يارهن ميمبر پنجيتاليهه ميمبرن تي ڀاري
گذريل هفتي نواب گانگٽ هڪ پريس ڪانفرنس سڏائي هئي، جنهن ۾ هن حڪومت تي زور آندو، ته جلد کان جلد بهارين کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڳولي پاڪستان آندو وڃي ۽ کين خاص طرح سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي.
پريس ڪانفرنس هلندي عامل ڪامل صحافي ڦندڻ دل جهلي نواب گانگٽ کان پڇيو،”نواب گانگٽ صاحب، اوهين ڇو ٿا چاهيو ته بهارين کي پاڪستان ۾ آندو وڃي؟“
نواب گانگٽ جوهه وجهي ڦندڻ ڏانهن نهاريو، ڦندڻ ميز تان پيٽيس کڻي ورتو ۽ کائڻ لڳو.
نواب گانگٽ چيو، ”پاڪستان مسلمانن جو، ۽ مسلمانن لاءِ ملڪ آهي. بهاري مظلوم مسلمان آهن، اسان جو فرض آهي ته کين پاڪستان ۾ گهرائي وٺئون؟“
”پاڪستان ۾ کين ڪٿي آباد ڪرائيندا؟“
”سنڌ ۾.“
”ڇو؟ سرحد، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڇو نه؟“
”سنڌ جي آب هوا اسان کي موافق اچي وئي آهي.“ نواب گانگٽ چيو،”هتي اسين نئون يو پي، ۽ نئون سي پي آسانيءَ سان ٺاهي سگهون ٿا. ان لاءِ اسان بنياد به وجهي ڇڏيو آهي. تمام جلد اسين سنڌ جو نالو باب السلام رکي ڇڏينداسين.“
”برابر، برابر.“ ڦندڻ پيٽيس کائيندي چيو.”ٻيو ته هتي، يعني سنڌ ۾ اسيمبليءَ طرفان جمهوري طريقي سان پاس ڪيل بل ۾ هنگاما ڪرائي ترميمون به ڪرائي سگهجن ٿيون ۽ يارهن ميمبرن جو فيصلو 45 ميبمرن جي فيصلي کي ريٽي سگهي ٿو. اهو فقط سنڌ ۾ ممڪن آهي. اهڙي دل لڳي پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ هرگز ڪري نٿي سگهجي.ڪيئن نواب گانگٽ صاحب؟“
نواب گانگٽ پنهنجي کونئر لڳل کهري مڇ تي هٿ ڦيرائيندي ڦندڻ کان پڇيو، ”تون بدنام صحافي ڦندڻ آهين نه؟“
”بلڪل صحيح سڃاتو اٿئي، نواب گانگٽ.“
”تون وڏو بدمعاش آهين.“
”ان ۾ ڪو شڪ ناهي.“ ڦندڻ وراڻيو، ”پر مان پاڻ سان هڪ گزيٽيڊ آفيسر جو ڏنل ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ کڻي هلندو آهيان.“
”بهرحال“ نواب گانگٽ ڳالهه مٽائيندي چيو،“ مان حڪومت تي زور آڻيان ٿو، ته مظلوم بهارين کي هڪدم پاڪستان آندو وڃي.“
”سائين، مظلوم بهارين ۾ هندو بهاري به شامل آهن؟“ ڦندڻ پڇيو.
”لاحول ولله. هيءُ مسلمانن جو ۽ مسلمانن لاءِ ملڪ آهي.“ ■
1973