ڦندڻ لاءِ ڪنوار جي ڳولا
اسان جي پاڙي ۾ هڪ پر اسرار عورت رهندي آهي، جيڪا سڄي پاڙي جي ماسي سڏبي آهي، پر حقيقت ۾ ڪنهن جي به ماسي نه آهي، هوءَ هر اهو ڪم ڪندي آهي، جيڪو ڪم ان قسم جون ماسيون ڪنديون آهن. جهيڙن جهٽن، ۽ سڱابندين ڪرائڻ کان سواءِ، چٺين چپاٽين پهچائڻ جو ڪم به اعليٰ نموني ڪندي آهي.
اسين هڪڙي ڏينهن ماسيءَ کي ڦري آياسين، مون ماسيءَ کي چيو،”اسان پنهنجي هڪ دوست کي مڪمل نموني برباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، يعني سندس شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اٿئي ڪا سگهڙ قسم جي ڇوڪري نظر ۾؟“
ماسيءَ اسان کي مشڪوڪ نگاهن سان ڏٺو، سندس منهن جا گهنج وڌيڪ چٽا ٿي پيا، چنجهيون اکيون چمڪڻ لڳس. پڇيائين،”هو توهان سڀني جهڙو نڪمو ته ناهي؟“
”نه، ماسي. وڏي ڪم جو آهي.“
”توهان جهڙو نالائق ته ناهي؟“
”ڏاڍو لائق آهي ماسي.“
”توهان وانگر بدبخت ته ناهي؟“
”بيحد بختاور آهي، ماسي“
”ته پوءِ هو اوهان جهڙن نالائقن، نڪمن، ۽ بدبختن جو سنگتي ڪيئن ٿي پيو آهي؟“
”اِهي لکئي جا ليکا آهن، ماسي“. ڌڻي بخش ڌني ماسيءَ کي چيو،”نهايت ٺاهوڪو، جانٺو، ۽ بردبار آهي اسان جو دوست!“
ماسيءَ پڇيو،”توهان جو دوست اترادي ڍڳو ته ناهي؟“
هڪدم چيوسين،”هرگز نه ماسي. هو ماڻهو آهي، ۽ اتفاق سان ڳالهائي به سگهندو آهي.“
ماسيءَ چيو،”جانٺا، ٺاهوڪا ۽ بردبار فقط اترادي ڍڳا ٿيندا آهن.“
”بهرحال، هو ماڻهو آهي، ۽ اسان سندس شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ ماسيءَ کان پڇيوسين،”اٿئي ڪا ڇوڪري ڇڙي نظر ۾؟“
”ڇوڪري نظر ۾ ته آهي، پر هوءَ ڇڙي ناهي.“ ماسيءَ چيو،”هِن کي اٺ ڀائر، اٺ ڀينريون، هڪ پيءُ ۽ چار مائرون آهن.“
فدا حسين چيو،”ماسي تون تڪليف نه ڪر، اسين پنهنجي دوست کي ڦليليءَ ۾ ٻوڙي ڇڏينداسين.“
”ها!“ ماسيءَ ڪجهه سوچيندي چيو،”هڪڙي ٻئي ڇوڪري به منهنجيءَ نظر ۾ آهي، ۽ هوءَ نوڪريءَ ۾ به آهي.“
”خوش رهه ماسي“. ڦودني چيو،”هاڻي هڪدم ٻڌاءِ ته هوءَ ڪير آهي، ڪيئن آهي، ڪٿي آهي، ۽ ڪٿان جي آهي؟“
”اڙي بس ماريا!“ ماسيءَ چيو،”اول ٻڌايو ته توهان جو سنگتي نوڪريءَ ۾ آهي.“
”ها، بلڪل آهي.“ کيس جواب ڏنوسين.
ماسيءَ پڇيو،”مٿئين آمدني اٿس؟“
”نه.“ جواب ڏنوسين،”پر پگهار چڱي چوکي اٿس.“
”سڪي پگهار واري کي ڪو به پنهنجي ڌيءُ کڻي نه ڏيندو، بابا“ ماسي پڇيو،”ڇا ڪندو آهي، توهان جو سنگتي؟“
وراڻيوسين،”عامل ڪامل صحافي آهي.“
”مئي نپٽي، نالائق ڦندڻ جي ڳالهه ته نه پيا ڪريو؟
ماسيءَ رڙ ڪندي چيو،”نه بابا، نه. اهڙي هچيا پئي کي ڪير پنهنجي ڌيءَ ڏيندو! مون کي پنهنجي چوٽي پٽائڻي ناهي!“ ■
1975