ڀينڀوريون
اسان جي عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ جي درويش مامي، رب ڏني جي ڪن ۾ ڀنڀوري گهڙي ويئي هئي، ۽ سندس ڪن ۾ جيٽ هوائي جهازن هلڻ جا آواز اچڻ لڳا هئا.
رب ڏني کي، (جنهن کي اُچارن جي وٺ پڪڙ ۾ فقط ربنو سڏيندا آهن)، حيدرآباد جي لياقت ميڊيڪل اسپتال کڻائي آيا. ڊاڪٽرن فيصلو ڪيو ته ربني جي ڪن مان مئل ڀنڀوري ڪڍڻ لاءِ آپريشن ڪئي ويندي. درويش ربني آپريشن جي ڳالهه ٻڌي احتجاج ڪندي چيو هو،”منهنجي ڪن ۾ جيڪا ڀنڀوري گهڙي ويئي آهي، سا مئل ناهي، خدا جي فضل سان جيئري آهي. تنهنڪري منهنجي ڪن ٻاهران هوائي جهازن ڪيرائڻ واري توپ، اينٽي ايئر ڪرافٽ گن جا ست ٺڪاءَ ڪڍيا وڃن. ڀنڀوري ڊپ وچان ڪن مان نڪري ويندي. تنهنڪري، منهنجي ڪن سڳوري جي آپريشن نه ڪئي وڃي.“
ڊاڪٽر نه مڙيا. هڪ نوجوان سنڌي سرجن، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ٻاهران نڪ، ڪن ۽ نڙيءَ جي بيمارين ۾ مهارت حاصل ڪري موٽيو آهي، تنهن ربني کي وڏي جاکوڙ کان پوءِ آپريشن لاءِ تيار ڪيو. هن ربني کي چيو،”اڄ ڪلهه جون ڀنڀوريون ٺڪاون سان جان نه ڇڏينديون آهن، ماما. انهن ڀنڀورين جي وڍ ڪٽ ڪرڻي پوندي آهي. يعني آپريشن رستي انهن ڀنڀورين مان جان ڇڏاڻي پوندي آهي.“
ٽيون ڏينهن ڦندڻ جي مامي، درويش ربني جي ڪن جي آپريشن ٿيڻي هئي، ڦندڻ مونکي خاص طرح ڪراچيءَ کان حيدرآباد وٺـي آيو. چيائين،”ماما ربني کي دلاسا ڏيئي، دل مٿي ڪنداسين. هونءَ، منهنجو درويش مامو آهي ته پهلوان، پر ڪنهن ڪنهن وقت گرز ڪيرائي وجهندو آهي.“
ڦندڻ ۽ مان جنهن وقت لياقت اسپتال پهتاسين، تنهن وقت ڦندڻ جو مامو ربنو آپريشن لاءِ بلڪل تيار ويٺو هو. کيس اڇو چوغو پارايو ويو هو. رات کان سندس کاڌو خوراڪ بند هو، تنهن ڪري نٻل پئي ڏٺو.
اسان کي ڏسڻ شرط درويش ربني رڙ ڪندي چيو،”بک پيو مران. خدا جي واسطي هڪ کارو بسڪوٽ ۽ هڪ چانهه ڏيوم.“
مون مامي کي سمجهائيندي چيو،”ماما، آپريشن کان اڳ ڪجهه نه کائبو آهي.“
بيزار ٿيندي پڇيائين،”پر اها بدبخت آپريشن ٿيڻي ڪڏهن آهي؟“
ڦندڻ چيو،”اسين ڪن، نڪ ۽ نڙيءَ واري سرجن کان پڇا ڪري ٿا اچئون.“
ڦندڻ ۽ مان نوجوان سرجن وٽ پهتاسين. سرجن آپريشن ٿيٽر ٻاهران، اڇي اپرن ۾ آپريشن لاءِ بلڪل تيار بيٺو هو. ڦندڻ چيس،”اسان جو درويش مامو آپريشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.“
سرجن وراڻيو،”ڀائو، مان به آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
پڇيومانس،”ته پوءِ انتظار ڪنهنجو آهي؟“
ڊاڪٽر جواب نه ڏنو، ۽ ورانڊي ڏانهن ڏسندو رهيو، اسين حيرت مان ڏانهس ڏسندا رهياسين.
هڪ وارڊ بوائي چيو،”نرسون سرجن صاحب کان ناراض آهن. سرجن صاحب نرسن جو انتظار ڪري رهيو آهي.“
”ڇو ناراض آهن؟“ ڦندڻ پڇيو، وارڊ بوائي آهستي وراڻيو،”نرسن کي شڪايت آهي ته ڊاڪٽر صاحب Unromantic، کهرو ۽ سخت آهي، تنهن ڪري نرسون آپريشن ٿيٽر ۾ سرجن صاحب جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.“
ڦندڻ وارڊ بوائي کان پڇيو،”ٻاهريان قصا ته مشهور آهن، آپريشن ٿيٽر ۾ به ڊاڪٽر نرسن هٿان بيحال ٿيندا آهن ڇا؟“
وارڊ بوائي وراڻيو،”مان اسپتال جو راز ظاهر نه ڪندس.“
بهرحال، ڦندڻ جي مامي، درويش ربني جي ڪن مان ڀنڀوري نه نڪتي آهي، نرسن کي ڊاڪٽر جو رويو، ۽ خاص ڪري سنڌي ڳالهائڻ پسند ناهي. هو ساڻس ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نرسن جي موجودگيءَ کان سواءِ آپريشن، آپريشن محسوس نه ٿيندي آهي. ■
1973