نينهنَ جَبلَ جي ڇانوَ ۾
جنهن هو ڪالهه چَيو: ”دل ۾ تون ئي ٿو وسين.“
چهري تي ماٺار ۽ مَنُ سڄو ڦاڪُون
ڪاش سمجهين تون، نينهن جَبلَ جي دردَ کي.
چيو نينهنَ جبلَ، مونکي هڪڙي شامَ
”سمنڊ کي سلامَ، سومرا! ساري ڏجانءِ.“
پيرَ پهاڙِيءَ پيچرا، اکيون ڄڻُ ته اروڙ،
ڊوڙ اڃان ڀي ڊوڙُ، محبوبن جي ماڳ ڏي.
ديويءَ جي مندرَ مان پوڄاري نڪتو
ساڳيو ئي رستو، ويو پَئي مسيت ڏي.
گھايلَ ڪائي دانهن، ڪنهن جا ڪالههَ ڪئي
اڄُ به گُونجي پَئي، گھٽين منجھه اروڙ جي.
ساروڻين جا دل تي، گھوڙا ٿا ڊوڙن
مون کي ٿا ٻوڙن، سپُنا نيري سَمُنڊ ۾.
ڌُوڙ سڄي تاريخ جي، چهري تي آهي
ڏاهو ڪو ڊاهي، ڪارنهن ان ڪتابَ جي.
مينهن پُڄاڻان ٻارڙا، سڪا ٿا ڳولن
پکي ٿا ٻولن، گيتُ ڪوئي اتهاسَ جو.
روهڙي سوڙهي آ، دل نه سوڙهي ڪَرِ
عشق اچئي جي دَرِ، ان جي ڪر تون آجيان.
ويهي ڀِٽَ اروڙ تي، ڀٽيءَ* پئي سوچيو
ڪيڏو يَرَ ڀوڳيو، پنهنجي دُکي ديس آ.
لٿو سِجَ اروڙ ۾، سوچيندي توتي
شام وئي اوتَي، گيڙو رنگ اکين ۾.
* [b]نينهن جبلُ[/b] ـــ اروڙ جو مشهور تاريخي جبل
* [b]رشيد ڀٽي[/b] ـــــ مشهور اديب ۽ ڪهاڻيڪار