سڀ ڪجهه مزي ۾ آهي
”اڙي ڌنا، تون!“
”ها جاڙا، مان.“
”ڪر خبر، ڪيئن آهين؟“
”موج ۾ آهيان.“
”اوڙو پاڙو؟“
”آنند ۾ آهي. تون ڪر خبر؟“
”مان به مزي ۾ آهيان، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي چڪر ۾ آهيان.“
”بلي!“
”ڪا نئين تازي خبر.“
”گونگن کي راڳ ڳائيندي ۽ ٻوڙن کي داد ڏيندي ڏٺو اٿم.“
”عجيب اتفاق آهي!“
”ڪيئن؟“
”مون لولن ۽ پنگلن کي رقص ڪندي، ۽ انڌن کي داد ڏيندي ڏٺو آهي.“
”ان جو مطلب آهي ته هر طرف سک ئي سک آهي.“
”ها. ٽڪي سير کاڄا وڪامي رهيا آهن.“
”هتي کاڄا به ملندا آهن ڇا؟“
”ماڻهن بوهي مڱن کي کاڄا قبول ڪري ورتو آهي.“
”اهو شخص جنهن ڦٿل ناسپاتيءَ کي صوف قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، سو هينئر گند جي ڍيرن مان سگريٽن جون خالي دٻيون ڳولي رهيو آهي.“
”ڪجهه ڏينهن اڳ مون سنڌ جي هڪ نامياري دانشور کي ڳالهائيندي ٻڌو هو.“
”ڇا پئي چيائين؟“
”پاڻ وڻائڻ جا نسخا پئي ٻڌايائين.“
”ڪهڙا؟“
”پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ آهين ڇا؟“
”ها.“
”ته پوءِ توکي سنڌي دانشور جي زرين اقوال تي عمل ڪرڻو پوندو. سندس نسخي تي عمل ڪرڻ سان تون نهايت آرام جي زندگي گذاريندين ۽ ڪڏهن مصيبت جو منهن نه ڏسندين.“
”يار وارو ڪر. ٻڌاءِ اهي نسخا.“
”نسخو نمبر هڪ- ڊينڊن جي وچ ۾ قداور ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪجي، قداور هئڻ جي حيثيت ۾ ڊينڊين جي لوڌ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ بانبڙا پائڻ گهرجن.“
”سٺو نسخو آهي.“
”نسخو نمبر ٻيو- ڪاڻن جي وچ ۾ ڪاڻو ٿي رهجي، ۽ پنهنجي هڪ اک ڪڍائي ڇڏجي.“
”عاليشان اصول آهي.“
”نسخو نمبر ٽيون- اوندهه کي ڪڏهن به اوندهه نه سڏجي، اوندهه کي هميشه روشني چئجي.“
”اهو نسخو به واهه جو آهي!“
”منهن هميشه چڙهندڙ سج ڏانهن ڪجي.“
”ڀل ته پٺ ڪعبي ۽ ڪاشيءَ ڏانهن ٿئي؟“
”ڪو ڀولو ڪونهي. پاڻ وڻائڻ ۽ مصيبتن کي ٽارڻ لاءِ ڪعبي ۽ ڪاشيءَ کي پٺي ڏيئي، منهن چڙهندڙ سج ڏانهن ڪري ڇڏجي.“
”اسان جي هڪ دوست هوٽل ۾ ماني کائڻ مهل ڪڪڙ جو ٻوڙ گهرايو. بيرو هن کي دال ڏيئي ويو. اسان جي دوست اعتراض ڪيو، بيرو به ضد تي رهيو ته دال ئي اصل ۾ ڪڪڙ جو ٻوڙ هئي.“
”مون کي رات جو ننڊ نه ايندي آهي.“
”تون چيچي چمڙو ٿي پيو آهين.“
”ها، تون درست ٿو چوين، مان اوندهه ۾ پري تائين ڏسي سگهندو آهيان.“ ■
1977