اسان غريب عوام جا غريب نمائندا
اسان جي جگري دوست ڌڻي بخش جي مائٽ قادر بخش جو ٽيون نمبر مامو مولابخش وڏو ڪاريگر شخص آهي. هو مئل نانگ جي کل ۾ بنهن ۽ ڪپهه ڀري ماڻهن کي ڊيڄاريندو آهي. بناسپتي گيهه جي خال دٻن مان ٽيليفون ٺاهيندو آهي. هٿ ڇڏي سائيڪل هلائيندو آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سياست جو متوالو آهي.
قادر بخش جي ٽئين نمبر مامي مولابخش کان هڪڙي ڏينهن مون پڇيو، ”ماما مولا بخش، اسان مسڪين قوم جا مخلص نمائندا ايتريقدر مفلس ۽ ڪنگال ڇو آهيون؟“
مامي مولابخش چيو، ”ٻچا، عوامي نمائيندن جي ملڪيت جا انگ اکر ته نه پڙهي آيو آهين!“
چيم، ”ها ماما، اسان جا نمائيندا ويچارا ڪيترا نه غريب ۽ لاچار آهن. الا، هو ته اسان کان به ڪنگلا آهن!“
ان وقت مامو مولابخش هڪ مئل نانگ جي کل ۾ بنهن ۽ ڪپهه ڀري رهيو هو، مون کيسي مان مروڙيل اخبار ڪڍي ورتي، ۽ مخلص نمائيندن جي ڪنگال حاليءَ جا انگ اکر پڙهڻ لڳس.
مامي مولابخش پڇيو، ”ٻچا، شاديءَ جا اشتهار پيو پڙهين ڇا؟“
چيم، ”نه، ماما.“
نانگ جي کل ۾ ڪپهه ڀريندي پڇيائين ،”سچ کي ڪوڙ، ۽ ڪوڙ کي سچ ڪرڻ واري خبر پيو پڙهين ڇا!“
مون ڪنڌ ورائي مامي ڏانهن ڏٺو.
مامي مولابخش چيو،”مان مئل نانگ جي کل ۾ جڏهن بنهن ۽ ڪپهه ڀري سندس پيٽ سبي ڇڏيندس. تڏهن هيءَ نانگ جيئرو لڳندو ۽ ماڻهو ڊڄي ويندا.“
چيم، ”ماما، هن وقت مان غريب عوام جي غريب ۽ مفلس نمائيندن جي ملڪيتن جا انگ اکر پڙهي رهيو آهيان.“
مامي پڇيو، ”منهنجي هڪڙي صلاح مڃيندين؟“
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
مامي چيو، ”ملڪيتن جا انگ اکر پڙهڻ ڇڏي ڏي.“
حيرت وچان پڇيم، ”ڇو ماما؟“
چيائين، ”اجايو روئي پوندين، پوءِ روئيندي روئيندي درويش ٿي پوندين.“
چيم، ”مان ڪوشش ڪندس ته غريب عوام جي غريب نمائيندن جي غربت تي ڳوڙها نه ڳاڙيان.“
پر پوءِ، اوچتو منهنجين اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، ۽ مان روئڻ لڳس، چيم، ”ماما مولابخش، هن ويچاري ايم اين اي جي ملڪيت جا تفصيل ته ٻڌ. اڍائي هزار ايڪڙ زمين، چار ٽريڪٽر، ٽي موٽرون. هڪ جيپ، ٻه بنگلا، هڪ هزار تولا سون. ۽ بينڪ بيلنس فقط ٻارنهن لک رپيا. اُف، ويچارو ڪيئن زندگي گذاريندو هوندو! ۽ ماما، هن نمائيندي وٽ فقط اٺ هزار تولا سون، چار پيٽرول پمپ، چار بنگلا، ست موٽرون ٻه هزار ايڪڙ زمين، ۽ بينڪ ۾ فقط ارڙهن لک رپيا. ڪيڏا غريب آهن ويچارا. تڏهن ته اسان غريبن جا همدرد ٿي پيا آهن، ۽ ماما هن ويچاري وٽ . . . . . . “
ماما مولابخش هڪدم منهنجي هٿ مان اخبار کسي ورتي. چيائين، ”صبر ڪر ٻچا، اسان غريبن جا نمائيندا بيحد غريب آهن. ان سلسلي ۾ جيترو وڌيڪ سوچيندين، اوترو وڌيڪ زنجيده ٿيندين ۽ پوءِ اسان جي دوست ڪريم بخش وانگر روئيندي روئيندي درويش ٿي پوندين.“
مون مامي کان پڇيو،”ڪريم بخش ڪٿي آهي. اڄ ڪلهه!“
مامي چيو، ”ورهيه ٿيا جو ، ڪريم بخش روئيندي روئيندي گذاري ويو.“
”ورهيه ٿيا؟“ مون عجب وچان پڇيو.
”ها ٻچا، ورهيه ٿيا.“ مامي مولا بخش چيو، ”اڄ ڪلهه ڪريم بخش جي مقبري تي هر جمعرات تي قوالي ٿيندي آهي.“
”پر ماما!“ مون عجب وچان چيو،”ملڪيتن جا تفصيل ته ڏهن، پنڌرهن ڏينهن کان اچڻ لڳا آهن تنهنجو دوست ڪريم بخش اڳواٽ ڪيئن گذاري ويو!“
ماما مولا بخش مئل نانگ جو پيٽ سبندي چيو،”ٻچا، اسين غريب ڏاڍا خوش نصيب آهيون جو اسان کي شروعات کان نهايت غريب ۽ مفلس نمائيندا ملندا رهيا آهن. مثال طور غريب، ٽوانا غريب دولتانا، غريب کهڙا، غريب نون، غريب حيات، غريب عباسي ۽ غريب ڪالاباغ. ڪريم بخش به انهن مخلص ۽ غريب نمائيندن جي غربت جا تفصيل پڙهي روئي پيو، ۽ پوءِ روئيندي روئيندي درويش ٿي پيو، ۽ هڪڙي ڏينهن مري ويو.“
دردناڪ احوال ٻڌڻ کان پوءِ مون موجوده دور جي نمائيندن جي غربت تي روئڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو. ۽ مان زمان ماضي قريب، زمان ماضي بعيد، زمان ماضي استمراريءَ جي غريب ۽ مفلس نمائيندن جي غربت تي روئڻ لڳس. ● ■
1977
● پنجٽيهه چاليهه سال اڳ هڪ لک ررپيا اڄوڪي دور جي هڪ ڪروڙ کان به سرس سمجهيا ويندا هئا.