ڏک جي پڄاڻي نه آهي
جڏهن رات جو ڳپل حصو خواب وانگر بي آواز گذري ويو، تڏهن ڦندڻ ۽ مان اخبار جي آفيس مان ٻاهر نڪري آياسين. رستا اسان جي زندگين وانگر بي رونق ٿي ويا هئا، لوهي ٿنڀن مان بجليءَ جي بلبن جون روشنيون يادگيرين وانگر دل جي غفائن کي روشن ڪري نه سگهنديون آهن. اوندهه اٽل آهي. اوندهه مستقل آهي. اوندهه دائم آهي. روشنيون عارضي آهن. روشنيون هيڪلاين کي برداشت ڪرڻ جو بهانو آهن. اسين سڀئي اونداهين جا مسافر آهيون
ڦندڻ پنهنجي مضبوط ۽ طاقتور ٻانهن منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏي. پڇيائين،” مونکي ڪڏهن روئندي ڏٺو اٿئي؟“
وراڻيم،” مون پٿرن کي روئندي نه ڏٺو آهي. “
ڦندڻ جو سوال مونکي بي سبب محسوس نه ٿيو. هو ڪجهه ڏينهن کان اُداس اُداس آهي. هونءَ به، جيڪي ٻين کي کلائڻ جا هيلا ڪندا آهن، سي پنهنجا لڙڪ ڪنهن کي به ڏيکاري نه سگهندا آهن. ڦندڻ اسان سڀني کي کلايو آهي. هن، اسان فقيرن جا ڪشتا ٽهڪن سان ڀري ڇڏيا آهن. جڏهن اسين کلندا آهيون، تڏهن ڪنهن کي به لکا پئجي نه سگهندي آهي، ته اسان جا ٽهڪ اڌارا آهن، جيڪي ڦندڻ اسان جي جهول ۾ وجهي ڇڏيا آهن.
ڦندڻ چيو،” دل چاهي ٿي، ته اڄ ، زندگيءَ ۾ پهريون ۽ آخري دفعو روئي ڇڏيان .ايترو روئان، جو ٻيهر روئي نه سگهان. “
مان بيهي رهيس. منهن ورائي ڦندڻ ڏانهن ڏٺم.
ڦندڻ چيو،” هلندو رهه. بيهه نه. “
مان هلڻ لڳس.
زندگي جڏهن بي معنيٰ، بي مقصد، ۽ بيٺل بيٺل محسوس ٿيندي آهي، تڏهن بيچين روحن جهڙا انسان هلندا رهندا آهن. لاڳيتو هلندا رهندا آهن. پوءِ جڏهن هلندي هلندي هو ٿڪجي ڪري پوندا آهن، تڏهن خوابن وانگر ٽٽي پوندا آهن. ڪنهن کي به ياد نه رهندا آهن.
ڦندڻ چيو،” هلندو رهه، منهنجا دوست، منهنجا ساٿي، هلندو رهه، هن رات وانگر، رات جي راهين وانگر، ازلي سفر جي مسافرن وانگر هلندو رهه. بيهه نه.“
اسين خاموش، چپ چاپ هلندا رهياسين.
”خبر اٿئي، هوءَ مونکي روزانو هڪ خط لکندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه خط به لکندي هئي.“ ڦندڻ جو آواز درد ۾ ٻڏي ويو. چيائين ،” مان سندس خطن جو جواب نه ڏيندو هوس. پوءِ هڪ نه ٻئي ڏينهن هن جا خط اچڻ لڳا. مون کيس جواب نه ڏنو. پوءِ هن هفتي ۾ هڪ خط موڪلڻ شروع ڪيو، تڏهن به مون کيس جواب نه ڏنو. ان کانپوءِ هن جو مهيني ۾ هڪ خط اچڻ لڳو. تڏهن به مون کيس جواب نه ڏنو ۽ پوءِ ، ۽ پوءِ هن خط لکڻ ڇڏي ڏنو. هن دوکي جي ديوار سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. “
ڦندڻ کي هڪ ڇوڪري خط لکندي هئي. هوءَ هيڪلي هئي. هڪ حادثي کان پوءِ ٻنهي ٽنگن کان محتاج ٿي ويئي هئي. ٻئي ٽنگون وڃائڻ کان پوءِ سموري دنيا هن جي اکين آڏو هڪ وڏي ۽ هيبتناڪ ريگستان ۾ بدلجي ويئي. تڏهن، هن ڦندڻ جي تحرير ۽ نظرين کان متاثر ٿي کيس خط لکڻ شروع ڪيا.
”هوءَ مون کان تاج محل نه گهرندي هئي. هوءَ مونکان منهنجي زندگيءَ جو هڪ حصو نه گهرندي هئي. هن مون کان خوشين جي خيرات نه گهري هئي. “
ڦندڻ جو آواز ڀڄي پيو. چيائين،” هن مون کان ريڊيو، ٽيليويزن، رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکڻ جو طريقو پڇيو هو . ڪجهه ڪهاڻين، ۽ ڊرامن جي اصلاح لاءِ عرض ڪيو هو. هن پنهنجي تحرير جي ڪمائيءَ مان عزت جي زندگي گذارڻ ٿي چاهي. پر مون سندس مدد نه ڪئي. مان سندس هيڪلائي کان ڊڄي ويس. سندس ويران زندگيءَ ۾ ليئو پائي نه سگهيس. مان بزدل آهيان، گيدي آهيان، ڊڄڻو آهيان.“
هو احساس جي ڄر ۾ پڄرندو رهيو. اوندهه ۾ هلندو رهيو. ● ■
1974
● اها ڇوڪري نوابشاهه ۾ موني بازار پوسٽ آفيس ڀرسان فٽپاٿ تي مري ويئي هئي.