محبت ۽ مرڻ
منهنجي پياري دوست ڦندڻ زندگيءَ ۾ لاتعداد محبتون ڪيون آهن. هڪ محبت ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، هو اڻپوري محبت جي تلافيءَ لاءِ هڪ ٻئي محبت ڪري وٺـندو آهي. ڦندڻ جي هرڪا محبت سنجيده نوعيت جي هوندي آهي. پنهنجي گذريل محبت ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هو مون وٽ آيو. چيائين، ”گدڙ، دوکي باز دنيا مان دل کٽي ٿي پيئي آهي. هينئر خودڪشي ڪبي.“
دلداري ڏيندي چيومانس”في الحال خودڪشيءَ جو پروگرام ملتوي ڪر، ۽ مون کي ٻڌاءِ ته ڇوڪريءَ توکي ڇو ٺڪرايو آهي، يا سندس خوفناڪ مامي؟“
ٻه چارٿڌا ساهه کڻڻ کان پوءِ ڦندڻ چيو،”ڇوڪريءَ مون کان ڪجهه سوال پڇيا. مان انهن سوالن جا اطمينان بخش جواب ڏيئي نه سگهيس. ڇوڪريءَ چيو ته تو منهنجن سوالن جا اطمينان بخش جواب نه ڏنا آهن، تنهن ڪري مان مولابخش سان شادي پئي ڪريان.“
پڇيم، ”پوءِ ڇا ٿيو؟“
جواب ڏنائين، ”سڀاڻي گل صنوبر رخشيءَ جي شادي مولابخش سان ٿي رهي آهي.“
مون ڦندڻ کي چيو،”وڏو ڪو بيشرم آهين، هڪ ئي مهل ٽن ڇوڪرين سان محبت ڪري رهيو آهين.“
ڦندڻ چيو،”گل صنوبر رخشي هڪ ئي ڇوڪريءَ جو نالو آهي.“
ڪجهه دير تائين حيران ٿيڻ کان پوءِ مان جڏهن پريشان ٿي نه سگهيس، تڏهن ڦندڻ کان پڇيم،”گل رخشي صنوبر توکان ڪهڙي قسم جا سوال پڇيا هئا.“
”گل رخشي صنوبر نه يار.“ ڦندڻ احتجاج ڪندي چيو، ”هن جو نالو گل صنوبر رخشي آهي.“
”آئي ايم سوري .“ پڇيم”گل صنوبر رخشيءَ توکان ڪهڙي قسم جا سوال پڇيا.“
”هن پڇيو ته سائي ساڙهيءَ تي شام جي وقت ڪهڙي لپ اسٽڪ استعمال ڪبي آهي.“
”تو ڇا چيو؟“
”خاموش رهيس.“
”ٻيو ڇا پڇيائين.“
”پڇيائين ته تفريح لاءِ ميامي بيچ سٺو آهي، يا هوائي.“
”ڪهڙو جواب ڏنوسين؟“
”چيم مون کي خبر ڪونهي.“
”پوءِ ڇا پڇيائين.“
”پڇيائين ته بنگلي جي ٻاهرين پاسي ڪهڙا رنگ هڻائجن جو اونهاري سياري ٺاهوڪا پيا لڳن.“
”ڇا چيوسين؟“
”چيومانس ته مان پنهنجي پياري دوست گدڙ سان هڪ ڪچي گهر ۾ رهندو آهيان.“
”پوءِ؟“
”پوءِ ڇا!“ ڦندڻ چيو،”ناراض ٿي پيئي. چيائين ته مان هڪ ڪنگلي شاعر، اديب ۽ صحافيءَ سان هرگز محبت نه ڪنديس ۽ پوءِ هن مونکي صلاح ڏيندي چيو ته وڃي آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏس.“
پڇيومانس، ”آئيني ۾ شڪل ڏٺئه.“
”ها، ڏٺم.“ ڦندڻ چيو،”ڀڳل آئيني ۾ پنهنجو ڀڳل عڪس ڏٺم.“
پڇيومانس، ”هينئر ڇا سوچيو اٿئي؟“
وارڻيائين،”سوچيو اٿم ته خودڪشي ڪريان.“
پڇيم،”زهر کائي مرندين يا پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻندين؟“
جواب ڏنائين، ”سنڌي ۾ افسانو لکندس. مونکي پاڻهيئي ڦاهي ڏئي ڇڏيندا.“ ●■
1976
● ان دور ۾ سنڌي ليکڪن لاءِ حڪومت رڻ ٻاري ڏنو هو.