تُون اڌوري نه آهين (ڪشور ناهيد جي نالي)
پُورو نه سَهي
تُون اڌوري نه آهين.
تو خودڪشي نه ڪَئي
پر شاعري ڪَئي
۽ اُجھامندڙ زندگيءَ کي
نئين روشني ڏني.
تو تخليق جي دردَ سان
پنهنجي ٽُٽل وجود کي جوڙي
پنهنجي ذات جي تڪميل ڪئي آهي
تُون اڌوري نه آهين.
سمُنڊ جي اڪيلائي
ساحل جو ڏُکُ
۽ ٻيڙين جي بيچيني
تُنهنجي رُوحَ جو حصو آهن
تُون اڌوري نه آهين.
تُنهنجو ڪتابُ
ڪٻاڙيءَ جي دوڪان تي
ڀَلي اڌُ قيمت تي وڪامندو هُجي
پَر تُنهنجا لفظ
پورو سچُ چون ٿا.
تُون اڌوري نه آهين.
”خاڪَ ۽ خُوابَ“ جي وچ ۾
بيٺل عورت جي هٿن ۾
هڪ نقشو آهي
جنهن ۾ هڪُ رستو آهي
جيڪو سچَل سرمست جي شهر
درازن ڏانهن وڃي
اَناالحق جي سنگ ميل وٽ رُڪجي ٿو
۽ اُتان پنهنجي تخليق جو سفرُ
شروع ٿئي ٿو
تُون اڌوري نه آهين.