ڳچيءَ پاتل ڏند
هڪڙي ڏينهن فدا حسين ڦودني جي باري ۾ حيرت انگيز انڪشاف ٻڌوسين. ڦندڻ ٻڌايو، ته فدا حسين ڦودني وٽ چانديءَ ۾ مڙاهيل ڪنهن جانور جو ڏند آهي، ۽ اهو ڏند هو ڳچيءَ ۾ پائي گهمندو آهي.
گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اسين ان نتيجي تي پهتاسين، جيئن ته فدا حسين ڪٽر مذهبي قسم جو ماڻهو آهي، تنهن ڪري سندس ڳچيءَ ۾ پاتل ڏند ڪنهن به صورت ۾ سوئر جو ڏند نه هوندو.
ڦندڻ چيو،”ٿي سگهي ٿو، ڪتي جو ڏند هجي؟“
”ڪتو به پليت جانور آهي.“
”ڀلا اُٺ؟“
”اُٺ بيوقوف قسم جو جانور آهي. فدا حسين ڦودنو بيوقوف ناهي، جو اُٺ جو ڏند چانديءَ ۾ مڙهائي ڳچيءَ ۾ پائي!“
”هڪ ٻلو ڦودني جو کير پي ويندو هو.“ ڦندڻ چيو،”ٿي سگهي ٿو، هن کير پياڪ ٻلي کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪنهن مئل ٻلي جو ڏند پائي ڇڏيو هجي!“
”اها ڳالهه به دل سان نه لڳي.“ چيم،”فدا حسين مذهبي قسم جو ماڻهو آهي، هو ڪتي ٻليءَ جو ڏند هرگز نه پائيندو.“
”بس!“ ڦندڻ چيو،”ڦودني جي ڳچيءَ ۾ خچر جو ڏند آهي.“
پڇيم،”سو وري ڪيئن؟“
وراڻيائين.”ڦودنو سخت محنتي ماڻهو آهي. محنت کي برقرار رکڻ لاءِ هن محنتي جانور خچر جو ڏند پائي ڇڏيو آهي، جيئن ڏند جي برڪت سان خچر وانگر محنت ڪندو رهي.“
”ڦودني کي ننڍپڻ ۾ هڪ گهوڙي اِٽ هئين هئي، ان ڏينهن کان پوءِ ڦودنو گهوڙن کان ڊڄي ويو آهي.“ چيم،”مان سمجهان ٿو فدا حسين ڦودني گهوڙي جو ڏند چانديءَ ۾ مڙاهي، پائي ڇڏيو آهي.“
ڦندڻ ۽ مان جڏهن ڪنهن رايي تي نه ٺهياسين، تڏهن ڦودني جي گهر وڃي نڪتاسين، ڦودني کي جڏهن پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايوسين. تڏهن کائنس ڇرڪ نڪري ويو، چيائين،”ان ڳالهه تان لهي وڃو.“
”لهي وري ڪيئن وڃون!“ چيوسين،”اسان جو ذري گهٽ جهيڙو ٿيڻ تي آهي. ٻڌاءِ ته تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ ڪهڙي جانور جو ڏند پاتل آهي؟“
ڦودني وراڻيو،”شينهن جو.“
”شينهن جو!“ اسان کان ڇرڪ نڪري ويو.
”ها.“ ڦودني ڏند ڏيکاريندي چيو،”هيءُ خالص شينهن جو ڏند آهي.“
ڦندڻ چڱي طرح ڏند کي جاچي ڏٺـو چيائين،”ڀائنجي ٿو، ڪنهن پوڙهي شينهن جو ڏند آهي.“
ڦودني هڪدم چيو،”نه، نه، جوان شينهن جو ڏند آهي.“
”جوان شينهن جو ڏند آهي، ته پوءِ شايد ڏندڻ نه ڏيندو هوندو، جو ڏند هيڊو ٿي، کاڄي ويو آهي.“ ڦندڻ پڇيو،”شينهن جي ڏند جي خاصيت ڪهڙي آهي؟“
فداحسين ڦودني مٿو کنهندي وراڻيو،”شينهن جو ڏند پائڻ سان جن ڀوت ويجهو نه ايندا آهن.“
”ڪمال آهي!“ ڦندڻ چيو،”اسين ٻئي توکي ويجهو اچي ويا آهيون!“ ■
1974