مهاڳ
اُبتو به لکيم، سُبتو به لکيم
نوجوان شاعر واحد ”سوز“ ملاح ڪجهه وقت اڳ مون کي سندس شاعريءَ جي اڻ ڇپيل ڪتاب تي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو، مون کيس ڪنهن ٻئي دوست کان مهاڳ لکرائڻ لاءِ چيو پر پاڻ نه مُڙيو، هڪ ڏينهن نيٺ مسودو منهنجي حوالي ڪري ويو ۽ پوءِ مون به هائوڪار ڪئي، جنهن جو خاص سبب هيءُ آهي ته واحد ”سوز“ ذاتي طور سٺي سڀاءُ رکندڙ ۽ محبتون ڏيندڙ ماڻهو آهي. واحد ”سوز“ سنڌ ساڻيهه جو اهو لڳاتار شاعري ڪندڙ شاعر آهي، جيڪو پنهنجا چار مجموعا ڇپرائي چڪو آهي.
سندس هيءُ مجموعو ”گيڙوءَ رتا خواب“ جيڪو منهنجي سامهون آهي، سو مون هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪيو، هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪرڻ جو سبب هيءُ آهي ته سندس شاعري جي ٻولي، سادگي ۽ رواني پڙهندڙ کي پڙهي پورو ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي. واحد ”سوز“ جي شاعريءَ جو هيءُ مجموعو ”گيڙوءَ رتا خواب“ ۾ 20 نظم، 55 غزل، 50 چؤسٽا، 20 وايون ۽ 20 پنجوڙ (سندس لفظن ۾) آهن. سندس سموري شاعري پڙهڻ سان جيڪو تڪڙو تاثر اُڀري ٿو، سو، هيءُ آهي ته سندس شاعري پڙهندڙ تي بار محسوس نه ٿي ٿئي. سڀني صنفن جو موضوع ۽ انهن جو تسلسل ۽ حالِ حقيقت چٽي آهي. ڪٿي به ڪا مبالغا آرائي ناهي، دقيق لفظن ۽ فلسفن جي دقت ناهي، بلڪ هڪ احساس ۽ سرور بخشي ٿي. جڳ مشهور عالم ۽ نقاد هوريس پنهنجي هڪ مقالي ”شاعريءَ جو فن“ ۾ چوي ٿو ته ”ڪو شاعر جيڪو عظمت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر لفاظي ۾ پئجي وڃي ٿو، ٻيو شاعر پنهنجي موضوع جي يڪسانيت ۾ نمونا پيدا ڪرڻ لاءِ غير معمولي ڳالهه اهڙيءَ ريت پيش ڪري ٿو جو وڻن ۾ مڇي ۽ درياهه جي لهرن تي رڍون ٻڪريون ڏيکاري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن فن غائب آهي ته معمولي غلطيءَ سان به زبردست نقص پيدا ٿي پوندا آهن.“
واحد ”سوز“ جي چڱي ڳالهه هيءَ به آهي ته هيءُ عظيم شاعر ٿيڻ جي چڪر ۾ نه اچڻ جي ڪري گهڻين خامين کان بچي سادگيءَ سان پنهنجا احساس اظهاري رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ سچاين ۽ نج پڻي جو ملهه ئي ناهي. هوريس شاعريءَ جي فن تي بحث ڪندي لکيو آهي ته ”اهو ڪافي ناهي ته شاعري حسين هجي، جيڪڏهن اها ٻڌندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي چاهي ته منجهس اهو جادوئي اثر به هئڻ گهرجي، جيئن مسڪرائيندڙ چهرا انهن طرف ڦرندا آهن ته ڏسندڙ به مسڪرائيندا آهن. ايئن جيئن انهن سان همدردي ڏيکاري ويندي آهي، جيڪي روئندا آهن، جيڪڏهن اوهين مون کي رئاڙڻ گهرو ٿا ته پهرين توهان کي به ان جو غم محسوس ڪرڻ گهرجي.‘‘
منهنجي خيال ۾ اهو سڀ تخليقڪار جي فن تي به ڇڏيل آهي ته هو ڪهڙي ڏانءُ سان پنهنجي ڏات کي پيش ڪري ٿو. ٽالسٽاءِ ئي فن جي لاءِ ٽن ڳالهين کي ضروري ڄاڻايو آهي جيڪي هن ريت آهن:
* ٻين تائين پهچائي ويندڙ احساسن جي انفراديت
* اها چٽائي/سچائي جنهن سان اهو احساس پهچايو ويو آهي
* فنڪار جو خلوص يا سگهه/ اُڏام جنهن سان تخليقڪار ان احساس کي، جيڪو هو پهچائڻ گهري ٿو، سو خود محسوس ڪري.
هر اديب يا شاعر کي پنهنجو ماحول، طور طريقا ۽ حالتون هونديون آهن ته اهڙي ريت وري نوعيتون به مختلف هونديون آهن. اسين ڏسنداسين ته سقراط، افلاطون ۽ ارسطو توڙي جو هڪ خطي ۾ رهندڙ ۽ هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ هئا ۽ سندن زماني ۾ به ايڏو فرق نه هو ، تنهن هوندي به سندن حالتون مختلف رهيون ۽ انهن ئي حالتن سندن نظرين ۽ تخليقن کي متاثر ڪيو. ائين جڏهن اسين مختلف قومن جي تخليقڪارن جو مطالعو ڪنداسين ته منجهن اهي فرق نمايان نظر ايندا. اهو ئي سبب آهي جو سندن تخليقن جي سگهه، انداز ۽ اُڏام مختلف رهي آهي. اهڙي ريت ئي قدر به مختلف هوندا آهن. هر زماني جي قدرن ۾ به فرق هوندو آهي. وڪٽر هيوگو جنهن جو نظريو رهيو ته رومانوي فن جديد فن آهي پر زماني بدلجڻ سان حالتون ۽ تاريخي عمل تبديل ٿي ويا ۽ فن تي اثر انداز ٿيا. مطلب ته زمانو، ماحول ۽ حالتون وڏيون تبديليون آڻينديون، اُهي هر اديب شاعر ۽ فنڪار کي متاثر ڪن ٿيون. جيڪو تخليقڪار جنهن زماني ۽ ماحول ۾ رهندو قدر به اهڙا ئي ملندس. گڏوگڏ جيترو مطالعو ۽ مشاهدو وسيع هوندو تخليل، ڏات ۽ ڏانءُ به اوترو ئي سگهارا هوندا.
سنڌ جي مشهور شاعر، عظيم استاد ۽ اعليٰ انسان سائين محمد خان مجيديءَ جي شهر سان تعلق رکندڙ واحد ”سوز“ ملاح جي شاعريءَ جي خاص ڪري ٻولي ۽ انداز جا اهي ئي اولڙا پسي سگهجن ٿا. نج سنڌي ٻولي، سنڌ ساڻيهه سان پيار، خير جو خواهشمند، اندر جي احساسن جو سادگيءَ سان اظهار وغيره چٽا آهن. سنڌ ساڻيهه خاص ڪري لاڙ جي رتڙين چانورن جي سُڳنڌن کان ويندي اُتي جي حالتن، جذبن ۽ احساسن جي سُرهاڻ واحد سوز جي شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ موجود آهي. هيءُ پنهنجي شاعريءَ ۾ حقيقتن کي اهڙي انداز سان پيش ڪري ٿو، جو سندس پيغام پڙهندڙن جي ذهنن تائين بنهه آسانيءَ سان پهچندي دير ئي نٿو ڪري. چٽو بيان، ٻوليءَ جي سادگي، ننڍا وزن، تجنيس ۽ رواني سندس شاعري جون خوبيون آهن.
وڏيون ڳالهيون ۽ ڳوڙها فلسفا ڀلي نه هجن پر واحد سوز جي شاعريءَ ۾ هيءَ حقيقت پڌري پٽ آهي. سندس شاعريءَ جي هر اسم جو موضوع پنهنجو ڏيهه، پنهنجا ڏيهي، عام زندگي، پيار ۽ امن آهي ۽ ها امن ۽ انسانن جي ويرين سان نفرت به سندس شاعريءَ ۾ چٽي آهي، جيئن هيٺين سٽن ۾ آهي:
ڪيو تنگ طالبانن آ،
سڏائي پاڻ کي مسلم،
ڪري هُو ڍنگ تبليغي
پيا هر شهر ۾ پکڙي،
ٻڌي بم چيلهه پنهنجيءَ ۾...
چيلهه تي بم ٻڌي ڪهڙا ڪلور ڪن ٿا، انهيءَ کان ساري دنيا واقف آهي.
ذڪر ٿي چڪو آهي ته سندس شاعريءَ جي هن ڪتاب ”گيڙوءَ رتا خواب“ ۾ نظم، غزل، چؤسٽا، وايون ۽ پنجوڙ (جنهن صنف کي هن پاڻ نالو ڏنو آهي) شامل آهن. پڙهڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سندس شاعريءَ ۾ نظميت سان سينگاريل نظمن جي رواني وغيره چڱي نموني موجود آهي. هن غزلن ۽ چوسٽن سان به نڀايو آهي. هتي هيءَ ڳالهه به ڳڻڻ جهڙي آهي ته سندس ڪن واين جي وراڻي ڏاڍي وڻندڙ ۽ سُريلي آهي. مثال طور:
سنڌ سموري گهر گهر ووڙيم
***
دل ڪنواريءَ ديس ۾
***
اسان جو پنڌ اوڏانهن آ
***
رات ڪاوڙجي ويئي
يا هيٺيون وايون:
تعبير نه سگهيا جي ماڻي،
ڪئين ڪجن سي ڪيڏانهن هاڻي،
گيڙوءَ رتا خواب اکين ۾.
***
اُبتو لکيم، سُبتو لکيم،
درد وري ڀي درد رهيو.
***
هتي سندس شاعري جي ڪن خوبين جا مثال ڏيڻ به ضروري آهن:
بيان ۽ ٻوليءَ جي سادگي:
هانڀارو هر هنڌ لڳي ويو،
ٿر مارن کان ڀاڳ رسي ويو.
***
اڃا ياد آهن اڪن تي ڦلارون،
اڃا ياد آهن پکين جون اُڏارون،
اڃا ياد آهن نماڻيون نهارون،
اڃا ياد آهن پرين هي بهارون...
***
چري تو چاهه جي چادر ڇڏي ليرون ڪري آخر،
دلين ۾ زهر نفرت جو ڇڏيو ناحق ڀري آخر.
سندس ننڍن وزنن تي سرجيل شاعري نه رڳو پڙهڻ ۾ آسان لڳي ٿي پر دلچسپ به محسوس ٿئي ٿي:
اسان دلبريءَ ۾ ڌڪا خوب کاڌا،
اسان عاشقيءَ جي رکي پت پرين آ.
اسان ”سوز“ آهيون دعاڳو اوهان لئه،
اوهان جنوريءَ کان ڊسمبر خوشيءَ ۾....
***
هٿن ۾ گرم هٿ اوهان جو کپي ٿو،
مُلائم نرم هٿ اوهان جو کپي ٿو،
هجي ”سوز“ ڌرتيءَ سندو چاهه جنهن ۾،
اهڙو ئي ڌرم هٿ اوهان جو کپي ٿو.
***
تجنيس:
مڪلي، موهن، ڪينجهر منڇر،
ڀنڀور، ڀتون ۽ ديبل بندر،
ڪُن ڪلاچي سمنڊ سمورو،
سنڌ امن جي ڌرتي.....
***
سُک جو جوڙيون ڏيهه سڄو هت،
آزاد امن جا ڳيرا اُڀ ۾،
شام صبح بي خوف اُڏن لک،
چيٽ ڪتيون چانڊاڻ چمن ۾.
***
سندس خيال به نه رڳو وڻندڙ آهن پر نفيس به آهن:
حياتي سور جهڙي آ،
تتل تندور جهڙي آ،
ڪڏهن ڄڻ ٽوهه کان ڪوڙي،
ڪڏهن انگور جهڙي آ.
***
اسان وقت سان گڏ ڀريا پير آهن،
رڳو وار اس ۾ اڇا ٿيا ته ناهن.
منظر ڪي ٺاهيندو اڳتي،
وقت وڃي ڪاهيندو اڳتي.
***
درد مليو دل روئي وٺجي،
ڳوڙهن سان منهن ڌوئي وٺجي،
هڏڪي تيز ٿئي ٿي جنهن دم،
دلبر جو نالو ئي وٺجي.
***
سڀني حقيقتن کي هڪ پاسي رکي هيءَ ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته ”رب، رسول کان پوءِ تون ئي ويساهه ڀٽائي“ جهڙي سٽ جي شاعر واحد ”سوز“ ملاح پنهنجي شاعريءَ جي رياض کي جاري رکندي اڃا به اڳتي اُڀرندو ۽ سندس گيڙوءَ رتا خواب ضرور ساڀيان ٿيندا.
ڊاڪٽر محمد علي ”مانجهي“
مڪلي ٺٽو
08 جون 2016ع