ڌڻي بخش ڌني جا ٽي ڪم
ڌڻي بخش ڌنو گذريل هفتي اسلام آباد آيو هو. مون وٽ اچي رهيو هو. پهچڻ شرط اعلان ڪيائين،”ٽن ڏينهن لاءِ اسلام آباد آيو آهيان، ۽ ٽي ڪم کڻي آيو آهيان.“
پڇيومانس، ”ٽي ڪم ڪهڙا کڻي آيو آهين؟“
جواب ڏنائين، ”سڀ کان اڳ ته توکان ٽي سوال پڇڻا اٿم، ۽ تنهنجا جواب سنڌ تائين پهچائڻا اٿم.“
پڇيومانس، ”سي آئي ڊيءَ ۾ نوڪري ڪئي اٿئي ڇا؟“
وراڻيائين، ”ته پوءِ تنهنجي خلاف هڪ عدد ٻي انڪوائريءَ لاءِ مواد حڪومت تائين پهچي چڪو هجي ها.“
پڇيم،”ته پوءِ ڪهڙا ٽي سوال آهن. سياسي ته نه آهن؟“
پڇيائين،”سياسي سوالن جو جواب نه ڏيندين ڇا.“
چيم، ”نه.“
پڇيائين،”ڇو؟“
چيم،”اسان جي ملڪ ۾ سياست تي اڻ پڙهيل وڏيرا، چوڌري، خان ۽ سردار ڳالهائيندا آهن، مان انهن مان ڪجهه به نه آهيان. جيئڻ لاءِ جتن ڪندو آهيان.“
چيائين، ”اتفاق سان ٽيئي سوال غير سياسي آهن.“
چيم،”ته پوءِ بسم الله ڪر.“
پڇيائين، ”ملن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏاڙهي رکائي اٿئي؟“
جواب ڏنم”ڪير ٿو چوي ڏاڙهي رکائي اٿم! اصل ۾ ڏاڙهي ڪوڙڻ ڇڏي ڏني اٿم.“
ٻيو سوال پڇيائين،”هلال پاڪستان ۾ ٻيهر ڪالم ڇو شروع ڪيو اٿئي؟“
چيم، ”ماڻهن ۾ افراتفري، بيچيني ۽ بدمعاشي ڦهلائڻ لاءِ.“
ڌني ٽيون سوال پڇيو،”گذريل ڇهن ستن سالن ۾ جيڪي افسانا لکيا اٿئي، پر شايع نه ڪرايا اٿئي، انهن افسانن جو ڇا ڪندين؟“
چيم، ”اهي افسانا ايڪسپورٽ ڪندس، ۽ ڪروڙين رپيا ڪمائي سمگلنگ جو ڌنڌو شروع ڪندس، ۽ آخر ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندس.“
ڌني چيو، ”منهنجن ٽن ڪمن مان هڪ ڪم پورو ٿيو.“
پڇيم، ”باقي ٻه ڪم ڪهڙا ڪندين؟“
چيائين، ”اهڙن ٽن اهم ماڻهن سان ملڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪي چوَن هڪڙي ڪن ٻي.“
چيم، ”تون ٽن صدين تائين اهڙن اهم ماڻهن سان ملي نه سگهندين.“
ڌني چيو،”ته پوءِ مان ٽنهي ڄڻن جي ٽنهي پرائيويٽ سيڪريٽرين سان ملندس.“
چيم،”تون ٽنهي پرائيويٽ سيڪريٽرين جي ٽن پٽيوالين سان به ملي نه سگهندين.“
ڌني چيو،”ته پوءِ ٽي داغ کڻي موٽي ويندس.“
پڇيم، ”ٽيون ڪم ڪهڙي نوعيت جو اٿئي.“
وراڻيائين،”هڪ عورت سان ملندس، جنهن مون سان ٽي واعدا ڪيا هئا.“
پڇيم،”ڪهڙا ٽي وعدا؟“
جواب ڏنائين،”جڏهن مون سان محبت ڪندي هئي، تڏهن چيو هئائين ته مون سان شادي ڪندي، ٻيو واعدو ڪندي چيو هئائين ته مون سان شادي ڪري نه سگهي ته پوءِ ڪنهن سان به شادي نه ڪندي. ٽيون واعدو ڪيو هئائين ته جيڪڏهن مائٽن سندن شادي ٻئي ڪنهن شخص سان ڪرائي ڇڏي ته پوءِ آپگهات ڪندي.“
پڇيم،”ڇا هن ڪو به واعدو وفا نه ڪيو آهي؟“
جواب ڏنائين،”هوءَ پنهنجي مڙس سان خوش آهي، ۽ ٽن ٻارن جي ماءُ آهي.“
پڇيم،”پوءِ تون ڇا ڪندين؟“
وراڻيائين،”مون کانئس ٽي رپيا اڌرا ورتا هئا، اهي ٽي رپيا سود سميت موٽائي، کيس ٽي دعائون ڏيئي، مان ٽن ڏينهن جي اندر موٽي ويندس.“ ■
1980