مٿي جو ڌڪ
ڦندڻ ۽ مان پهه پچائي رهيا هئاسين.
اسان جي پاڙيسريءَ جو ٻار ڊوڙندو، واءُ ويلا ڪندو اسان جي گهر ۾ ڪاهي آيو. ان کان اڳ جو هو ڪجهه ڳالهائي، ڦندڻ کانئس پڇيو،”اڙي ڇورا، ڪٿي ڪو افسانو ڇپرايو اٿئي ڇا!“
ڇوڪري ڪنڌ سان انڪار ڪيو.
ڦندڻ کانئس پڇيو،”ڪا شاعري ڪئي اٿئي ڇا؟“
هن انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”ته پوءِ ڀڄندو ڇو پيو وتين!“ ڦندڻ چيو،”جيڪڏهن سنڌي اديب ناهين، ته پوءِ سمجهه ته مزي ۾ آهين“.
ٻار جو ساهه جائيتو ٿيو. هن چيو،”منهنجي پيءُ کي مٿي تي ڌڪ لڳو آهي“.
”مٿي جي ڌڪ جو فڪر نه ڪبو آهي، ٻارڙا“. ڦندڻ چيو،”فقط دل جو ڌڪ پنائي رکندو آهي“.
ٻار چيو،”منهنجو پيءُ پنهنجي يادگيري وڃائي ويـٺو آهي. کيس ڪجهه به ياد نه ٿو اچي.“
ان کان پوءِ ٻارڙي نهايت دردناڪ پيرائي ۾ پنهنجي پيءُ جي ڌڪ جو ذڪر ڪيو، ۽ ٻڌايو ته ڪيئن وهنجندي هو ڪري پيو، مٿي ۾ نلڪو لڳس ۽ يادگيري وڃائي ويٺو.
مون ڦندڻ کي چيو،”اسين جيئن ته ثواب جو ٻيو ڪو به ڪم نه ڪندا آهيون، تنهن ڪري اچ ته پاڙيسريءَ جي مدد ڪري ثواب ڪمايون.“
ڦندڻ ۽ مان پاڙيسريءَ جي گهر وياسين. پاڙيسريءَ اسان کان پڇيو،”توهين ٻئي ڪير آهيو؟“
مون وراڻيو،”اسين تنهنجا پاڙيسري آهيون.“
”مان توهان کي نه ٿو سڃاڻان،“ هن هڪدم چيو.
”تنهنجو پٽ اسان کي وٺي آيو آهي.“ مون پاڙيسري کي چيو،”توکي مٿي تي ڌڪ لڳو آهي.“
”ڪير ٿو چوي مونکي مٿي تي ڌڪ لڳو آهي.“ هن پڇيو.
کيس ٻڌايم،”تنهنجو پٽ ٿو چوي.“
”منهنجو پٽ!“هن پڇيو،”ڪٿي آهي منهنجو پٽ؟“
ٻار هڪدم چيو،”بابا مان تنهنجو پٽ آهيان، اندر امان ويٺي آهي ۽ روئي رهي آهي.“
پڇيائين،”روئي رهي آهي، ڇو؟“
”ڇو جو تون پنهنجي يادگيري وڃائي ويٺو آهين.“ ٻار چيو،”توکي ڪجهه به ياد نه ٿو اچي. مان تنهنجو پٽ آهيان.“
”تون مونکي خرڪارن جو ٻار ٿو لڳين.“هن چيو،”تون منهنجو پٽ ناهين.“
ٻار روئڻ لڳو. اندران سندس ماءُ جي روئڻ جو آواز اچڻ لڳو.
ڦندڻ مونکي چيو،”فلمن ۾ جڏهين هيري جي يادگيري مٿي تي ڌڪ لڳڻ سبب غائب ٿي ويندي آهي، تڏهن هيري جي مٿي تي ٻئي ڌڪ لڳڻ سان سندس يادگيري موٽي ايندي آهي. ڇو نه اسين به پاڙيسريءَ جي مٿي تي هڪڙو ٻيو ڌڪ وهائي ڪڍون!“
”ڌڪ لڳڻ سان مري پوي ته پوءِ!“ مون سندس صلاح رد ڪندي چيو ،”منهنجو خيال آهي ته ڊاڪٽر زيڊ کان سندس علاج ڪرايون.“
”زيڊ بيڪار آهي.“ ڦندڻ چيو،”ڊاڪٽر ايڪس وڌيڪ هوشيار ۽ تجربيڪار آهي.“
”ڊاڪٽر ايڪس تمام ڳري في وٺندو آهي. ٽن مهينن کان پوءِ ته مون کي مسين مسين پگهار ملي آهي.“ پاڙيسريءَ چيو،”توهين ڊاڪٽر زيڊ کي وٺي اچو. سستو ڊاڪٽر آهي.“
ڦندڻ ۽ مون عجب وچان هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.
پاڙيسريءَ چيو،”في الحال رمضان جي مهانگائي جو ڌڪ بچائڻو آهي. تنهنڪري توهين منهنجي مٿي جي ڌڪ جو فڪر نه ڪريو، وڃو. مان بلڪل ٺيڪ آهيان. فقط پنهنجي يادگيري وڃائي ويٺو آهيان.“ ■
1975