قرض جو مرض
مون ۾ وڏا وڏا عيب آهن. بس، سمجهيو ته عيب ئي عيب آهن! چڱائي ڪا به ڪونهي. خاص ڪري قرضن جي معاملي ۾ مان ڏاڍو بدنام آهيان. مان حيدرآباد جي هڪ پلستر کي چڱي طرح سڃاڻان، جيڪو قرضن وٺڻ، ۽ وٺي کائي ڇڏڻ جي معاملي ۾ پاڪستان جو قومي هيرو آهي. پر سائين، مان به پنهنجيءَ جاءِ تي گهٽ نه آهيان. قرض وٺڻ، ۽ وٺي کائي ڇڏڻ جي معاملي ۾ اصل سائيڊ هيرو آهيان. حيدرآباد وارو پلستر، يعني قرضن جو قومي هيرو ڪو آپريٽو بينڪن ۽ حڪومت کان قرض کڻندو هو (۽ آهي!)، ۽ کائي ڇڏيندو هو. سندس تازه ترين مشغولين جي باري ۾ مونکي ڪا به خبر ڪونهي . مونکي فقط ايتري خبر آهي، ته هن وانگر جيڪڏهن مون تي پڻ بينڪن ۽ حڪومت جي قرضن جا در کلي پون، ته خدا ٿو ڄاڻي حيدرآباد واري قرضن جي قومي هيرو کي پنهنجي مقابلي ۾ جيڪر ايڪسٽرا ڪري ڇڏيان! پر ڇا ڪريان! بدبخت آهيان. نصيب جو ڌڻي نه آهيان! بينڪن ۽ حڪومت طرفان جاري ٿيندڙ قرضن جا در مون تي بند آهن.
مون هڪ دفعي زراعتي بينڪ کان قرض کڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مينيجر مون کان پڇيو هو،”زمين اٿئي؟“
وراڻيو هوم،”ها، آهي.“
پڇيو هئائين،”ڪٿي اٿئي زمين؟“
جواب ڏنو هوم، ”جتي بيٺو آهيان، اها زمين منهنجي آهي.“
”اڙي بيوقوف! هيءَ زمين تنهنجي آهي!“ مينيجر صاحب چيو هو،”هيءَ زراعتي بينڪ آهي، جيڪا الحاج. . . جي زمين تي ٺاهيل آهي، تون ته ڪو وڏو فراڊ آهين. ڪير آهين؟“
مون ڀڄي جند ڇڏائي هئي! ان کان پوءِ، مون قرض لاءِ فقط دوستن تي ڀاڙيو آهي. کانئن قرض وٺندو آهيان، پر موٽائيندو هرگز نه آهيان. اڄڪلهه حالت اِها ٿي آهي جو دوست مونکي پريان ايندو ڏسي، هڪدم ٽهي، ڪنهن گس گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويندا آهن. اهو عام روش جي ابتڙ آهي، هونءَ ٿيندو ائين آهي، جو قرض وٺندڙ، قرض ڏيندڙ کان پيو لنوائيندو آهي. پر منهنجو معاملو ان جي اُبتڙ آهي. مان جن جي قرض ۾ مبتلا آهيان، اهي مونکان پيا لنوائيندا آهن، منهنجي ويجهو نه ايندا آهن. ڀائيندا آهن. وري قرض وٺندو، ۽ موٽائي اصل نه ڏيندو! ادا قرض وڏو مرض آهي. لڳو ته اصل نه لهندو.!
مان قرض انڪري وٺندو آهيان ڇو جو منهنجو ملڪ به قرض وٺندو آهي. منهنجو ملڪ جيئن هڪڙن کان قرض کڻي ٻين کي موٽائيندو آهي، ۽ ٻين کان کڻي ٽين کي موٽائيندو آهي، تيئن مان به هڪ دوست کان قرض وٺي ٻئي کي موٽائيندو آهيان، ۽ ٻئي کان قرض وٺي ٽئين کي موٽائيندو آهيان. اهو سلسلو جاري آهي. مون کي پڪ ڪونهي، پر سمجهان ٿو، ته مان هن وقت تائين سموري سنگت جي قرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان. سڀ کان وڌيڪ پنهنجي پياري دوست ڦندڻ جي قرض ۾ مبتلا آهيان، جنهن گذريل دفعي سوفينيءَ جي پتلون وڪڻي مون کي قرض ڏنو هو. ڦندڻ مون سان سچو آهي. منهنجين مجبورين کي سمجهي سگهندو آهي، تنهن ڪري هن منهنجي لاءِ امدادي ڪيمپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي! ■
1975