غريب عوام کي ڇا گهرجيِ
هڪ عاليشان بنگلي جي ڊرائينگ روم مان ٽهڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. آواز هئا ته ماڻهن جا، پر بيحد ڀوائتا! ڄڻ وحشي قبيلي وطوسيءَ جا سردار هئا. ٽهڪن جو لاڳيتو سلسلو ظاهر ڪري رهيو هو، ته بنگلو ڳورو هو، ۽ شايد منجهس جنن جو واسو هيو.
پر پوءِ، جڏهن هڪ ڪيڊلڪ ڪار بنگلي ٻاهران اچي بيٺي، ۽ ڪار مان بيحد بندرو ۽ ٿلهو شخص مٿي تي سولا هيٽ رکي بنا ڊپ ڊاءَ جي بنگلي ۾ هليو ويو، تڏهن پڪ ٿي ويئي ته بنگلو ڳورو نه هو. منجهس جنن جو واسو نه هو. بلڪه، بنگلو ماڻهن جو هو ۽ ماڻهو جنن ديوَن جهڙا ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا.
اسان جو دوست ڌنو، جنهن کي جنن کان سواءِ دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به ڀوائتي شيءَ کان ڊپ نه ٿيندو آهي، سو ماهر جاسوس وانگر بنگلي ۾ هليو ويو. دراصل، ڌڻي بخش ڌني جاسوسيءَ ۾ باقاعدي تربيت ورتي آهي. تربيت وٺڻ کان پوءِ هن جهوني مارڪيٽ مان وڏي ڪالر وارو هڪ ڪارو اوور (Over) ڪوٽ خريد ڪيو آهي. ان اوور ڪوٽ جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي، جو ان ڪوٽ کي پائڻ کان پوءِ ڪو به شريف ماڻهو جاسوس نظر ايندو آهي.
ڌنو بنگلي ۾ ڏاکڻي طرف کان داخل ٿيو، ڏاکڻي طرف هڪ وڏو غسلخانو هو، جيڪو پرئين پاسي کان بند هو، ڏاکڻي طرف کان غلسخاني ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فقط هڪ روشندان هيو، روشندان ايترو ته ننڍڙو هيو جو ڌنو منجهي بيهي رهيو. ڪنهن به صورت ۾ اوور ڪوٽ پائي ان روشندان مان اندر داخل ٿي نه پئي سگهيو.
ڪجهه دير تائين اهو سوچيندو رهيو، ته روشندان مان اول پاڻ داخل ٿئي، يا پهريائين پنهنجو هيبتناڪ اوور ڪوٽ داخل ڪري، نيٺ هن فيصلو ڪري ورتو. اول پنهنجو اوور ڪوٽ اندر غلسخاني ۾ اڇلايائين، جيڪو سڌو وڃي پاڻيءَ سان ڀريل ٽب ۾ ڪريو، پوءِ ڏاڍي خبرداريءَ سان پاڻ روشندان رستي غسلخاني ۾ داخل ٿيو، هن اول اهو آلو اوور ڪوٽ پائڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو، پر پوءِ کيس خيال آيو، ته پاڻ جيئن ته جاسوسيءَ جي مهم تي نڪتو هو، ۽ جاسوسي لاءِ وڏي ڪالر وارو اوور ڪوٽ پائڻ لازمي هو، تنهن ڪري هن پسيل اوور ڪوٽ ٽب مان ڪڍي پائي ڇڏيو.
غسلخاني مان نڪري، ڌنو بورچيخاني ۾ پهتو، جتي قسمين قسمين طعام تيار رکيا هئا. پر بورچي غائب هيو. بنگلي جي هال مان ٺٺولين ۽ ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هئا. ڌنو خبرداريءَ سان اوڏانهن هليو ويو. ملڪ جا نامي گرامي ڪرتا ڌرتا، ڪامورا ۽ پوليس جا آفيسر ويٺا هئا ۽ هڪ ڏٻري ڏتڙيل کي ٿڦون، ٿڏا هڻي رهيا هئا ۽ پڇي رهيا هئا،
”اڙي غريب عوام جا ڦر توکي ڇا گهرجي؟“
ڏٻري مرڻيگ حال ۾ وراڻيو، ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان،“
هڪڙي حاڪم سڪل ڍوڍو ڏيندي ڏٻري کي چيو، ”اڙي وٺ روٽي.“
ٻئي حاڪم کيس ڪفن ڏيندي چيو، ”وٺي هيءُ ڪپڙو.“
ٽئين حاڪم ڊي آءِ جي چيو، ”غريب عوام جو ڦر جيڪڏهن وري روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان لاءِ جلوس ڪڍي ته کيس گولي هڻي ميرا شاهه جي قبرستان ۾ پوري اچجو، قبر آهي هن جو مڪان.“
ڌنو ڪنبندو ٻاهر نڪري آيو، چيائين،”اندر ماڻهو نه، جن آهن.“ ■
1974