اسٽوڊنٽ ليڊر
فدا حسين ڦودنو ، اسان جو سنگتي، ڪجهه عرصي کان غائب ٿي ويو هو. پوءِ، هڪڙي ڏينهن هو ظاهر ٿي پيو، اوچتو ئي اوچتو !
هن دفعي فدا حسين ڦودنو ڏاڍي پر اسرار نموني ظاهر ٿيو. هو پنهنجي پراسرار گهر جي پر اسرار پڌر ۾ بيٺو هو، ۽ هڪ پر اسرار شخص سان ڳالهائي رهيو هو.
پر اسرار شخص کي مٿي تي ڪاري پڳ هئي ۽ ٻٽ ٻڌل هئي، کيس مليشيا جو وڏو پهراڻ ۽ ڏهن کن والن جي شلوار پاتل هئي. چتائي ڏسڻ کان پوءِ خبر پئي ته جنهن ڪپڙي کي مون مليشيا سمجهيو هو، سو حقيقت ۾ وولي ٽيٽران هيو ۽ انهن ڏينهن ۾ پنجويهين رپئي وال ملندو هيو.
نوجوان کي پيرن ۾ لانگبوٽ هيو، ۽ هٿ ۾ بندوق. آٽوميٽڪ رائيفل! گولين جا ٻه پٽا سيني تي، ۽ چيلهه واري پٽي مان هڪ روالور پڻ لٽڪي رهيو هوس.
مان موتمار شخص کي ڏسي بيهي رهيس. فدا حسين چيو،” اچ اچ ڌاريو ناهي.“
مان ڊڄندو ڊڄندو فدا حسين ۽ پر اسرار شخص جي ڀرسان وڃي بيٺس. فدا حسين ڦودني منهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي پراسرار شخص کي چيو،” هي اخبار ۾ نوڪري ڪندو آهي، ڪوڙا ڪالم، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون لکندو آهي. “
مون پر اسرا شخص سان هٿ ملايو.
فدا حسين مونکي چيو،” تون سائين سان ويهي رهاڻ ڪر ، مان تيستائين چانهه جو بندوبست ڪري وٺان.“
اڱڻ ۾ ٻه موڙا پيا هئا. مون پر اسرار شخص کي موڙي تي ويهڻ لاءِ چيو . هو ويهي رهيو.
پراسرار شخص آٽوميٽڪ رائيفل هنج ۾ رکي جڏهن ويهي رهيو، تڏهن مون محسوس ڪيو ته بدبخت ڦودنو پراسرار شخص جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ کان سواءِ هليو ويو هو. مون دل ئي دل ۾ ڦودني کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ پوءِ پر اسرار شخص سان ڳالهائڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو.
پر اسرار شخص کان پڇيم،” سائين اوهان ڪنهن جهاد تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا آهيو؟“
هن کهري آواز ۾ چيو،” نه.“
هٻڪندي چيم، ته پوءِ هيءَ آٽوميٽڪ رائيفل ۽، هو، پستول.... يعني روالور......“
منهنجو جملو ڪپيندي چيائين،”مان فلاڻو آهيان، ۽ فلاڻي ڪاليج ۾ پڙهندو آهيان. مان ڏاڍو نامور شاگرد آهيان. تو منهنجو نالو ضرور ٻڌو هوندو. “
مون سندس نالو ڪڏهن به نه ٻڌو هو. پر، تنهن هوندي به چيم،” برابر، برابر. اوهين ڏاڍا مشهور شاگرد آهيو. مون اوهان کي انٽر ڪاليجيئٽ، ۽ انٽر يونيورسٽي ڊبيٽ يعني مباحثن ۾ ٽرافيون ۽ ڪپ کٽيندي ڏٺو آهي .“
بي سري آواز ۾ چيائين ،” ڀليو آهين. مان ڊبيٽر ناهيان.“
” ته پوءِ مون توهان کي راندين جي مقابلي ۾ چيمپئن ٿيندي ڏٺو آهي.“ هڪدم چيم،” ها، ياد آيو. اوهين ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي فٽبال ۽ ڪرڪيٽ ٽيمن جا ڪيپٽن به آهيو. “
کهري آواز ۾ چيائين،” مان رانديگر به ناهيان.“
” اڇا اڇا ! هينئر ياد آيو. “ چيم،” مون ڪاليج مئگزن ۾ اوهان جي شاعري پڙهي آهي. بس سائين، ڪمال آهي.“
چيائين،” مان شاعر ناهيان.“
” ها. بس، بس.“ چيم ” مون اوهان جي آئل پينٽنگز جي نمائش ڏٺي آهي. اوهين آئيندي جا عظيم فنڪار آهيو. “
وراڻيائين،” مان آرٽست ناهيان، کوٻلا.“
پڇيم ،” ته پوءِ اوهين ڪير آهيو، ۽ مشهور ڇو آهيو؟“
جواب ڏنائين،”مان اسٽوڊنٽ ليڊر آهيان. ماڻهن کي ٽيپ کارائي سگهندو آهيان. مان پنهنجي ڪاليج يونين جو صدر آهيان.“
ان وقت فدا حسين ڦودنو چانهه کڻي آيو. ■
1974