمد علي ايڪٽر جهڙو منهن ٺاهيندي چيو، ”مون کي اها ڳالهه بنهه پسند ناهي ته اوهين منهنجي ازدواجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪنهن به قسم جا رمارڪ ڏيو.“
ڦندڻ چيو، ”اسين تنهنجا دوست آهيون، ڦودنا اسين تنهنجا دشمن نه آهيون.“
”توهين ڇڙا ڇانڊ آهيو.“ فدا حسين چيو، ”تنهنڪري وڏا بدمعاش آهيو.“
مون فدا حسين کان پڇيو،”فدا، تون مون کي شاديءَ جا ڪجهه اصولي ۽ انقلابي فائدا ٻڌاءِ. پوءِ مان بنا دير جي شادي ڪندس، ۽ طوطي بدران شيرشاهه جو شڪرو پاليندس.“
فدا حسين ڦودنو باهه ٿي ويو. مون کي چيائين،”ياد رک گدڙ، تنهنجو حشر بيحد خراب بلڪ عبرتناڪ ٿيڻو آهي. تنهنجي زندگي هوٽلن ۽ مسافر خانن ۾ گذري آهي. تون ڪنهن اسپتال ۾ مرندين، ۽ تنهنجي لاش تي روئڻ وارو ڪو به نه هوندو.“
”تون ڀليل آهين، ڦودنا.“ ڦندڻ چيو،”اسان جو پيارو گدڙ مرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڊمپل ڊسوزا نالي ڪنهن نرس سان پنهنجي زندگيءَ جو پنجٽيهون سچو ۽ جذباتي عشق ڪندو، ۽ پوءِ اسپتال ۾ مري ويندو. ڊمپل ڊسوزا ايڏي بيمروت نه ٿيندي . هوءَ اسان جي يار جي ياد ۾ ٻه لڙڪ ضرور لاڙيندي .“
ان ڳالهه تان فدا حسين ڦودنو ڏاڍو گدگد ٿيو، هو کلي کلي کيرو ٿي پيو. هن سان گڏ طوطو به کلڻ لڳو. مون کي فدا حسين تي گهٽ، ۽ فدا حسين جي طوطي تي وڌيڪ ڪاوڙ آئي، مون طوطي کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو، ”بدبخت طوطا. تون به مون تان کلي رهيو آهين!“
طوطي چيو،”چانهن جي پتي ملي رهي آهي.“
”اهو ته ٺـيڪ آهي، ته چانهه جي پتي ملي رهي آهي.“ چيم، ”پر تون مون تان کلين ڇو ٿو!“
طوطي چيو،”چانهن جي پتي ملي رهي آهي.“
”ڏاڍو ڪو بيوقوف طوطو آهين“ ڪاوڙ وچان چيم، ”ڳالهه منهنجي پنجٽيهين عشق، ڊمپل ڊسوزا، ۽ اسپتال ۾ مرڻ جي هلي رهي هئي.“ چيم، ”تون هڪ بيوقوف طوطو آهين. تڏهن به کلين ٿو.“
طوطي چيو، ”چانهن جي پتي ملي رهي آهي.“ ■
1977
● انهن ڏينهن ۾ ملڪ مان چانهن جي پتي غائب ٿي وئي هئي.