قلمي ڪتاب مان گم ٿيل باب
مون گهڻو اڳ، هڪ دفعي اوهان کي ٻڌايو هو ته اسان جي پياري دوست فدا حسين ڦودني وٽ هڪ قديم قلمي ڪتاب آهي، جنهن ۾ طرحين جا راز ۽ رمزون، نسخا ۽ فامولا لکيل آهن. اهو قديم قلمي ڪتاب فدا حسين ڦودني جي گهر ۾ حفاظت هيٺ هٿيڪو رکيل آهي. اهو ڪتاب هڪ پيٽيءَ ۾ پختو آهي، ۽ اها پيٽي ٽين جي هڪ تمام وڏي ٽرنڪ ۾ رکيل آهي. ٽرنڪ تي فدا حسين جي گهر جون ڀڳل ڪرسيون، ۽ منجيون ڊهه ڪيل آهن. حفاظت جو انتظام جيڪڏهن ان حد تائين هجي ها، ته اسين جيڪر قلمي ڪتاب گهڻو اڳ فدا حسين جي مدد سان سمگل ڪرائي پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيون ها! پر، ڪتاب لاءِ حفاظتي انتظام تمام سخت ڪيل آهن. ٽين جي ٽرنڪ سان لڳو لڳ کٽ تي فدا حسين ڦودني جي خونخوار زال سمهندي آهي، ۽ ڪتاب تي پهرو ڏيندي آهي.
فدا حسين ڦودني جي زال کي يقين آهي، ته ان قلمي ڪتاب ۾ نه فقط مٽيءَ مان سون ٺاهڻ جي ترڪيب لکيل آهي، پر، مڙس کي مڄو ڪرڻ جو راز پڻ ٻڌايل آهي ! هوءَ پڙهيل ناهي، پر اڄڪلهه پڙهڻ جي تيارين ۾ آهي. هوءَ اهو ڪتاب پنهنجي ساءِ پڙهڻ، ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پنجن سالن وارو منصوبو رٿي چڪي آهي، ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪري رهي آهي.
هينئر ڳالهه ٻڌو ته ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني اهو ناياب قلمي ڪتاب سمگل ٿي، ڪجهه دير لاءِ اسان دوستن تائين پهتو، ۽ اهڙي طرح اسان کي قديم ڪتاب مان فيضياب ٿيڻ جو موقعو مليو.
هڪڙي ڏينهن فدا حسين جي خونخوار زال پنهنجي پيڪي ويئي. فدا حسين رٿيل پروگرام موجب، ٽرنڪ تان ڀڳل ڪرسيون ۽ منجيون لاٿيون، ۽ ٽرنڪ جو ڍڪ کولي، پيٽيءَ مان قلمي ڪتاب ڪڍي ورتو. ان ڊپ کان ته، ڪٿي چوري پڪڙ جي نه پوي، اسان ڦودني کي صلاح ڏني هئي، ته قديم قلمي ڪتاب پيٽيءَ مان سمگل ڪرڻ کان پوءِ، ان جي جاءِ تي ڌڻي بخش ڌني جي اسڪول واري دور جي آلجبرا ۽ جاميٽريءَ جي ڪاپي پيٽيءَ ۾ رکي ڇڏي. ڦودني اها صلاح پسند ڪئي. اسان سڀني کي خبر آهي، ته ڦودني جي گهر واري علم ۽ ادب ۾ اسان جي چونڊيل ڪجهه نمائندن جهڙي اڪابر آهي. هوءَ آلجبرا ۽ جاميٽري جي ڪاپيءَ ۽ قلمي ڪتاب ۾ ڪو فرق محسوس ڪري نه سگهندي.
متان اهو سمجهو ته فدا حسين ڦودنو ڪو ٻالو ڀولو آهي، ۽ اسان جي ڀنڀلائڻ تي پنهنجو ڪتاب گهر مان سمگل ڪري اسان تائين پهچائڻ تي راضي ٿيو هو ! هر گز نه، سائين! ڦودنو وڏو پلستر آهي. هن پنهنجي ذاتي مقصد ۽ غرض سبب ڪتاب ڪجهه دير لاءِ سمگل ڪرڻ جي حامي ڀري هئي.
فدا حسين ارادو ڪيو هو، ته ڪتاب سمگل ڪرڻ کانپوءِ هو سڀ کان اڳ ڪتاب مان اهو باب ڦاڙي ڇڏيندو جنهن جو عنوان هيو.” مڙس کي مڄو ڪري هلائڻ جا راز ۽ آزمايل نسخا“ . هن نٿي چاهيو ته سندس خونخوار زال کيس مڄو ڪرڻ جو راز هٿ ڪري.
فدا حسين ڊوڙندو، سهڪندو ڪتاب کڻي آيو.
اسان سڀني کي اهو ڏسي حيرت، ۽ ڦودني کي مايوسي ٿي، ته ڪتاب مان مڙس کي مڄو ڪرڻ وارو باب اڳواٽ چورايل هو. ■
1974