بـوٽ
مون ڪيترن ڏينهن کان پنهنجي عامل ڪامل دوست ڦندڻ جي باري ۾ ڪجهه نه لکيو آهي. ڦندڻ (عامل ڪامل صحافي) منهنجو جگري دوست آهي. هن سان مون پنهنجي زندگيءَ جا اڻوسرندڙ لمحا گذاريا آهن. اسان جا ڏينهن ڏونگر ڏوريندي گذريا آهن، اسان جون راتيون گردش ۾ گذريون آهن. اسان ٻنهي موت کي ڀاڪر ۾ ڀري ڏٺو آهي. اسان ٻنهي زندگيءَ کي آزمائش جي سوريءَ تي لٽڪايو آهي. مان جيڪڏهن ڦندڻ جي باري ۾ روزانو لکڻ شروع ڪريان، ته جيڪر ناول لکي ويهي رهان! سوچيندو آهيان ته هفتي ۾ هڪ ڪالم ڦندڻ جي باري ۾ ضرور لکندس، ۽ ماضيءَ جي سونهري گهڙين کي ياد ڪري حال کي پرچائينديس. پر پوءِ پنهنجيءَ بدحواسيءَ سبب پنهنجي فيصلي ۽ سوچ کي وساري ويهندو آهيان. پر، اڄ مان ڦندڻ جي باري ۾ ڪالم لکندس.
مون کي ڦندڻ ياد آيو آهي. شدت سان ياد آيو آهي.
ڦندڻ هڪ دفعي بوٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ڪجهه دوستن صلاح ڏنس ته اڄ ڪلهه نئون بوٽ اسان مولائين جي پهچ کان ٻاهر آهي. تنهنڪري جهوني مارڪيٽ مان کيس پراڻي بوٽ جي جوڙي خريد ڪرڻ گهرجي. ڦندڻ سخت اعتراض ڪيو. چيائين ته پيرين اگهاڙو گهمندس. پر پراڻو بوٽ هرگز نه وٺندس. دوستن پڪ ڏياريس، ته جهوني مارڪيٽ مان ملندڙ پراڻا بوٽ هروڀرو پراڻا نه هوندا آهن ۽ ڪي ڪي بوٽ ته ڏاڍي چڱي حالت ۾ هوندا آهن، خاص ڪري اُهي بوٽ پائڻ وٽان هوندا آهن، جيڪي مسجدن مان چورائجي جهوني مارڪيٽ ۾ وڪامڻ ايندا آهن. پر ڦندڻ نه مڙيو. چيائين، کيسو گرم آهي. وٺندس ته نئون بوٽ وٺندس. پراڻو بوٽ هرگز نه وٺندس.
ان سلسلي ۾ ڦندڻ جڏهن مون کان صلاح ورتي، تڏهن کيس مشورو ڏيندي چيم، ته اسين پاڻ پراڻا ٿي ويا آهيون، تنهنڪري اسان کي بوٽ به پراڻو وٺڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن تون هڪ جوڙي بوٽ جي ڪنهن مسجد يا عيدگاهه مان چورائين ته پوءِ خريد ڪرڻ جي خفي کان به بچي پوندين.
منهنجيءَ ڳالهه تان ڦندڻ کي مٺيان لڳي. مون کي ڪنڌ کان وٺندي چيائين، ته نئون بوٽ وٺندس ۽ توکي رٻڙ وارو هوائي چمپل وٺي ڏيندس. مان خوش ٿيس. انهن ڏينهن ۾ منهنجي بوٽ جو ترو غائب ٿي ويو هو، ۽ منهنجا پير ڌرتيءَ کي ڇوهڻ لڳا هئا.
ڪجهه دڪانن تي نوس نوس ڪرڻ، ۽ بوٽن جون بيهوش ڪندڙ قيمتون ٻڌڻ ۽ تنهن هوندي به هوش ۾ رهڻ کان پوءِ اسين هڪ ٻاڪڙي هوٽل تي وڃي ويٺاسين.
ڦندڻ مونکان پڇيو،”ڪجهه بوٽن جي کڙي وڏي ڇو هوندي آهي.“ وراڻيم،”هرڪو بندرو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن کيتر ۾ پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن قسم جو وڏيءَ کڙي وارو بوٽ استعمال ڪندو آهي.“
پوءِ ڦندڻ مون کان پڇيو،”تنهن جو قد ڏاڍو بندرو آهي گدڙ، تون به وڏيءَ کڙيءَ وارو بوٽ ڇو نه ٿو استمعال ڪرين؟“
”وڏيءَ کڙيءَ وارو بوٽ وٺـڻ منهن جي وس کان ٻاهر آهي.“ چيم،”هڪ دفعي اوڌر تي وڏيءَ کڙيءَ وارو بوٽ ورتو هيم، لڦ ڪري وڌائين.“
”مجنونءَ کي جيڪڏهن سوڙهو بوٽ پارائين ها ته کانئس جيڪر ليليٰ جو عشق غائب ٿي وڃي ها.“ ڦندڻ پڇيو.”۽ ڀلا ڪجهه بوٽ چيڪاٽ يا چيچاٽ ڇو ڪندا آهن؟“
چيم،”اسين جڏهن ٻئي ڪنهن نموني ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي نه سگهندا آهيون، تڏهن چيچاٽن وارو بوٽ پائي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي وٺندا آهيون.“ ■
1976