سانڊا رنگ مٽائيندا آهن
ڦندڻ مون وٽ آيو، چيائين،”تنهنجو امتحان ٿو وٺان!“
چيومانس،”يار ڦندڻ، اڄ ڪلهه چپي چپي تي امتحان آهي، جيڪڏهن تو جهڙن يارن به امتحان وٺڻ شروع ڪيو ته پوءِ مون کي سکر واري پل تي ڏسندين.“
چيائين، ”مان توکي پنهنجي مرضيءَ مطابق مرڻ نه ڏيندس- يعني توکي خودڪشي ڪرڻ نه ڏيندس. توکي هڪ نه هڪ ڏينهن ڪو سانڊو ماري ويندو، انشاءَ الله تعاليٰ!“
چيم،”جيستائين مون کي ڪو سانڊو ماري، تيستائين مون کي جيئرو رهڻ ڏي. مون کان سوال نه پڇ.“
چيائين، ”تمام سولو سوال آهي، اجايو مرين ڇو ٿو؟“
ورايم، ”سوال ٻن سببن ڪري پڇيو ويندو آهي. هڪ ته سوال پڇندڙکي جواب نه ايندو آهي، ٻيو، ته سوال پڇندڙ پنهنجي عقلمند هئڻ جو مظاهرو ڪندو آهي، ۽ جواب ڏيندڙ کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.“
ڦندڻ چيو، ”مان عقلمند ناهيان، ڇو جو جنهن وقت عقل جي ورهاست ٿي رهي هئي. ان وقت مان توکي ٻئي ڪنهن هنڌ ڳولي رهيو هوس. تنهنڪري تون ۽ مان ڊونڊي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون. يعني ڪه In the Same Boat تنهن ڪري منهنجي معمولي سوال جو معمولي جواب ڏي.“
چيم، ”تون نه مڙندين. ڀلي پڇ.“
ڦندڻ پڇيو، ”ٻڌاءِ ته ڀڃ- ڊاهه، ۽ فتني فساد ۾ ڪهڙي مخلوق اڳئين کان اڳري آهي؟“
چيم، ”ناڪام عاشق“
”غلط.“
”ڪوئا.“
”نه.“
”ڳجهون ۽ ڪانو.“
”نو سر!“
”ڪنهن پاٿاريدار پير جا ڌاڙيل“
”نه سائين.“ ڦندڻ چيو.
”جيڪي جواب تو ڏنا آهن، سي صحيح ناهن. هڪ مخلوق جو نالو ٻڌاءِ جيڪا بربادي ڪرڻ ۾ اڳئين کان اڳري آهي، يعني پنهنجي استادن جي استاد آهي.“
هڪ دم رڙ ڪري چيم، ”سانڊا!“
ڦندڻ چيو، ”تنهنجو جواب صحيح آهي، ۽ غلط به آهي.“ پڇيومانس، ”سوڪيئن؟“
وارڻيائين، ”سانڊي جي اصليت جي خبر اٿئي ته پوءِ تنهنجو جواب صحيح آهي، ۽ جيڪڏهن سانڊي جي اصليت جي خبر نه اٿئي، ته پوءِ تنهنجو جواب غلط آهي.“
”چيم، پر ان سوال پڇڻ جو مطلب؟“
وراڻيائين، ”سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي. اها رنگ مٽائڻ واري مخلوق فساد کڙو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي!“
”پر ڇو؟“ پڇيم، ”اڳئين دفعي بل تي فساد ڪرايائون، وري هن دفعي ڇا تي فساد ڪرائيندا!“
ڦندڻ کليو، چيائين، ”هن دفعي آرڊيننس تي گوڙ ڪرائيندس.“
”عجيب مشڪرو آهين. کلين ٿو!“چيم،”آرڊيننس تي ڇو گوڙ ٿيندو!“
ڦندڻ چيو، ”ان مخلوق کي فساد جي علت آهي. فساد نه ڪرائين ته جيڪر ٻوساٽجي مري وڃن. اها سندن فطرت آهي، بنا پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ٻوليءَ جي بل تي فساد ڪرايائون، ڇو جو کين ڪنهن نه ڪنهن بهاني فساد ڪرائڻو هو.“
”۽ هن دفعي؟“
”ڪجهه ڪندا، کچڻي پچيائين پيا.آرڊيننس جي باري ۾ فتنو کڙو ڪندا.“
مون چيو، ”پر آرڊيننس مان هنن کي ڪهڙو پيٽ ۾ سور پيو آهي.“
چيائين، ”هنن کي هر حال ۾ فساد ڪرائڻو آهي. ڪنهن به صورت ۾، ۽ ڪنهن به حالت ۾.“
”پر هن دفعي ٻوليءَ واري آرڊيننس تي فساد کڙو ڪرائڻ ڪجهه مشڪل آهي،“ مون ڦندڻ کي چيو،”ڦندڻ خان، سنڌ جو سمورو عوام فساد پسند مخلوق جي ست رنگي سياست سمجهي ويو آهي. هن دفعي سانڊن جيڪڏهن ڪا بادمخولي ڪئي، ته منهن وڃي ڀت سان لڳندن.“
ڦندڻ چيو،”مان اها دکدائڪ خبر سانڊن جي مجاهدن کي ٻڌائڻ وڃان ٿو. هو ڏينهن رات فسادن لاءِ نيون راهون تلاش ڪري رهيا آهن“.
ڦندڻ هليو ويو. ■
1972