نيڪ ۽ بد سمگلنگ
ڌنو ڊوڙندو آيو. پڇيائين،”اڄ شام جو پور پچائڻ جو پروگرام ته نه ٺاهيو اٿئي؟“
مون ڪنڌ کڻي ڌني ڏانهن نهاريو. ڌنو ٻهڪيو پئي.
ورائي پڇيومانس.”هندستاني فلم ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو اٿئي ڇا؟“
”اهڙا ڀاڳ اسان جا ڪٿي!“ ٿڌو ساهه کنيائين، پوءِ چيائين،”ڪنهن صوبيدار سان واقفيت ٿي پيئي، ته سمجهه ڀاڳ کلي پوندا.“
”ته پوءِ ڪهڙي سلسلي ۾ واڇون وڃي پاپڙين سان لڳيون اٿئي؟“
”مون واري ماسات جو چاچو آهي نه!“
”ڪهڙو. جيڪو جيل ۾ آهي؟“
”نه نه . اهو نه، اڙي چريا.“
”ته پوءِ ڪهڙو. جيڪو رائيس ڪينال واري ڌاڙي ۾ گهربل آهي؟“
”نه يار.“
”ته پوءِ تنهن جي ماسات جو اهو چاچو، جنهن وٽ ٻارهن ڊپو آهن، ۽ جيڪو کنڊ ۽ چانورن جي بليڪ ڪندو آهي!“
”مان پنهنجي ماسات جي چوٿين نمبر چاچي جي ڳالهه پيو ڪريان.“
”اڇا ته اُهو!“ ڳالهه سمجهندي چيم،”اهو چاچو سڳورو، جيڪو هن سال ويهون دفعو حج تي ويو آهي؟“
”ها، ها. بلڪل اُهو.“ ڌني چيو،”هو اڄ شام واري فلائيٽ ۾ حج تان موٽي رهيو آهي.“
”هو حج تان موٽي رهيو آهي؛ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“ چيم،”پر يقين ڪر ڌنا، ڪسٽم کاتي ۾ منهنجي ڪا به واقفيت ناهي.“
”چوين ته ائين پيو ڄڻ ٻين کاتن ۾ وڏي واقفيت اٿئي!“ ڌني وراڻيو،”منهنجي ماسات سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. ڪسٽم وارا گڙٻڙ نه ڪندا.“
”ته پوءِ؟“
”پاڻ کيس گلن جو هڪ عدد هار پارائڻ هلنداسين.“
مطلب ته شام جو هار کڻي ايئر پورٽ پهتاسين.
چاچو صاحب پنهنجي نوراني چهري،۽ بيحد صحتمند جسم سان جهاز مان ٻاهر نڪتو. ڏاڍو خوش پئي نظر آيو. ڪسٽم ڪاروائي جهڙي ٿي، تهڙي نه ٿي. حاجي چاچا جو سامان جنهن ۾ واچون، اشرفيون، سونا زيور ۽ ٻيڙا، ٽرانزسٽر، فونو گرام، ولايتي ڪپڙو، آمريڪي ڊالر وغيره شامل هئا، سو تڙي کڙي آزاد ٿي ويو.
اسان سڀني کيس مبارڪ ڏني، ۽ پوءِ عين اُن وقت جڏهن مان سندس ڳچيءَ ۾ هار وجهي رهيو هوس، تڏهن اوچتو ايئرپورٽ تي وڳوڙ ٿي پيو. وٺ پڪڙ. ڀڄ ڀڄان! سپاهين جون سيٽون وڄڻ لڳيون. واڪا ٿيڻ لڳا. جنهن کي جيڏانهن منهن آيو، وٺي ڀڳو. حاجي چاچا سامهون بيـٺل بس جي هيـٺان لنگهي ويو ۽ پوئين ٽائر جي پُٺيان ٽنڊڙو ٿي لڪي ويٺو. مان به ان بس جي هيٺان وڃي لِڪس. حاجي چاچا چيو،”پڪ عرب گوريلا آهن، ۽ فلسطين کي آزاد پيا ڪرائين!“
”ڪراچي ايئرپورٽ تي فلسطين کي آزاد پيا ڪرائين!“ مان حيران ٿيس.
ان وقت الاءِ ڪٿان ڌنو ظاهر ٿيو. ماحول ۾ ٺاپر اچي ويئي هئي، ڌني وڏي واڪ چيو، ”حاجي چاچا، جتي به لڪل آهين، هڪدم ظاهر ٿيءُ.“
حاجي چاچا ۽ مان بس جي هيٺان نڪري آياسين.
ڌني اسان کي ٻڌايو،”ڪا خاص ڳالهه نه هئي، هڪ بدمعاش سمگلر ڪسٽم کان اک بچائي واچون ۽ سون کڻي ڀڳو پئي ويو. پر سائين پاڪستاني ڪسٽم کان ڪيڏانهن ويندو! نيٺ پڪڙي ورتائونس.“ ■
1974