دل چَوي ٿي دادِلو بنجي پوان،
هر قدم تي حوصِلو بنجي پوان.
”سوز“ مون کي تون ڏسي مَرڪي پوين،
چيچ تنهنجيءَ جو ڇَلو بنجي پوان.
چَڙهندڙ سج جا ڪِرندڙ ڪِرڻا،
گوريءَ مُک تي پوندڙ ڪِرڻا.
”سوز“ جهڳٽ جيئن تارن جو ڪو!
موهيڙن کي چُمندڙ ڪِرڻا.
اوهان جي اڳيان هي جُهڪن روز نظرون،
سوين التجائون رکن روز نظرون.
ڪري ”سوز“ سجدا وفا جي وچن جا،
اڃان ڪونه ٿيون هي ٿڪن روز نظرون.
تون جي مون سان مور نه ٺهندين،
درد ڏئي ڀرپور نه ٺهندين.
جيون پوءِ هي ڪهڙي ڪم جو،
مَربو ٿي مجبور نه ٺهندين.
شينهن جبل ۾ ٽاڪوڙ ڪري جيئن،
سنڌو وهندو گجگوڙ ڪري جيئن.
ڪات کڻي پئو ڪاهي دشمن ۾،
ٿي مينهن ڪِلي ڏي ڊوڙ ڪري جيئن.
سنڌي قومي سُندر ٻولي،
جيجل ”سوز“ ڏني جا لولي.
سَرمايو آهي ته اسان لئه،
سنڌوءَ جي هر ڇُلندڙ ڇولي.
آزاديءَ جو پنڌ پُڇڻ ڏي،
سنڌ امڙ جي خاڪ چُمڻ ڏي.
ونگ غلاميءَ جا ڪڍ رهزن،
مون کي ٿورو ”سوز“ ڪُڇڻ ڏي.
تنهنجي دل سا ناهي ساڳي،
ڪيڏي سوڙهه پئي آ جاڳي.
شوخ طبيعت ”سوز“ رکي تو،
بخشي مون کي سوچ نڀاڳي.
ماڻهن کي ٿي مجبوري ماري،
درد وندي دل کي دوري ماري.
هر ڪنهن جو هر راز رکڻ جي لئه،
من جو ٿو شخص ضروري ماري.
اخبار پڙهي پيو سوچي،
اشتهار پڙهي پيو سوچي.
مردانه طاقت جون گوريون!
ڏس ٻار پڙهي پيو سوچي.
پئي سوچ تڙپي ذهن جي پڌر تي،
سُڪل نازبوءِ گل مثل جيئن قبر تي.
خوشي ڄڻ ته چيهون وئي ”سوز“ بڻجي،
سکن جو نه سايو پُڳو دل نگر تي.
سوچ سفر جي ٻيٽان نڪري،
واڳونءَ جي ڄڻ پيٽان نڪري.
مَس مَس تازو روح ٿيو آ،
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽان نڪري.
ٻيڙياتا! ٻئي پار وٺي هل،
سور ستم کان ڌار وٺي هل.
جنت جهڙي هير گُهلي جت،
”سوز“ اُنهيءَ سنسار وٺي هل.
لوهار ادا! ٻُڌ عرض سندم،
درد هجر ۾ ٿي چور اٿم.
قلب ٽٽل کي ريهه ڏئي ڏي،
”سوز“ دعائون ڏيندئي هردم.
دل جو گلشن ڀيل ويو ٿي،
جيئڻ جڳ ۾ ويل ويو ٿي.
سک جون گهڙيون سور چڳي ويا،
جيون ڏک جو جيل ويو ٿي.
اسان جو ته سينو سَٿيل سور ۾ آ،
فراقن ڦٽن! جي چٿيل سور ۾ آ.
ويو هيسجي آ پکي ساهه وارو،
ڪُٺل قلب جو قد ڪٿيل سور ۾ آ.