ٿَــرَ ۾ سوڪهڙو
ڪڪريون ٻوڙيون، سَڏُ سُڻن ئي ڪينَ ٿيون.
ٿاريليءَ جو جنڊُ، ”داڻو داڻو“ ٿو چوي
مايوسين جو منڊُ، ڪيسين رهندو ديسَ تي.
روٽيءَ ڌاران رُڃَ، چهرا چؤنرن ڀرسان
ڪڏهن لهندي اُڃَ، وارياسي وُجودَ جي.
واريءَ ۾ ويڙهي، ٿوهَر ٿا آڇين
جذبا ٿا ماپين، ڏائڻ جهڙا ڏينهڙا.
مُهراڻيءَ مان موٽيا، اُڃارا مهمان،
پهرَ هُئي ڪانه، اونڌا گھَڙا اوطاقَ ۾.
ننڊَ نگر کان دُور، ننگر جون هي نينگريون
سپُنا ڀَڳَل ڪينگريون، سُڪلَ کوههَ اکين جا.
اڄُ به پوڙهيءَ آ کنئي، پاڻيءَ آکاڻي
اکين ۾ پاڻي هرَ هرَ هُن کي ٿو اچي.
وڻَ وڍيندڙ ڪيترا، پوکيندڙ ٿورا
ڀونءِ مٿان ڀورا، ڇانوَ وڃي ٿي کسڪندي.
چَرَن ڪيئن چارو، سُڪيون سڀُ وليون
ڍڳن جون ٽَليون، ڄڻُ ته روئن ٿيون پيون.
منهنجي حصي جو تون، مونکي ڏي پاڻي
ڪُوڙي آکاڻي، اُڃَ اُجھائي ڪين ٿي.
اڃان به اتهاسَ جا، هيڻن سان راڱا
ڀاڳين جا ڀاڱا، ڏاڍا کائي ٿا وڃن.
همت ۽ ڪُجھه حوصلو، ماروئڙا مسڪين
سدا رهنديون ڪين، هي وطن جون حالتون.