اکـيـون
ڦندڻ، عامل ڪامل صحافيءَ ڏهن ڏينهن جي موڪل لاءِ درخواست ڏني، درخواست ۾ ڪو به واضح سبب نه ڄاڻايائين. بس، فقط ايترو لکيائين، ته ڪنهن ضروري ڪم سانگي ڏهه ڏينهن اخبار جو ڪم ڪري نه سگهندس.
ڦندڻ جو ضروري ڪم گهڻو اڳ ختم ٿي ويو هو. ان ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ڦندڻ وري ڪڏهن به موڪل لاءِ درخواست نه ڏني هئي. هو جڏهن درخواست کڻي آيو، تڏهن اسان سڀني کي شڪ پيو. کيس ايڊيٽر جي ڪمري ۾ وڃڻ نه ڏنوسينس. کيس نيوز روم ۾ قابو ڪري ويهاريوسين.
سڀني گڏيل فيصلو ڪيو ته ڦندڻ کان آڏي پڇا ڪئي وڃي.
دوستن ۽ ساٿي صحافين، ڦندڻ کان آڏي پڇا شروع ڪئي.
”ڦندڻ، ڏهه ڏينهن موڪل وٺـي ڇا ڪندين؟“
”ڪو ضروري ڪم اٿم.“
”ڪهڙي قسم جو ڪم اٿئي؟“
”ڪم ذاتي آهي.“
”شادي ته نه پيو ڪرين؟“
”في الحال برباد ٿيڻ جو ڪو به ارادو ڪونهيم.“
”ته پوءِ ڏهه ڏينهن موڪل ڇو ٿو وٺين؟“
”منهنجي مرضي!“
”واهه! تنهنجي مرضي، ڄڻ ڪنهن ٿاڻي جو ايس ايڇ او آهين.“
”ٻڌاءِ ڦندڻ، ڏهه ڏينهن موڪل ڇو پيو وٺين؟“
”اڙي بابا، مٿو ڇو پيا کائو، چيم نه، ته ذاتي ڪم اٿم.“
”ڪنهن بئنڪ کي کاٽ ته نه هڻندين؟“
”بئنڪ کي کاٽ هڻڻ اچيم ها، ته اڄ جيڪر ڪنهن ڪارخاني جو مالڪ هجان ها.“
”يار ڦندڻ، ته پوءِ ڏهه ڏينهن موڪل ڇو ٿو وٺين؟“
”مان نه ٻڌائيندس.“
”ته پوءِ اسين توکي ايڊيٽر جي ڪمري ۾ وڃڻ نه ڏينداسين.“
ويچارو ڦندڻ امن پسند آهي. اسان جي دڙڪي تي هيسجي ويو.
مونکي ڦندڻ تي رحم آيو. مون سمجهيو، ڦندڻ جي ٽڙيل پکڙيل زندگيءَ کي وري شايد ڪنهن سينگارڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڦندڻ پنهنجي اڌ کان وڌيڪ زندگي واعدن کي نذرانو ڪري ڏيئي ڇڏي آهي. ڪجهه عرصو اڳ هڪ ڇوڪريءَ ڦندڻ جي رڃ جهڙي زندگي سينگارڻ جو واعدو ڪيو هو. تڏهن، ڦندڻ هڪ نه ٻئي ڏينهن اخبار مان موڪل وٺندو هو. موڪل ۾ ڪو ضروري ڪم ڄاڻائيندو هو. ضروري ڪم جي بهاني ڦندڻ موڪل وٺي اخبار مان غائب ٿي ويندو هو، ان ڇوڪريءَ جا واعدا، انجام، اقرار ۽ قسم ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. پوءِ، هڪڙي ڏينهن اها ڇوڪري جڏهن ڦندڻ کي فريب ڏئي هلي ويئي هئي، تڏهن ڦندڻ پنهنجو اندر مون سان اوريو هو، ۽ رنو هو. پوءِ هن ضروري ڪم سان موڪل وٺڻ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو هو. ان ڏينهن جڏهن ڦندڻ ڏهن ڏينهن جي موڪل جي درخواست کڻي آيو، تڏهن مونکي شڪ پيو.
مان ڦندڻ کي دوستن جي قبضي مان ڪڍي، نيوز روم مان ٻاهر وٺي ويس. پڇيومانس، ”ڦندڻ، وري ڪو چڪر هلايو اٿئي ڇا؟“
چيائين، ”نه يار.“
پڇيم، ”ته پوءِ ڏهن ڏينهن لاءِ موڪل ڇو پيو وٺين؟“
ڦندڻ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو، ”هڪ هنڌ ماڻهن کي اهڙيون اکيون لڳائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جو ماڻهن کي هر طرف بهار، گل ۽ خوشيون ڏسڻ ۾ اينديون. ڪجهه ماڻهن اهڙيون اکيون هڻايون آهن. انهن کي هر طرف خوشيون، گل ۽ بهار جو منظر نظر اچڻ لڳو آهي. مان به اهڙيون اکيون هڻائڻ پيو وڃان.“
پڇيومانس، ”پنهنجيون اکيون ڪيڏانهن ڪندين؟“
وراڻيائين،”پنهنجيون اکيون ڪانگن کي ڪڍي ڏيندس.“ ■
1973