ڌانڌلي ٿيندي ته هارائبو
اڄڪلهه سياسي سرگرمين جو هر طرف ذڪر آهي. ريڊيو، ٽيلويزن، ۽ اخبارون رسالا پنهنجي طرفان وڌ کان وڌ سياسي خبرون ڏئي رهيا آهن. مون کي سياست کان الرجي آهي. تنهن ڪري اڄوڪو ڪالم بنهه غير سياسي لکي رهيو آهيان، اڄوڪي ڪالم جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي.
ڪجهه مهينا اڳ اڪرم پهلوان ۽ جپاني پهلوان انوڪيءَ جو مقابلو ٿيو هو. مقابلي کان اڳ اسان جي دوست ڌڻي بخش ڌني اعلان ڪيو هو ته اڪرم پهرين رائونڊ ۾ انوڪيءَ کي ڊاهي رکندو.
مون ڌني کي چيو، ”ڌنا، تون پاڻ نه پهلوان آهين، ۽ نه ئي پهلوانيءَ جي فن تي اٿارٽي آهين. تنهنڪري ايڏي وڏي دعويٰ ڪيئن ٿو ڪرين.“
ڌني چيو، ”مان گذريل ويهن سالن کان پهلوانيءَ جا ڪرتب ۽ پهلوانن جا مقابلا ڏسي رهيو آهيان.“
چيم، ”ويهه سال شاعري پڙهڻ سان ماڻهو شاعر ٿي نه سگهندو آهي.“
”بهرحال، مون کي پڪ آهي ته ايندڙ مقابلي ۾ اڪرم پهلوان جپاني پهلوان انوڪيءَ کي پهرين رائونڊ ۾ دسي وجهندو.“
پڇيم، ”ان لاءِ تو وٽ ڪو سبب آهي.“
ڌني چيو، ”مان سبب کان سواءِ نه ڳالهائيندو آهيان.“
چيم،”ته پوءِ مون کي به مهرباني ڪري ان سبب کان واقف ڪر. مان تنهنجي اولاد کي دعائون ڏيندو رهندس.“
ڌني چيو، ”اها خبر اٿئي نه اڪرم پهلوان وزن ۾ انوڪيءَ کان چوڻو آهي؟“
”چوڻو ته ڇا، پنجوڻو آهي!“
”۽ خبر اٿئي، ته اڪرم جو پيٽ انوڪيءَ جي پيٽ کان ڏهوڻو آهي!“
”ها، مون کي خبر آهي.“
”۽ اِها خبر اٿئي ته اڪرم و يلي تي ڏهه سير کير، ڏهه سير گوشت، ڏهه ڪڪڙ ۽ ڏهه سير ڏڌ کائي ويندو آهي.“
”برابر.“
”۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڪرم پهلوان الله رسول جو مڃيندڙ آهي.“ ڌني چيو، ”تنهنڪري اڪرم پهلوان مقابلي ۾ ضرور کٽندو“
اچرج وچان ڌني کان پڇيم، ”اڪرم ۽ انوڪيءَ وچ ۾ پهلوانيءَ جو مقابلو آهي، يا ڪو مذهبي مناظرو ٿي رهيو آهي!“
”تون چوڻ ڇا ٿو چاهين، ڪافر!“ ڌني ڪاوڙ وچان پڇيو.
چيم، ”مان چوڻ چاهيان ٿو ته پهلوانيءَ ۽ ڪشتيءَ جي مقابلي ۾ ويچاري مذهب کي ڇو ٿا وچ ۾ آڻيو.“
”تنهنجي ڳالهه مان کڙتيل نه نڪرندو.“ ڌني چيو، ”اڪرم پهلوان مقابلو کٽندو،ان جو فيصلو اڳواٽ ٿي چڪو آهي.“
مقابلو ٿيو. ٻئي رائونڊ ۾ جپاني پهلوان اڪرم پهلوان کي ڊاهي رکيو.
ڌڻي بخش ڌنو منهن مٿو پٽڻ لڳو. چيائين، ”مقابلي ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. ويسا گهاتي ٿي آهي.“
پڇيم،”ڪيئن ٿو چوين!“
وراڻيائين،”ٿولهه ۽ پيٽ جي ويڪر سبب اها اڳواٽ پڪ ٿي چڪي هئي ته اڪرم پهلوان کٽندو.“
”اڪرم پهلوان هارايو آهي.“چيم،”هن مقابلي ۾ پنهنجي ٻانهن به ڀڃائي آهي.“
ڌني چيو،”تڏهن ته چوان ٿو ته مقابلي ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. تنهنڪري مقابلي جو نتيجو ابتڙ نڪتو آهي.“ ■
1977