ڪتاب جو نالو: ڳوڙها ڳوڙها ڳـَلَ
مصنف: مور مغيري
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 05 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 339 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 96 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مور مغيريءَ جي شاعري عشق، پيار، محبت ۽ وطن دوستيءَ سان ڀرپور آهي. هن جي شاعري سنڌي ادب جو املهه ميراث آهي. سندس شاعري ادب ۾ پنھنجي الڳ حيثيت والاري ٿي. مورَ جو ادبي سفر ويھن سالن جي وشال عرصي تائين پکڙيو پيو آهي. جنھن ادب جي ميدان تي مسلسل رياضت ڪري، پاڻ مڃايو آهي ۽ پنھنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپــنــا:
  • اداري پاران
  • مور مغيري: مختصر معلومات
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • محبتي، ملنسار ۽ سيبتو شاعر: مور مغيري
  • جديد حسناڪيت وارو شاعر: مور مغيري
  • مور مغيري احساسن ڀريو شاعر
  • مهمان نواز شاعر: مور مغيري
  • سنڌ جو سريلو شاعر: مور مغيري
  • مِٺو مورُ ماڻھو... مورُ مُغيري
  • "ڳوڙها ڳوڙها ڳل” لاءِ ڪجھه آءُ به چوان
  • غزل

  • مالڪ سڀن جو مولا الله تون ئي آهين
  • اڙين جا آڌار او سائين،
  • سچل سائين اسين هاڻي، اوهانجي در تي آيا هون،
  • اچي واهر اسان جي ڪر، قلندر ڪبريا سائين،
  • اسانجي اميدن جي پوري ڪھاڻي،
  • فسانو تنھنجو چھرو، ڪھاڻي هي سڄڻ اکيون،
  • کلي اکيون کڻي هر هر، نھارن کي پئي ڇيڙين،
  • اشارن ادا سان نھارڻ ڇڏي ڏي،
  • نقابن مان ڏسڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني،
  • صدائن ۾ ناهي اثر ڪوبه جاني،
  • اها يار اک جي اُلارڻ جي سازش،
  • اوهان جي اکين مان جواني تڪي ٿي،
  • غزل، گيت، دوها صنم ڪاغذن تي،
  • رات بي ياد جا ولولا جاڳيا،
  • ڪيئن رات گذري، اچي چنڊ کان پڇ،
  • اسان ياد تنھنجي ڀُلائي نه آهي،
  • اوهان جو فسانو ادارو لڳي ٿو،
  • مٺي وارَ کولي ٿي مُکَ تي ورائي،
  • ستارن ڳڻيندي سڄي رات گذري،
  • ڪناري مٿان راڄ راڻي ڏڪي ٿي،
  • جواني وئي يار گذري غمن ۾،
  • حياتيءَ جو لاچار سارو فسانو،
  • اسان جي اکين جي هي آلاڻ سھڻي،
  • کلي اک کڻي جو ٻکائي ڇڏين ٿي،
  • چوان ٿو ته توتي لکان ڪو غزل،
  • گواهي ستارن سڀن کان پڇي ڏس،
  • نظر تنھنجي جو ڇا اثر سانوري،
  • پرين اڄ پروڪي وچن جي مھابي،
  • جڏهن تو پياريو پيالو پرين،
  • حسن جي يار بازر ۾ ڏٺي مون سينُ ڳوٺاڻي،
  • ڇا ته منظر پرين تنھنجي نيڻن اندر،
  • سڄي سنڌ ٻوڙي ڇڏيو آهي پاڻي،
  • ٽوپي اجرڪ وارا ماڻهو،
  • ٿيو ڪين تنھنجو اچڻ عيد تي،
  • اوهان ساڻ محبت، وطن جي نموني،
  • نيڻ برسات وانگي وسن ڍوليا،
  • کڻي نيڻ ٻيھر نھارڻ وري اچ،
  • اسان توکي ورتو لکن ۾ پِني آ،
  • تو اکين ساڻ اوتيا نشا عيد تي،
  • اچو مند مرڪي ملھاري ملهايون،
  • اچو عيد تي گڏ رهو “مور” سان،
  • سنڌي ٻولي نياري آهي،
  • ڏٺم ڇا ته منظر گلابي وڳي سان،
  • آ هلي هڪ وار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري،
  • ڦلاري آ موسم اڃان تون نه آئين،
  • غمن ۾ گذر ٿي وئي زندگاني،
  • وري بي ياد آئي آ اها ئي رات سانوڻ ۾،
  • لڳي ٿو سفر ڄڻ،
  • رسڻ ريت توکي نه آهي روا،
  • شروعات واري ملاقات ياد آ،
  • مٺي دل اوهانکي وساري ته ڏوهي،
  • دل وساري ڪين ٿي ان شام کي،
  • اشارا نرالا اوهانجي نظر جا،
  • وري مند آئي، نه آئين پرين تون،
  • سخن جو شھنشاهه آهي ڀٽائي،
  • اچين ٿي ته محفل ۾ چانڊاڻ آهي،
  • وري يار ٻيھر سرنھن بي ڦلاري،
  • وري ياد ٻيھر وري پوپري،
  • اسانجي اميدن کي ڪچلي پياري،
  • ڪيا تنھنجي ديدن جي ديدار زخمي،
  • وري يادگيري وري پوپري،
  • پرين ياد نوڪر پراڻو ته ڪر،
  • وري يار ٻيھر وري آيو آ ڊسمبر،
  • مسي پاڻ ٻئي کير، مصري ٿياسين،
  • چؤسٽا

  • پرين توکان پري هتي، ڪين ٿا گذرن پل، ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ،
  • تنھنجو چنڊ چھرو ۽ اکيون شرابي،
  • پرين وار پنھنجا ڪلهن تي پکيڙي،
  • تنھنجي حسن جي يار تجلي آ اهڙي،
  • بنا جرم، مجرم، ڇو معصوم ڪيو ٿئي،
  • سـَرَ به ڄاڻ پيا هن نِسري،
  • پرين چنڊ، تارا گواهي به ڏيندا،
  • ڪاري وڳي جي پائڻ واري،
  • پـرين تنھنجي اکين جا اسرار زاري،

  • حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : ڳوڙها ڳوڙها ڳـَلَ
    موضوع : شاعري
    ليکڪ : مور مغيري
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇاپو : پھريون، 2018ع.
    ٽائيٽل : مصور منگي
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري.

    مُلھه : 200 روپيه

    Name of Book : GORHA GORHA GALL
    (Poetry)
    Writer : MORE MUGHERI
    Quantity : ONE THOUSAND
    Edition : First, 2018.
    Title : MUSAWAR MANGI
    Published by : SARSWATI SAHAT GHAR DOKRI


    ڪتاب ملڻ جو هنڌ:
    سنڌ جا سمورا ڪتاب گهر.
    ڪتاب گهرائڻ يا رابطي لاءِ :
    مور مغيري، لعلو رائنڪ تعلقو وارهه ضلعو قمبر
    Email: moremugheri@gmail.com
    Mob: 0313-0336644, 0337-598066
    0344-3868088


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي نئون ڪتاب ”ڳوڙھا ڳوڙھا ڳل“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب خوبصورت شاعر مور مغيريءَ“ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آهي.
    مور مغيريءَ جي شاعري عشق، پيار، محبت ۽ وطن دوستيءَ سان ڀرپور آهي. هن جي شاعري سنڌي ادب جو املهه ميراث آهي. سندس شاعري ادب ۾ پنھنجي الڳ حيثيت والاري ٿي. مورَ جو ادبي سفر ويھن سالن جي وشال عرصي تائين پکڙيو پيو آهي. جنھن ادب جي ميدان تي مسلسل رياضت ڪري، پاڻ مڃايو آهي ۽ پنھنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي.
    هي ڪتاب سرسوتي ساھت گھر، ڏوڪري پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري عيسيٰ ميمڻ جا جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپــنــا:

    پيار جو پهريون پورهيو
    شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
    جي سنڌي شعبي ۾ ايم فل ڪورس ورڪ
    وارين خوشگوار گهڙين ۽ خوبصورت يادگيرين
    جي نانءُ ڪريان ٿو.

    مور مغيري


    اداري پاران

    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري، جو قيام 2012ع ۾ عمل ۾ آيو. هن اداري جو قيام عمل ۾ آڻڻ جا بنيادي طور تي ٻه سبب هئا:
    هڪ اهي اديب، شاعر جيڪي پنھنجو ڪتاب غربت سبب شايع نٿا ڪرائي سگهن ۽ اسان جا وڏا ادارا خانگي توڙي سرڪاري ادارا انھن کي شايع ڪرائڻ ۾ ڪباهت محسوس ڪن ٿا، انھن اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب هن اداري پاران ترجيحي بنيادن تي شايع ڪيا ويندا.
    ٻيو ته نئين نسل جي اڀرندڙ لکارين کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪرائڻ ته جيئن انھن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي.
    انهيءَ بنياد تي بنا ڪنھن منافعي جي اداري جو سفر جاري آهي. 2012ع کان 2018ع تائين چاليهه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. بنا ڪنھن مالي مفادن جي اسان جو هي سفر جاري آهي. اسان جا هٿ پھريان به صاف هئا ۽ اڄ به هٿ صاف آهن. ڇاڪاڻ ته اسان جو ڪم منافعو ڪمائڻ نه پر ادب جي خدمت ڪرڻ رهيو آهي.
    مور مغيريءَ جو هيءُ ڪتاب ”ڳوڙها ڳوڙها ڳل“ پھريون ڪتاب آهي. هن جي شاعري عشق، پيار، محبت ۽ وطن دوستيءَ سان ڀرپور آهي. هن جي شاعري سنڌي ادب جو املهه ميراث آهي. سندس شاعري ادب ۾ پنھنجي الڳ حيثيت والاري ٿي. اسان کي فخر آهي ته اڀرندڙ شاعر مور مغيريءَ جي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب اسان جي اداري پاران شايع ٿي اوهان تائين پھتو آهي. هن جو ادبي سفر ويھن سالن جي وشال عرصي تائين پکڙيو پيو آهي. جنھن ادب جي ميدان تي مسلسل رياضت ڪري، پاڻ مڃايو آهي ۽ پنھنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي. وڌيڪ لاءِ اوهان جي مانائتي موٽ جو اوسيئـڙو رهندو.

    عيسى ميمڻ
    چيئرمين


    مور مغيري: مختصر معلومات

    نالو : غلام عمر ولد : رئيس عبداللطيف مغيري
    ادبي نالو : مور مغيري
    ڄمڻ جو هنڌ ۽ تاريخ : 13 جنوري 1976ع ،
    ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري، تعلقو وارھ.
    تعليم : * ايم. اي ( سنڌي ۽ پوليٽيڪل سائنس )
    * بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ.
    * ايم. فل (سنڌي ادب).
    (عنوان: صوفي سيد رکيل شاه جي سنڌي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو )
    ڌنڌو : استاد (JST ( شهيد زيڊ اي ڀٽو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول وڳڻ .
    ادبي سڃاڻپ : شاعر، ڪالم نويس ۽ محقق
    ايوارڊ : عباسي ڪلھوڙا تنظيم پاران شاعريءَ ۾ خدمتن عيوض ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ادبي ايوارڊ 2001ع“.
    مصروفيتون : تعليمي ، ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏيڻ .
    پسند جون صنفون : غزل ۽ چوسٽو
    ڳايل شاعري : عاشق نظاماڻي، سليم رضا ڪنڀر ۽ عنايت ميمڻ
    ڇپيل ڪتاب : ڳوڙھا ڳوڙها ڳل (شاعري)
    اڻ ڇپيل ڪتاب : 1 : اکين ۾ ٿي ويھه (شاعري). 2 : مٺڙي امان (ٻاراڻي شاعري).
    3 : قلم چوي ٿو...... (ڪالم). 4: ڏوريون ويٺو ڏور (مقالا)
    5 : وڏيرو (اسٽيج ڊرامي جي ڪهاڻي)
    پسند جا ڪتاب : قرآن مجيد ۽ شاه جو رسالو
    پسند جا شاعر : شاه عبداللطيف ڀٽائي، استاد بخاري، راشد مورائي، غلام حيدر گَجو ۽ سنڌ جا سڀئي سريلا شاعر.
    پسند جي شخصيت : محبوب شخصيت، جيڪا منھنجي دل جي ڌڙڪن آهي.
    پسند جو، گل ۽ خوشبو : گلاب جو گل.
    پسند جو رنگ : بوسڪي.
    پسند جا ڪپڙا : سلوار ۽ قميص
    پسند جا کاڌا : دال ، پلي ، سرنھن جو ساڳ، چانور ۽ مڇي.
    پسند جو شهر: اباڻو ڳوٺ ( قمبرڪوٽ مغيري )، لاڙڪاڻو، خيرپور ميرس ۽ مدينو شريف.
    پسند جو پهر : صبح جو پهر. پسند جي موسم : سيارو ۽ ڦولار جي مند.
    ڏس: ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري، تعلقو واره، ضلعو قمبر
    موبائيل 03130336644،03337598066


    تعارف: منير سومرو


    پنهنجي پاران

    شاعري اندر جي احساسن ، اڌمن، امنگن، اميدن ، جذبن ۽ حسين خوابن کي اظهار ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. شاعري روح جي راحت، صحت ۽ فرحت آهي. شاعري پيار، پنھنجائپ ، عشق ۽ محبت آهي. شاعري امن، ايڪي ، اتحاد ۽ آجپي جي علامت آهي. شاعري سونھن آهي، سچ ، شعور ۽ روشني جي واٽ آهي.شاعري شعور جي اک ۽ درد جو ڳوڙهو آهي. شاعري سرهاڻ، چانڊاڻ ۽ ميٺاڻ آهي. شاعري، سرتي ۽ ڌرتي آهي. شاعري ڏک ، سک، سڪ، سور، خوشي ۽ غمي به آهي. شاعري ساهه، چاهه ۽ ويساھ آهي شاعري ذهني ولوڙ آهي. دل جي دانھن جي زبان ۽ جگر جو آواز آهي. شاعري جدوجهد جو دڳ ۽ ڪاميابيءَ جي منزل آهي. شاعري سوچ ۽ شعور جو پڙاڏو ۽ سڏ آهي. شاعري بھار جي ٿڌڙي هيرَ ۽ ڦولار جي مند آهي. شاعري گل ۽ گلزاري آهي. باغ ۽ بهاري آهي. شاعري سونھن جي ساراه ۽ سماج جي عڪاسي آهي. شاعري ڏات آهي، ڏانءُ آهي. انهيءَ ڪري، شاعري اسانجي دل، ذهن ۽ ساهه ۾ سمايل آهي. پاڻ شاعر آهيون ۽ شاعريءَ سان پنھنجو عشق آهي. پاڻ کي ته شاعري ماکيءَ جيان مٺي، بھار جي مند کان به ڀلڙي، گلاب جي گلن کان به خوبصورت، انڊلٺ ۽ پوپٽ جي رنگن کان به پياري لڳندي آهي. ڇوته شاعريءَ ۾ محبوب جي ساراهه جي سرهاڻ هوندي آهي. معشوق جي گفتن جي هڳساڻ آهي. شاعري غريب جي آواز جي گونجار آهي. شاعري ٻوليءَ جي حفاظت ، ڌرتيءَ جي ديوار ۽ وطن جو ويس آهي انهيءَ ڪري شاعريءَ سان پنھنجو پيچ پيار ۽ محبت آهي ۽ محبت جي اهائي سڳنڌ اسانجي جيون ۾ هڳساڻ آڻي ۽ زندگي کي رنگيني بخشي ٿي.
    شاعريءَ جي ڏات ، ننڍپڻ کان منھنجي دل ، ذهن ۽ روح جي رڳن ۾ سمايل رهي آهي. پاڻ جڏهن به اڪيلائيءَ ۾ هوندو هيس ته، سٽون ٺاهيندو قافيا ملائيندو شاعري ڪندو رهندو هيس. انهيءَ مهل مونکي گيت. غزل، وائي، ڪافي يا ٻين صنفن جي خبر ڪانه هئي. صرف ڪلام ۽ ڏوهيڙي جي معلومات هئي. اهو جلال چانڊيي جي عروج جو دؤر هيو. چوڌاري ڪنن ۾ جلال جو آواز گونجندو هيو.فوزيه سومري جي به ڪجهه مقبوليت هئي، پر جلال چانڊيو چوٽ تي چڙهيل هيو. استاد بخاري، راشد مورائي ميھر فقير غلام حيدر گَجو ۽ عبدالخالق عبد جا ڪلام هر ڪيسٽ جي سونھن هوندا هيا ۽ انھن جي شاعري ماڻهن جي دلين کي جهومائي وجهندي هئي. غلام حيدر گجو جي باري ۾ پوءِ خبر پئي ته ، گجو انتهائي سادو، غريب ۽ فقير منش انسان هيو ۽ سندس شاعري ته ڪمال جي هئي، پاڻ شاعريءَ ۾ محبوب کي ميار ڪونه ڏيندو هيو. صرف پاڻ کي قصوروار ڪوٺيندو هيو. انهيءَ وقت ٻهراڙين ۾ ٽيپ کي تمام گهڻو ٻڌو ويندو هيو. ٽيپ هر اوطاق جي سونھن هئي. شوقين ماڻهن وٽ سانيو ٽيپ هوندي هئي. ٽريڪٽرن ۾ جلال جا ڌوڙيا هوندا هيا. پاڻ جلال کي ڏاڍو شوق سان ٻڌندا هياسين ۽ اڄ تائين جلال جو آواز دل کي ڌوڏي ڇڏيندو آهي. جلال سنڌ جو شهنشاهه راڳي آهي. اهڙا راڳي ٻولي ۽ قومن جي زينت هوندا آهن.
    مونکي ياد ٿو اچي ته اندازن چوڏهن پندرهن سالن جي عمر ۾ شاعريءَ جي ديوي مون وٽ مھمان ٿي پوءِ مان پنھنجي منھن سان پيو سٽون ٺاهيندو هيس ۽ هميشه اڪيلائيءَ ۾ مال چاريندي، گاهه ڪندي يا ٻنيءَ ۾ گهمندي، پنھنجي ڌن ۾ شاعري ڪندو رهندو هيس. اهڙيءَ طرح شاعري پنھنجي روح جي راحت بڻجڻ لڳي ۽ جڏهن شاعريءَ جي ڏات مون مٿان مھربان ٿي ۽ مان پنھنجن خيالن ۾ گم ٿي ، شاعري ڪرڻ لڳس، ته هڪ ڏينھن بابا سائينءَ منھنجي مامي کي چيو ته “غلام عمر کي جن يا ڀوت جو اثر ٿيو آهي، الائي چريو ٿيو آهي ، جو پنھنجي منھن سان وتي ٿو ڳالهائيندو. ” پوءِ ٻئي پريشانيءَ جي حالت ۾ تڪڙا تڪڙا مون وٽ اچي، مون کي دلاسا ڏيئي حقيقت معلوم ڪرڻ لڳا. مون مرڪي کين سمجهايو ته ”اوهين پريشان نه ٿيو نه مان چريو آهيان ، نڪي مون تي جن ڀوت جو اثر آهي. مان شاعر ٿيو آهيان، تڏهن پنھنجي منھن سان شاعري ڪندو آهيان.“ اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي شروعات ٿي ۽ پوءِ شاعري ڏينهون ڏينھن منھنجي مٿان مهربان ٿيڻ لڳي پر انھن ڏينھن ۾ صرف قافيا ملائي پيو سِٽون ٺاهيندو هيس. وڌيڪ شاعريءَ جي صنفن وغيره جي ڪابه خبر ڪونه هئي. اندازن 95-1994ع ۾ اونهاري جي ڏينھن ۾ اوچتو ڪارين قھري اکين سان پنھنجي اکين جو ٽڪراءُ ٿيو ۽ انھن ڪجلي اکين جو ٽڪراءُ، يارهن هزار بجلي جي ڪرنٽ جيان دل کي جهٽڪو لڳو. پوءِ ڳوٺ اڳيان پنھنجي زمين جي وڻ هيٺان ويهي، هڪڙو ڪلام ٺاهي، پني تي اتاريم ، جنھن کانپوءِ شاعريءَ جي راھ تي ڪجهه اڳڀرائي ٿي. انھن ڏينھن کان اڄ تائين دل ڪجلي اکين جي گهايل آهي. ان کانپوءِ جڏهن به ڪنھن دڳ، چاري ، ڳوٺ يا شهر جي ڪنھن موڙ تي، وڏين ۽ ڪارين اکين واري حسين صورت تي نظر پوندي آهي ته دل سان گڏ سڄي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي ويندي آهي ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄاڻ پٽ تي ڪريس. هاڻي وري هلون ٿا شاعريءَ ڏانھن، ته پوءِ جلال چانڊيي ۽ فوزيه سومري جي ڌنن تي ڪلام ٺاهيندو رهيس پر شاعريءَ جي سکيا جو ڏاڍو شوق هيو ، جنھن شوق ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ سان ملاقات ڪرائي. ميمڻ صاحب کي الله سائين جنت جون بهارون عطا فرمائي، جنھن رسالن ۽ ڪتابن جي مطالعي جو رستو ڏسيو. جنھن کانپوءِ شاعريءَ جي رستي تي تڪڙيون وکون کڻڻ لڳس. ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر ٿيس، جتي شاعري ٻڌائيندو ۽ ٻڌندو رهيس. جتي پڻ سمجهه ۾ اضافو ٿيو. جنھن دوران رزاق مهر جو اوچتو وڇوڙو ٿيو. جتي ادبي سنگت جي دوستن سان گڏ تعزيت تي ويس، تڏي تي سائين محمد علي پٺاڻ جهڙي مهربان سان ملاقات ٿي. جنھن کان علم عروض جي سکيا ورتم، سائين محمد علي پٺاڻ منھنجا ادبي استاد آهن.
    انھن ڏينھن ۾ ”هالار“ ۽ ”ادب“ رسالن جي به معلومات ملي. جيڪي ورتم. ادب رسالو گل ڪونڌر صاحب ڪڍندو هيو ۽ ”هالار“ ڪاوش گروپ طرفان نڪرندو هيو، جنھن جو ايڊيٽر ظفر عباسي صاحب هيو. ٻئي رسالا حيدرآباد مان نڪرندا هيا. ٻنهي ڏانھن شاعري موڪليم. منھنجو پهريون غزل ”هالار“ ۾ ڇپجي آيو. پنھنجي شاعري رسالي ۾ ڇپيل ڏسي، ايتري خوشي ٿي جو مان ڪپڙن ۾ نه پيو ماپان. ان کان پوءِ “ادب” رسالي ۾ به غزل ڇپيو. اهڙيءَ طرح هنن ٻنهي رسالن ۾ ماهوار ڇپجڻ لڳس. “ادب” اڳتي هلي “اديب” بڻيو. پاڻ کي ٻنهي رسالن تمام گهڻي اهميت ڏيئي، اتساه بخشيو، ۽ مون جهڙا سوين بانبڙا پائيندڙ شاعر، هنن رسالن جي اتساهه سان جوان بڻيا. گل ڪونڌر صاحب جي رسالي “اديب” ۾ ته سوين نوان شاعر شامل هوندا هيا. منھنجي خيال ۾ سنڌ جو هي واحد رسالو هيو، جنھن ۾ سوين ننڍا شاعر، وڏن شاعرن سان گڏ ڇپبا هيا. ننڍا شاعر وڏن شاعرن جي شاعري پڙهي، پنھنجي شاعريءَ کي سنواريندا هيا ۽ وڏا شاعر ننڍن شاعرن جي نالن ۽ شاعريءَ کان واقف ٿيندا هيا. مطلب ته ننڍن ۽ وڏن شاعرن جو پاڻ ۾ قلمي سڃاڻپ وارو رابطو بحال هوندو هيو. افسوس جو اهي ٻئي اتساهه بخشيدڙ رسالا بند ٿي ويا. جن کي پڙهڻ لاءِ مهينو انتظار ڪندا هياسين ۽ جڏهن رسالا هٿن ۾ ايندا هيا ته پنھنجي شاعري پڙهي، بي انداز خوش ٿي، دل ۾ جهمريون هڻندا هياسين. واھ جا ڏينھن هيا جو پورو مهينو ڏينھن ڳڻيندا هياسين ته ڪڏهن ٿا رسالا اچن. ان کان پوءِ اڳتي وڌي نئين زندگي، عبرت مئگزين، سوجهرو، امرتا، ڪاوش فيملي مئگزين ۽ سنڌ جي ٻين به ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳس. اهڙيءَ طرح شاعري پنھنجي روح جي راحت، فرحت، دل کي لڀائيندڙ ۽ ساھ جي سڪون جو ذريعو بڻجندي رهي. اهڙيءَ ريت زندگيءَ جو گاڏو وقت ۽ حالتن جي حساب سان گـڙندو رهيو.
    وري جيون جي موڙ تي ويهن، ٻاويهن سالن کانپوءِ، اوچتو عقابي اکين جو ٻيهر اکين سان ٽڪراءُ ٿيو، جنھن اٽڪاءَ دل کي بيحد گھرو گهاءُ ڪيو. پهريون جهٽڪو يارهن هزار بجلي جي برابر هيو، پر هي نوابي اکين جو جهٽڪو ڇاهٺ هزار بجلي جي ڪرنٽ کان به مٿي بڻجي لڳو. هن دفعي خماري اکين ۽ سهڻي صورت هوشَ حواسَ خطا ڪري، دل کي اهڙو ته قابو ۽ بند ڪري ڇڏيو، جو اٺني پهرن جون سڀيئي ساعتون ، سندس ياد ۾ گذرن پيون ۽ سندس يادن جي ئي سهاري ساھ کڻان پيو. خوابن خيالن، سوچن ويچارن، ننڊ توڙي جاڳ مطلب ته هر خوشي ۽ غمي سندس ڪاڻ آهي.
    سچ اهو آهي ته شاعريءَ جون مون تي تمام گهڻيون مهربانيون رهيون آهن، ڇوته اها شاعري ئي آهي جنھن مونکي سڌيءَ راھ تي آڻي بيهاريو، اها شاعري آهي، جنھن منھنجي ، قد ۽ بت آهر سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪرائي، اها شاعري آهي، جنھن مونکي ايم.فل ريسرچ اسڪالر بڻايو ۽ انشاءَالله تعالا پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خواب به پورو ٿيندو. ها جي مان شاعر نه هجان هان ته، اڄ شايد ٻئي ڪنھن ماحول ۾ هجان هان. ڇوته پاڻ هاءِ اسڪول جي دور ۾ شرارتي رهياسين ۽ پنھنجي اسڪولي شاگرد دوستن سان ڏاڍو وڙهياسين. (جنھن تي اڄ افسوس آهي) ۽ جيئن ئي بلوغت ۾ پھتس ته، ساڳيون حرڪتون بحال رهيون. پنھنجي دوستي وقت جي ڏنگن ماڻهن سان هئي، جنھن ڪري لچايون به ڪيون سي ته ڏنگايون به ڪيون سين پر وري به الله تعالى مهرباني ڪئي ۽ اها مهرباني شاعريءَ جي وسيلي ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ ڏينھن اوچتو دل ۾ خيال جاڳيو ۽ ويهي سوچڻ لڳس ته ، پاڻ شاعر ماڻهو آهيون ۽ شاعر ته هميشه سچ لکندا آهن ۽ پنھنجا ڪم ته ڪچا آهن. اهو پنھنجو لکڻ ڪھڙي ڪم جو، پاڻ کي هڪڙي راھ وٺڻي پوندي. ان کانپوءِ الله تعالى جي فضل سان شاعريءَ اسان کان ٻيا ڀُتا ڪم ڇـڏرايا ۽ پاڻ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار جي دنيا گهمندا، اچي تحقيق جي درياھ ۾ لٿاسين. تڏهن ته شاعريءَ سان پنھنجو عشق آهي، جنھنڪري اڄ پنھنجي منزل ۽ مقصد صرف لکڻ ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ آهي.
    مونکي تمام گهڻي خوشي آهي. جو منھنجو پهريون شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي اوهان جي هٿن ۾ آيو آهي ۽ انڪري به بيحد خوشي آهي، جو هيءُ ڪتاب مون انھن رنگين ساعتن، انھن دل کي لڀائيندڙ لمحن ، انھن سرمئي شامن ۽ ڏانوڻ ڏيندڙ ڏينھن جي نانءُ ڪيو آهي. جيڪي دل جي ڦرهيءَ تي ياد جي سونن لڪيرن سان لکيل آهن. جيڪي خوشيون مليون اهي به ياد آهن، جيڪي ڏک ڏٺم ، اهي به لکيل آهن. جن وفائون ڪيون، اهي به اکين اڳيان آهن، جن جفائون ڪيون، اهي به دل منجهه آهن. جن سڄڻن همدرديون ڪيون، انھن جا احسان به ڪونه ڀلائبا ۽ جن سازشون ڪري، پٺيءَ ۾ ڇُرا هنيا، اهي مهربان به ڪونه وسرندا، ڇوته انھن طرفان مليل گهاون جي نشانن سان گڏ، ڦٽ به اڃان چڪن ٿا. مطلب ته هر ڪنھن وت ۽ وس آهر، پنھنجي ڪردار سان ڀرپور نڀايو جنھن جو جيڪو ظرف هو، انهن اهو ظرف نڀايو. مان پوءِ به، انھن سڀني جون مهربانيون مڃيندي ، کين دعائون ٿو ڪيان ته جتي به هجن، خوش هجن، شاد، آباد ۽ خوشيءَ جي بهارن منجهه هجن. هي شعر به مان انھن مهربانن جي نانءُ ڪيان ٿو.
    پٺيءَ ۾ مونکي جن ڪهاڙا هنيا،
    انھن لاءَ مونوٽ دعائون آهن.
    مغيريءَ جي برباد جنھن دل ڪئي،
    انهيءَ لاءِ اڄ بي وفائون آهن.
    شاعري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ خيالي، ٻي حقيقي. يا ايئن چئون ته هڪ مطالعي جي بنياد تي ۽ ٻي مشاهدي جي آڌار تي لکبي آهي. اڃان اڳتي وڃبو ته هڪ ذهني ۽ ٻي قلبي شاعري ڪوٺي ويندي آهي. قلبي شاعر اڪثر ڪري، الله وارا بزرگ صوفي شاعر ۽ اوشاق سڏبا آهن. انهيءَ حوالي سان منھنجي هي شاعري گهڻي ڀاڱي مشاهدي جي بنياد تي ۽ حقيقت جي آڌار تي ڪيل شاعري آهي. شاعري اها بهتر چئبي آهي جيڪا پڙهندڙ کي متاثر ۽ متوجهه ڪري، مطالعي ڪندڙ جي دل ۾ ڪشش پيدا ڪري. منھنجي شاعري پڙهندڙن کي وڻندي يا نه، اها انھن کي خبر هوندي پر مان پنھنجي شاعريءَ مان بلڪل مطمئن آهيان ڇو ته مون جيڪو لکيو آهي، دل جي خلوص ۽ اٿاھ پيار منجهان لکيو آهي ۽ ان لاءِ لکيو آهي جيڪو منھنجي دل، ذهن ۽ سوچ جي سفر کي پنھنجي گرفت ۾ ڪري ويٺو آهي. مونکي اميد آهي، ته منھنجو هي پيار ڀريو پورهيو، سنڌي ادبي محلات جي اندر، ڪنھن ڪنڊڙيءَ ۾ جاءِ وٺي، سنڌي ادب جي خدمت جو شرف بخشيندي، تڏهن به مان پنھنجا ڀاڳ ڀلارا ڀائيندس.
    مان انتهائي ٿورائتو آهيان، پنھنجي ادبي استاد سائين محمد علي پٺاڻ جو جنھن منھنجي ڪتاب “ ڳوڙها ڳوڙها ڳل ” جو مهاڳ لکڻ جي مهرباني ڪئي آهي، سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد جا به وڏا وڙ جنھن سٽن لکڻ جي عنايت ڪئي آهي. سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ سائين ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشيءَ جا به احسان آهن جن ڪتاب تي تاثرات لکيا ۽ مان مھربان ، قدردان سائين امام راشدي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل جا ڳڻ به ضرور ڳائيندس، جن شاعريءَ تي ويچار ونڊيا. ان کانپوءِ معتبر دوستن پروفيسر گل ڪونڌر ۽ محمد رفيق مغيريءَ جا ٿورا به دل سان مڃيان ٿو، جن منھنجي ڪتاب تي راءِ ڏني آهي. مونکي ان ڳالهه جي به بيحد خوشي آهي ته، منھنجي هن پهرين ڪتاب تي، انھن مانائتن ، معتبر شاعرن ۽ اديبن راءِ ڏني آهي، جيڪي پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ اسڪالر جو درجو رکن ٿا. جيڪو منھنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. بھترين دوست عيسى ميمڻ ۽ ساڻس گڏ، سرسُوتي جي سڀني سهڪاري دوستن جون مهربانيون به ضرور مڃبيون، جن هن ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” کي ڇپائي، منھنجي هٿن ۾ ڏنو. عيسى ميمڻ ته پروف چيڪ ڪرڻ ۾ به مدد فرمائي. آخر ۾ انهيءَ انمول شخصيت جا احسان، ڳڻ ۽ عنايتون به اڻ ڳڻيون مڃيندس، جنھن پنھنجي پيار جي پالوٽ ڪري منھنجي لاءِ لکڻ جو ماحول ميسر ڪري، مونکي هن ڪتاب جهڙي ناياب سوکڙي ڏني. هن ڪائنات جي خالق الله تعالى جا به ڪروڙين شڪرانا مڃيان ٿو، جنھن مونکي لکڻ جي سگهه ۽ حوصلو عطا ڪيو آهي.

    مور مغيري
    ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري، تعلقو وارھ
    موبائيل نمبر: 03130336644 ـــ 03443868088
    03337598066


    مهاڳ

    شاعري ڪائناتي ڏک جو نوحو آهي. مسلسل وسڪاري کانپوءِ اڀ تي نمودار ٿيندڙ انڊلٺي رنگن جو پرتوو آهي. جذبن جي آويءَ ۾ جلندڙ ۽ پڄرندڙ دلين جي دانھن آهي. ڪويل جي پرسوز ڪوڪ آهي. جيڪا المين جي اڪيچار ڪيفيتن مان جنم وٺي، ڪنھن اهڙي دل مٿان ئي مهربان ٿي ان سان پنھنجي نينھن جو ناتو ڳنڍيندي آهي، جيڪا حياتيءَ جي سفر ۾ ڳوڙهن جي ننڍڙي ڍنڍ کي پاڻ ۾ سمائي هلندي آهي. ٻئي جي اهنجن کي پنھنجو ڪري ليکيندي آهي ۽ هر وک جو سفر سورن جي سمر سان ڪندي آهي.
    پوءِ جڏهن منٿون ڪري هوءَ ان سورائتي شخص کي پنھنجي سورن جي رنگ ۾ ريٽو ڪري سيخن ماههُ پچائي، سِڪَڻُ سيکاريندي آهي، لفظن جا لُنگ ٻڌائي، ڇيريون پارائي، جهومائي، رقص ڪرائيندي آهي، ته اهو پنھنجي سڃاڻپ ڪنھن باڪمال شاعر طور ڪرائڻ لڳندو آهي ۽ پنھنجي دل جي ڌرتيءَ ۽ سوچ جي آسمان وچ ۾ گهلندڙ هوائن ۾ پنھنجو پر سوز آواز آلاپ جي روپ ۾ شامل ڪري ٻين ڏکويلن جي دلين جي دانھن بڻجڻ جو اعزاز به حاصل ڪندو آهي، ته شاعريءَ جي تاريخ جو به اڻٽٽ باب بڻجي پوندو آهي.
    نوجوان شاعر مور مغيريءَ جي شاعريءَ جي ڪتاب جو مطالعو ڪندي احساس ٿيو، ته هو به انھن ئي فطري شاعرن جي قافلي جو ساٿاري آهي. جيڪو اندر جي ڪائناتي ڏک جي پرتوي کي، پرينءَ جي ڏک سان رلائي، مسلسل واڄا ڪري، اهڙي شاعري سرجي رهيو آهي، جيڪا صدين جي سفر جو تسلسل ٿيندي آهي ۽ جنھن کي “پئي پراڻي نه ٿيڻ جهڙي” يا “ڪلاسڪ” شاعريءَ جو درجو ڏئي، ياد رکڻ فرض سمجهيو ويندو آهي.
    “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” نالي واري مور مغيريءَ جي هن پهرين شاعريءَ جي مجموعي جي پهرين غزل جي هنن سٽن تي نظر پوڻ سان هو پنھنجي شاعر هئڻ جو تعارف خوب ڪرائي ٿو. ماڻهو بيهي رهي ٿو. سوچيندو رهي ٿو ۽ پاڻمرادو پاڻ ۾ اهي سٽون دهرائي ڄڻ ته ڪو خزانو، املهه وَٿُ هٿ اچڻ جو اعلان ڪري ٿو:
    پٿرن توتي ڪلما پڙهيا،
    چنڊ فدا ٿيو ڌار او سائين.
    ساڳئي غزل جي آخري بند ۾ هن جي شاعراڻي سادگي ڪيڏي نه گھري عميق کي پڙهندڙ جي اڳيان کڻي آڻي ٿي بيهاري:
    “مور” اوهانجي آسري آهي،
    مور جو ٻيڙو تار او سائين.
    ٻن ڪنارن وچ ۾ درياهه جي وهڪري وانگر شاعري به ڪڏهن ڌيمي ۽ “هورڙيان هلڻ” ته ڪڏهن “پر شور” ۽ “تيز هلڻ” جا منظر پئي مٽيندي آهي. مور مغيريءَ جي شاعريءَ جون به ڪيئي تصويرون ان ڪسوٽيءَ تي لهنديون نظر اچن ٿيون. هو ڪيفيتن جي اظهار کي هڪ جھڙو نٿو بڻائي. درد هن وٽ ڌار ڌار صورتون وٺي ظاهر ٿين ٿا. جيڪي ڪڏهن پرين پيارن ۽ محبوب ماڻهن جا هجن ٿا، ته ڪڏهن ديس ۽ ڌرتيءَ جا.
    وئي دونهاٽجي ڌرتي، چمن ساڙي خزان ڇڏيو،
    خوشي آهي پئي ٿاڻي، اوهانجي در تي آيا هون.
    وزن بحر جي پورائي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها لڳاءَ سبب مور مغيريءَ جي شاعريءَ ۾ جنھن سليقي سان لفظ لڙهيءَ ۾ پوئيل لڳن ٿا، ان ئي نموني تجنيس حرفيءَ جي سونھن به جا بجا پکڙيل محسوس ٿئي ٿي. گڏوگڏ خيالن کي پنھنجي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ انھن ۾ روانيءَ واري خوبيءَ کي برقرار رکڻ ۾ به هن جون صلاحيتون پنھنجو مَٽُ پاڻ ئي آهن. ڏسو ته سهي:
    دري کولي هوائن ۾، وکيري وار مکڙي تي،
    وري مرڪي تڪڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني.
    شاعراڻي ترنگَ ۾ اچي مور مغيري هڪ غزل جي بند ۾ بي خوديءَ جي اهڙي عالم ۾ به پهچي ٿو، جتي پنھنجي ئي سرجيل غزلن، گيتن ۽ دوهن کي عجيب غير روايتي اظهار ۾ محبوب جا اسم ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو:
    غزل، گيت، دوها صنم ڪاغذن تي،
    لکيا ڄڻ اوهانجا اسم ڪاغذن تي.
    عاشق جي فراق ۽ وڇوڙي جي هڪ رات جي ڪربناڪ منظر کي ان جي ڪيفيت سان سلهاڙي هيئن پيش ٿو ڪري ٿو ته:
    ڪيئن رات گذري، اچي چنڊ کان پڇ،
    اکين ۽ اوجاڳن ڦٽل ننڊ کان پڇ.
    ته سنڌي شاعريءَ سان ويتر پيار جو احساس شديد ٿي وڃي ٿو.
    هڪ شعر ۾ وري پاڻ سان خودڪلامي ڪندي سڌ به ٿو ڪري ته ڪيڏي نه شاعراڻي، نازڪ ۽ نفيس:
    رڳو “مور” تنھنجي ئي دل ۾ رهي،
    چوي دل ٿي اهڙو لکان ڪو غزل.
    محبوب جي نهار کي، لوڪ کي ڪهڻ واري ڪار ڪري ته بيشمار شاعرن پيش ڪيو آهي ۽ ڪوٺيو آهي، پر مور مغيريءَ ان ڳالهه کي نيڻن اندر ڪنھن لڪل “خنجر” سان مشابهه ڪري هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي. جنھن کي پڙهندي ۽ ان جي معنيٰ مفهوم ۾ اونهو لهندي زبان مان امالڪ “واهه... واهه“ جا اکر اچارجيو ٿا وڃن.
    ها ڏسڻ سان ڪسي لوڪ سارو پوي،
    ڄڻ ڪو “خنجر” پرين تنھنجي نيڻن اندر.
    پرينءَ کانسواءِ عاشق لاءِ زندگي ڏينھن هوندي رات جهڙي ٿي پوندي آهي. هن جو سجهندي وارو جياپو صرف پرينءَ جي چهري ۾ ئي لڪل هوندو آهي. ان حقيقت کي هن شاعريءَ جي خوبصورت لباس ۾ ڏسو ته ڪيڏي نه انوکي نموني بيان ڪيو آهي:
    اوهان کان سوا جيءُ اوندهه ۾ آهي،
    سگهو واٽ تي لاٽ ٻارڻ وري اچ.
    هن ڪتاب ۾ جيئن ته مور مغيريءَ “غزل” ۽ “چئوسٽن” تي مشتمل ٻن صنفن کي شامل ڪيو آهي. جن سان فني حوالي سان ته هن ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي، پر فڪري طور به اهڙو گهڻو ڪجهه ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جيڪو شاعرن جي جهان ۾ کيس نرالي سڃاڻپ جو مستحق قرار ڏئي ٿو.
    شاعراڻي نازڪ مزاجي، ٻوليءَ جي استعمال جي خوبصورتي، تشبيهن، استعارن ۽ ٻين سينگارن سان مور مغيريءَ پنھنجي هن سفر ۾ منفرد آهي. دعا آهي ته ان ئي جذبي جي اڇل سان هو شاعريءَ سان پنھنجي نينھن جو ناتو نڀائيندو رهندو ۽ ههڙي اعليٰ معيار واري شاعري سرجيندي، جهومندي، ڳائيندي چوندو رهندو ته:
    پرين اچ ته جيون چمن ٿي پوي،
    مٺي مَنُ خوشيءَ ۾ مگن ٿي پوي،
    مغيري سڪل گونچ ساوا ٿين،
    پروڪو جي پورو وَچَنُ ٿي پوي.

    محمد علي پٺاڻ
    لاڙڪاڻو


    محبتي، ملنسار ۽ سيبتو شاعر: مور مغيري

    ڪجهه شاعر پنھنجي اصلي نالي کان وڌيڪ تخلص سان سڃاتا ويندا آهن. مور مغيري به انھن مان هڪ آهي. مور جي حوالي سان ته مان کيس وڏي وقت کان سڃاڻان پر غلام عمر جي خبر هينئر پئي اٿم.
    مور وڏو محبتي، ملنسار ماڻهو ۽ سيبتو شاعر آهي. شاعر جي حيثيت ۾ ڪافي ڇپيو آهي، سندس غزل توڙي چؤسٽا پڙهندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائين ٿا. هنن سٽن مان سندس شاعري پرکي سگهجي ٿي.
    “جواني وئي يار گذري غمن ۾،
    اڌورن اميدن خوابن خطن ۾.
    عقابي کڻي نيڻ گهوري ڏسڻ سان،
    اسان کي ويهاري وئين تون دڳن ۾.”
    “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” سندس پهرين مراد آهي. اميد ته مور اها مشق جاري رکندو ۽ ايئن ئي سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهندو.

    ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“
    لاڙڪاڻو.


    جديد حسناڪيت وارو شاعر: مور مغيري

    ورڊس ورٿ شاعريءَ متعلق چيو آهي ته:
    Over flow of powerful feedings, emotions recollected in tranquility.
    طاقتور احساسن،جذبن جي اُٿل پٿل واري پُر سڪون ڪيفيت کي شاعري ئي چئجي ٿو. جڏهن ته شاعرن بابت شيلي چوي ٿو ته:
    Poets are unacknowledged legislators of the world.
    ورڊس ورٿ ۽ شيلي سان اتفاق ڪندي، مان سمجهان ٿو ته، شاعري خوبصورتي ۽ حسن کي لفظن ذريعي تخليقيت جو ويس پارائي، اڃان به وڌيڪ سهڻو ۽ حسين ڪري ٿي ڇڏي. شين کي سمـجهڻ، انھن کي نئين رنگ ۽ جدت سان پيش ڪرڻ جو خاص ۽ منفرد ڏانءُ شاعر کان وڌ ڪنھن وٽ ٿي سگهي ٿو. اهو شاعر جيڪو تنهائيءَ کي به سهڻو ڪري، پيش ٿو ڪري، ته ميلي ۾ هوندي، تنها رهڻ جي رنگ کي الڳ نموني سان بيان ڪري، دلين جي ترجماني ٿو ڪري.
    توڙي جو شيون اسان جون اڳ ۾ ڏٺل هجن ها، پر شاعري، موسيقي ۽ مصوري انھن شين کي پنھنجي اک سان ڏسڻ جي ۽ سمجهڻ جي قوت ڏيندڙ فطري ڏات آهن. تڏهن ئي چيو ويندو آهي، ته شاعري الهام وانگر آهي. مون ورڊس ورٿ ۽ شيلي کان پنھنجي ڳالهه جي شروعات تڏهن ڪئي، جو منھنجي سامهون سانوري شاعر مور مغيريءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” پيل آهي. جنھن کي پڙهڻ سان محسوس پيو ٿئي ته، مور ڪيئن نه حسن کي، محبوب کي، محبوب جي هر ادا جي خوبصورتين کي وڏي شَد مَد ۽ جدت سان وڌيڪ نکاريو ۽ بيان ڪيو آهي. هو چوي پيو:
    ”نيڻ برسات وانگي وسن ڍوليا،
    راھ تنھنجي پيا ٿا ڏسن ڍوليا.
    ڪين فتنا، وڳوڙ ۽ جهيڙا هجن،
    پاڻ کي هاڻ گهرجي امن ڍوليا.
    ڪاش رونق وري ساڳي موٽي اچي،
    شال اوطاقون ٻيهر مچن ڍوليا.“
    مون مور مغيريءَ جي هن غزل جي هر بند کي وَر وَر ڏيئي، پڙهيو پئي، ته مونکي محسوس ٿي رهيو هو، ته سنڌ جو هي سهڻو ڪوي، وقت جي هانءَ ۾ لهي پنھنجو پاڻ سان گڏ، ڄڻ ته جڳ سان گفتگو ڪري رهيو هجي. هُن جو ڍوليو، هُن جو ته هجي ڄڻ ـــ هُن جو ڍوليو کير آ، مکڻ آ، امن آ، پيار آ ۽ وطن آ. جنھن کي هو نئين سر دريافت ڪرڻ ۽ ڳولي لهڻ جي جستجو ڪندي، چنڊ سان، ستارن سان، رات جو پهرين توڙي پوئين پل سان گفتگو ۾ مهو آهي. هونئن به شاعري داخليت کان خارجيت ڏانھن سفر ڪري، وقت جي زبان ٿي، جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪري ٿي، تڏهن اها قومن جي سفير وارو اهو ڪم ڪري ٿي، جنھن بابت ئي شيلي چيو ته: ”شاعـر هن دنيا جا اڻ اعلانيل قانوندان هوندا آهن.“
    موسم جي تبديلي عام ماڻهوءَ تي ڪيترو اثر ڪري ٿو، اهو ڪنھن کان ڳجهو يا لڪل ناهي، پر موسم شاعر جي مزاج، روين ۽ ڪيفيتن کي ڪيئن ٿو تبديل ڪري، اهو شاعر کان وڌيڪ ڪير ٿو سمجهي سگهي. مان طب جو شاگرد آهيان مونکي خبر آهي، ته سخت سيءُ هجي يا شديد گرمي. دوائن جو اثر سرديءَ ۽ گرميءَ مطابق (Temperature) سان سڌو سنئون واسطو رکي ٿو، ته پوءِ آرٽ ڇاٿي چوي؟ اهو سوال هاڻي سوال ناهي رهيو، جي ايئن هجي هان ته شاعر شام جي پهر يا رات جي پوئين پل کي، شاعراڻي سڪ ۽ دل جي ڇڪ سان مماثلت نه ڏيارن هان. مختلف راڳڻيون مختلف وقتن سان جڙيل نه هجن هان. راڻي کي پوئين پهر ۾ ڳائڻ بدران منجهند جو ڳايو وڃي هان. انڪري موسم جي تبديلي ۽ دل جي ڪيفيت ۽ شاعر جو پاڻ ۾ وڏو ڳانڍاپو آهي. پوءِ اهو شاعر تي آهي ته هن جي دل ڇا ٿي محسوس ڪري ۽ ان تي ڪهڙي وقت ۾ ڪهڙي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. مون مور جو هڪ غزل پئي پڙهيو، جنھن ۾ هن موسم جي رنگن کي، شاعريءَ جي زبان سان ڪيڏو نه حسين ڪري پيش ڪيو آهي. مور جي اها پيشڪش دل جي تارن کي ڇُهي، سندس تخليقيت جي جهان کي ۽ سندس اظهارپ جي ڏانءَ کي، هڪ وڏي معنى ڏئي، ان چوڻ تي مجبور ٿي ڪري ته، مور وٽ ڏات، ڏانءُ ۽ پيشڪش جو هڪ منفرد سليقو آهي، جيڪو کيس اعلى مقام ڏانھن وٺي وڃڻ جو ذريعو ثابت ٿي رهيو آهي. هو چوي پيو:
    ڦلاري آ موسم اڃان تون نه آئين.
    ملهاري آ موسم اڃان تون نه آئين.
    گلن ۾ رنگيني سموري سمائي،
    نکاري آ موسم اڃان تون نه آئين.
    وري مئڪدي جا اچي کول در تون،
    خماري آ موسم اڃان تون نه آئين.
    وري ”مور“ پيئڻ مغيري گهري ٿو،
    پياري آ موسم اڃان تون نه آئين.
    سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت رنگ، احساسن، جذبن ۽ اُڌمن جي جديد حسناڪيت جهڙو شاعر مور مغيري هر شاعر جيان داخلي توڙي خارجي دردَ سان ٽمٽار شاعري ڪندي، ڪنھن به جاءِ تي ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان پيچ ٽوڙيندي نظر نٿو اچي، بلڪ سندس شاعريءَ ۾ وطن جي سڪ، ان سان پيار، ماڻهو ۽ ماڻهپي سان لڳاءُ، ٻوليءَ جي بقا ۽ واڌ ويجهه ۾ شاعريءَ سان گڏ، مان سندس عملي ڪردار جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. جڏهن جو ٻوليءَ بابت جدوجهد جي هر سڏ ۾ سڏ ڏئي، ٻولي مشاعرن توڙي مظاهرن ۾ نعرا به هڻندي نظر ايندورهيو آهي. ۽ ٻوليءَ بابت خوبصورت شاعري پڙهندي، پنھنجي هجڻ جو ڀرپور احساس ڏياريندو. مور جو هڪ شعر آهي ته:
    سنڌي ٻولي نياري آهي.
    مڙني کان موچاري آهي.
    جيجل جهولي واري ٻولي،
    ٻهڳڻ ۽ ٻاجهاري آهي.
    سر، ڌڙ، گهر، ذر گهوري ڇڏبو،
    ساھ کان وڌ هي پياري آهي.
    ۽ ها سچ به آهي ته ماءُ ٻوليءَ لاءِ قرباني جو جذبو ڏيندڙ هي شاعر عمل پسند جيئرو جاڳندو ڪردار آهي. جيڪو ڳالهين جو ڳهير هجڻ بدران، ٻوليءَ جي بقا واري جدوجھد جو هڪ سهڻو رُڪن رهيو آهي. دعا آهي ته هو پاڻ پڏائڻ وارن ماڻهن کان پاڻ بچائي، اڳتي نڪري اچي، ان جاءَ تي جتي محبت ونڊڻ کانسواءِ ٻي ڳالهه نه هجي.

    پيار مان

    ڊاڪٽر مشتاق ڦُل
    فيض جو گهر، ڪُنب (خيرپور ميرس)


    مور مغيري احساسن ڀريو شاعر

    موجوده دور جي نئين ٽهيءَ جي سڀني سنڌي شاعرن ۾ هڪڙوئي مور شاعر آهي. مور مغيري! هي پنھنجي نانءَ جيان برابر مور شاعر آهي. ڇوته هن جي شاعريءَ ۾ مور جي کَنڀن جهڙا سهڻا ۽ مَن مهڻا رنگ سمايل آهن.
    شاعر ته سماج لاءِ خير خواه ۽ آئيڊيل سوچ رکندو آهي ۽ معاشري ۾ امن اَمان، ميٺ محبت، پيار پريت ۽ الفت ايڪو چاهيندو آهي. يقينن مور مغيري پنھنجي فهم، فڪر ۽ فن وسيلي خيالن، سوچن ۽ جذبن کي، پنھنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان جرڪائيندو رهي ٿو. شاعر وٽ شاعريءَ جو پھريون ڏاڪو “پيار” ٿئي ٿو. ان لاءِ ڌرتي ۽ سرتيءَ کي مَحور بڻائيندو آهي. مور مغيري پڻ اهڙي سوچ کي اوليت ڏئي ٿو. سنڌ هن جي محبت جو مرڪز آهي، تنھنڪري شاعريءَ وسيلي محبت کي پنھنجي احساسن جو رنگ ڏئي، معاشري جي سَنوار ڪندو رهيو آهي. مور مغيريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” سندس سُندر سوچ جو مظهر آهي. سڀني صنفن تي دسترس رکندڙ هن شاعر جي احساسن کي هن ڪتاب ۾ پَسي سگهجي ٿو. سندس سوچ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جا پَوتر ۽ سنڌ جي مقدس مٽيءَ سان سلهاڙيل آهي. ڌرتيءَ جي اهنجن ۽ ايذائن جو چڱو خاصو اڀياس رکندڙ هي نوجوان شاعر ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر کي سنڌ جي سُورن واري تناظر ۾ ڏسي ٿو:
    ختم ٿي ويو آهي احساس اڄڪلهه،
    ۽ انسانيت جي پڄاڻي ڏڪي ٿي.
    مري پيءُ، پٽ جي هٿان اڄ وڃي ٿو،
    ڪُٺل ماءُ ۽ ڪٿ نياڻي ڏڪي ٿي.
    ڪهاڙي هٿن ۾ ڪلاشن ڪلهي تي،
    رڳو اڄ ته رت جي رهاڻي ڏڪي ٿي.
    لڳن روز ڌاڙا اسانجي حقن کي،
    پئي يار سنڌو سياڻي ڏڪي ٿي.
    مور مغيريءَ جي هنن احساسن کي سمجهي سگهجي ٿو. هيءَ ته سندس سوچن جي هڪ ننڍڙي جهلڪ آهي. هونئن به امن ۽ آشتي، محبت ۽ محنت، عشق ۽ پيار، سک ۽ سلامتي، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، غربت ۽ بربريت سان گڏ سُونھن سُندرتا، سماج ۽ سياست جھڙن موضوعن تي پڻ قلم هلائڻ جو قائل آهي. مور مغيري نه صرف شاعر آهي، پر سٺو نثر نويس به آهي. ڪهاڻي، ڪالم، تبصرو ۽ تحقيق ۾ طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو، پر شاعري هن سڃاڻپ جو مضبوط حوالو آهي. سندس هي شعري مجموعو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم جاءِ ولاريندو ۽ اهل ذوق وٽ پڻ مانائتو ثابت ٿيندو. اسانجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آهن.


    امام راشدي
    (پير جو ڳوٺ- نئون ديرو)


    مهمان نواز شاعر: مور مغيري

    مور مغيريءَ سان منھنجي ڏيٺ ويٺ هونئن ته پراڻي آهي. ڇوته هو اسانجي قلم قبيلي جو ڀاتي آهي. اخبارن ۽ رسالن وسيلي سندس لکڻيون ڪجهه سالن کان پڙهندو رهندو آهيان. ساڻس روبرو ملاقات سچل سائينءَ جي ميلي تي ٿي. جنھن جي مشاعري ۾ هُن جو شعر به ٻڌم.
    غلام عمر “مورمغيري” طبيعت ۾ ماٺيڻو ، صوفياڻي فڪر وارو ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ماڻهو آهي. سندس مزاج ۾ نماڻائپ ۽ مهمان نوازي موجود آهي. مان سورهين ڊسمبر 2017ع تي لالورائنڪ ۾ سندس مهمان رهي چڪو آهيان. سندس مهمان نوازي اڄ به نٿي وسري. ليکڪ جي مزاج، سماج ۽ ماحول جو اثر سندس لکڻين مان نظر ايندو آهي. ساڳيءَ ريت مور مغيريءَ جي لکڻين تي اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مور محبوب جي مهماني سنڌ جي روايتي کاڌن سان ڪري ٿو. سندس هيٺيون چوسٽو مثال لاءِ پيش ڪجي ٿو.
    پرين اچ برھ جي کائون بُسري هاڻي،
    مکڻ، ماکي ۽ پيار جي مصري هاڻي،
    مغيري ويون جابجا ٿي بهاريون،
    ويا سنگ سارا آهن نسري هاڻي.
    برھ کي، عشق کي، اڪثر شاعرن باھ سان ڀيٽ ڏني آهي. “باھ برھ جي ۽ عشق جا اُلا ” عاشقن کي ساڙيندا آهن. پر مور مغيريءَ کي برھ، بُسريءَ وانگر مٺو لڳي ٿو. هو برھ کي بسري سمجهي ٿو، جيڪو سندس نرالو خيال آهي. مور محبوب سان گڏجي برھ جي بُسري کائڻ چاهي ٿو. اميد ته کيس نصيب ٿيندي.
    سندس شعري مجموعو “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” غزلن ۽ چوسٽن تي ٻڌل آهي. ان ۾ حسن ۽ عشق جو موضوع وڌيڪ آهي. تنھن هوندي به هن ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان گڏ، سنڌين جي سرواڻ ۽ رهبر شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَکي به ڪونه وساريو آهي. مور ڀٽائيءَ کي هن ريت ڀيٽا پيش ڪريٿو:
    سخن جو شھنشاھ آهي ڀٽائي.
    سڄي سنڌ جو شاھ آهي ڀٽائي.
    مورمغيري پيشي جي لحاظ کان انگريزي ٻوليءَ جو استاد آهي پر ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جو آهي. سندس لنئون سنڌي ٻوليءَ سان آهي. هو سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪالم، ڪهاڻيون ، تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکندو رهي ٿو. هن ايم اي سنڌي ان جي ڪري ڪئي، ته جيئن سنڌيءَ ۾ ايم فل ڪري سگهجي ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب تي تحقيق ڪري سگهجي. تحقيق ڪرڻ لاءِ ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ ضروري ته ناهي. بنا ڊگريءَ جي به تحقيق ڪري سگهجي ٿي. پر پنھنجيءَ تحقيق کي جديد تحقيقي اصولن پٽاندڙ ڪرڻ ۽ معياري بڻائڻ لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي، ته مورمغيريءَ سٺو ۽ صحيح رستو اختيار ڪيو آهي. هو مٿيون ڊگريون ماڻي تحقيق جا جديد طريقا سکي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي فائدي لاءِ جاکوڙيندو رهندو.مان کيس هن بهترين ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” ڇپجڻ جون واڌايون ڏيان ٿو.

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    چيئرمين سنڌي شعبو
    وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي.


    سنڌ جو سريلو شاعر: مور مغيري

    سنڌي ٻولي، شاعريءَ ۾ ٻين ٻولين کان ڏينهون ڏينھن مالا مال ٿيندي رهي ٿي. سنڌي شاعريءَ جي افق تي هزارين ستارا اڀري رهيا آهن، جيڪي پنھنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ ۾ روشني پکيڙي رهيا آهن. جن جي شاعري ۾ ماحول ۽ حالتن جي عڪاسي نظر ايندي آهي. اهڙيءَ طرح مور مغيريءَ جي شاعري اندر جو آٿت ۽ روح جي راحت آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪنھن حد تائين نواڻ ۽ نئون رنگ نمايان آهي. مور جي شاعري پنھنجي ٽهيءَ جي شاعرن جي شاعريءَ کان مٿي نه آهي، ته گهٽ به ناهي. هو هڪ بند ۾ چوي ٿو ته:
    رڳي ريج رت جو جواني گهري ٿي،
    اڇا ٿي ويا وار سارو فسانو.
    جواني ڪيئن گهارجي! جواني جي گهارڻ لاءِ به جوانيءَ کي رت جو ريج گهرجي. جيڪڏهن رت نه هوندو ته جواني به نه رهندي. رت جي کوٽ هوندي ته، وار به اڇا ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهو پوڙهو جهور ٿي وڃي ٿو. هر هنڌ اهو ئي فسانو آهي، ته جواني وئي، وار اڇا ٿي ويا ۽ پوڙهائپ پڌري ٿي پئي. جڏهن زندگي جو چمن اجڙي وڃي ٿو، ته سارو سنسار سڃو ٿو لڳي. رڳو سُڃ پئي واڪا ڪري. ان خيال کي مور هن ريت نڀايو آهي.
    چمن زندگي جو ويو آهي اجڙي،
    سڃو ڄڻ ته سنسار سارو فسانو.
    محبوب اهڙو جو سواءِ ڏوھ جي ڏوهي بڻائي ڇڏي. اها محبوب جي ئي مرضي آهي، ته ڏوهي بڻائي يا پيار کان محروم ڪري. سندس حسن جي عدالت ئي انوکي آهي. نه داد نه فرياد ۽ نه وري ڪو شاهد جي پڇا ٿئي. سندس هن چوسٽي ۾ اهڙي عڪاسي ملي ٿي.
    بنا جرم، مجرم ڇو معصوم ڪيو ٿئي،
    پرين پيار کان “مور” محروم ڪيو ٿئي،
    عدالت انوکي هي تنھنجي حسن جي،
    نه شاهد، فريادي ڪو معلوم ڪيو ٿئي.
    مور جي شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي فني کوٽ نظر اچي ٿي، ليڪن سندس خيالن ۾ بلڪل گھرائي پسجي ٿي. سندس شاعري ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ کان چڱو رنگ ۽ ساءُ سواڌ ۾ بهتريءَ جو ڏيکاءُ ڏئي ٿي. مور لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته، اهو وقت پري ناهي، جو کيس سنڌ جي سريلن شاعرن جي قطار ۾ ڳڻيو ويندو. اميد آهي ته مور شاعريءَ جي افق تي جرڪندي نظر ايندو.

    ڊاڪٽر علي اڪبر ”اسير“ قريشي
    (جوڻاڻي شريف)

    **


    مِٺو مورُ ماڻھو... مورُ مُغيري

    جيئن هَٿَ لڪيرون، هر ماڻهوءَ جون الڳ الڳ آهن، ايئن ئي هر ماڻهوءَ جو مزاج به جدا جدا آهي. دنيا تي ڪروڙين، اربين انسانن جِي آبادي آهي، انھن سڀن جون پنھنجون سوچون ۽ رَوَيا آهن، سندن اٿڻ ويهڻ ۽ ٻيَن سان تعلق رکڻ جا طريقا ۽ سليقا به پنھنجا پنھنجا آهن. اسان جو مِٺو مورُ ماڻهو.. مورُ مغيري، جنھن جَي اصل نالي جِي نسبت، حضرت عمر فاروق سان جُڙيَل آهي، سو ڪيئن نه بهادر، بي باڪ ۽ بي ڊپو هجي. ٺيٺ ٻروچڪن مهانڊن وارو هي سٻاجهڙو سنڌي، سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي عشق ۾، ڪيترن سالن کان رنڊا روڙيندو رهيو آهي.
    ”ماهوار ”ادب“ رسالي جي آغاز کان انجام تائين، مورُ مغيري ان جو لکندڙ، پڙهندڙ ۽ لالو رائنڪ لاءِ نمائيندو رهيو. ادب رسالي هزارين نون ۽ پراڻن لکندڙن کي اشاعت جا موقعا فراهم ڪيا، انھن مان مور به هڪ آهي. ٻارنھن سالن جي طويل عرصي تائين، بغير وقفي جي شايع ٿيندڙ ادب رسالو، ”جون 2006ع“ ۾ بند ٿيو ته ان جا سوين هزارين لکندڙ غمگين ٿيان پر پوءِ وقت جي وهڪري سان وَهندي، رسالي سميت مون (گل ڪونڌر) کي به وساري ويٺا. ادب رسالي ۽ مون سان حقيقي چاههُ رکندڙ ڪجهه دوستن جو اسرار رهيو، ته ادب رسالي کي وري جاري ڪرڻ گهرجي، انھن چند دوستن ۾ مور مغيريءَ جو نالو سرِ فهرست آهي. مور اڄ به مون سان بي انتها محبت ڪري ٿو، ساڻس ملاقات، ڪڏهن ڪڏهن ٿئي ٿي، پر جڏهن به ملندو ”ادب رسالو“ سندس ڪچهريءَ جو خاص موضوع رهندو.
    ”صوفي سيد رکيل شاه جي سنڌي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو“ جي عنوان سان ايم فل لاءِ تحقيقي ٿيسز لکندڙ هي سگهارو نوجوان، اميد آهي ته ان حوالي سان لاڀائتي مواد جي سهيڙ ڪندو، جيڪو سنڌي ادب جي دنيا ۾ بهتر واڌارو ثابت ٿيندو. مور مغيري ”جي ايس ٽي“ جونيئر اسڪول ٽيچر آهي، جنھن کي اسان اسڪول پڙهڻ جي وقت ”انگريزي استاد“ چوندا هياسون. ايم فل ڪرڻ کان پوءِ مور مغيريءَ جي منزل پي ايڇ ڊي آهي، ان سان سندس علم ۾ اضافو ٿيندو، لاڳاپيل موضوع بابت ڄاڻ وڌندي ۽ مور مغيريءَ جي تعليمي اهليت وڌڻ ڪري هُو، ڪنھن وڏي گريڊ جي لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ويهڻ جي اهل به ٿي ويندو.
    مور مغيري هڪ شاعر جي حيثيت سان پاڻ مڃايو آهي، ڊگهي عرصي کان سنڌي ٻوليءَ جي سٺن رسالن، مخزنن ۽ روزاني اخبارن جي ادبي صفحن ۾، سندس شاعري شايع ٿيندي رهي آهي، اڻ ڳڻين مشاعرن ۾ به مورَ، پنھنجي شاعري پڙهي پاڻ موکيو آهي. مورُ مُغيري سٺو شاعر آهي، سٺو استاد آهي ۽ بهترين انسان آهي، جنھن سان به هڪ دفعو مليو، سو سندس پيار، مِٺي لهجي ۽ سُٺي سڀاءَ کي وساري نه سگهندو. دعا آهي ته اسان جو هيءُ دوست، زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻي، آمين.

    پروفيسر گل ڪونڌر
    حيدرآباد.


    "ڳوڙها ڳوڙها ڳل” لاءِ ڪجھه آءُ به چوان

    اڄ کان اندازن سورنھن سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون هالار ڊائجسٽ پڙهندو هيس ۽ هالار سان مونکي سائين عبدالخالق ”عبد“ متعارف ڪرايو هو. ”هالار“ مون سائين مورمغيريءَ کي پڙهيو. جڏهن ماکيءَ جهڙي مٺڙي مور جي شاعري تي تاثرات لکڻ جي موقعي تي، دل باغ بهار ۽ بيحد خوش آهي. انسان جي شعوري سفر ۾ فنون لطيفا جو وڏو مقام آهي ۽ فنون لطيفا ۾ شاعريءَ جو اهم درجو آهي. شاعري شعور جو نالو آهي. شعوري ٻول اهي ماڻهو ٻوليندا آهن، جن جي دل ۾ احساسن ۽ جذبن جو طوفان موجود هوندو آهي. اهڙوئي ۽ احساسن جو طوفان مور جي من به موجزن آهي. تڏهن ته سائين لفظن مان خوبصورت موتين جھڙي مالها جوڙيندو آهي ۽ اهي خوبصورت گلن جـھڙا خيال ماڻهن جي دلين جي آٿت بڻجندا آهن. مور جي من ۾ محبت جي جيڪا تشنگي ۽ سونھن کي پسڻ جي جيڪا تات طلب آهي. اها سيبتن لفظن جي روپ ۾ سامهون ايندو آهي. هو سونھن کي پاڪ پَوتر ۽ عبادت سمجهي ٿو. تڏهن ته چوي ٿو:
    اوهان جو حسن منھنجي لاءِ عبادت گاھ هڪ آهي،
    اکين کي آ ملي ويئي، اها ئي راھ هڪ آهي،
    اوهان جي تات تاري آ، زبان تي ذڪر جاري آ،
    منھنجي دل جو مٺي توتي پڪو ويساھ هڪ آهي.
    حسن وارا هميشه مغرور هوندا آهن پر محبت ڪندڙن جي دل مجبور ۽ ميڻ جھڙي هوندي آهي جيڪا حُسن جي آتش اڳيان پاڻي پاڻي ٿي پوندي آهي، پوءِ هو سورهيائپ ڇڏي نياز نوڙت ۽ عجز و انڪساري واري واٽ وٺندا آهن. حقيقت ۾ اها ئي واٽَ قسام ازل جي واليءَ کي وڻندي آهي، ساڳي ئي واٽَ وٺندي مور هڪ هنڌ چئي ٿو:
    حُسن تي اوهان کي وڏو نازُ آهي،
    ڀلي نازَ ڪر تون، تنھنجو رازُ آهي،
    اسين تنھنجا ٻانها تون آقا اسانجو،
    اسان وٽ ته عاجزي ۽ نيازُ آهي.
    شاعر معاشري جو ترجمان هوندو آهي. معاشري جا ڏک، سک، خوشيون، غميون، ظلم، زيادتي، ناانصافي، نابرابري ۽ سماجي حالتن کي نظر ۾ رکي، تخليقون سرجيندو آهي. مور جو هي شعر اهڙي عڪاسي ڪري ٿو:
    هتي سنڌ جو سور ڪهڙو لکان مان،
    ڏنل خوشين کي ٻهارو لڳي ٿو.
    امن هاڻي رهيو اسان وٽ نه آهي،
    ڪٿي بي نه اهڙو سڌارو لڳي ٿو.
    مور مغيري هڪ حساس ۽ سٻاجهڙي شخصيت جو مالڪ، ڪالم نگار۽ سماج سڌار استاد پڻ آهي. جنھن وٽ نفيس احساسن جو تمام وڏو جهان آهي. هو زنده ضمير ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ جاکوڙيندڙ شاعر آهي. مور پيار ۽ پاٻوھ جو سبق ڏيندي لکي ٿو:
    اسان پيار پالي نپايو آ دل ۾،
    اسان لاءِ شيعو نه ڪوئي سُني آ.
    مور مغيري هڪ قدردان انسان ۽ بهترين ڏات ڌڻي آهي. سندس شاعريءَ ۾ پيار پريت جا پيغام، درد، غم ۽ خوشيءَ جو اظهار وڏي واڪي ملي ٿو. مور جي شاعريءَ ۾ تسلسل ۽ رواني آهي. اهوئي سبب آهي جو مور نئين ٽهيءَ ۾ پنھنجي شناخت ۽ نمايان مقام رکندڙ نيارو شاعر آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته سندس عزت بلند فرمائي.

    محمد رفيق مغيري
    ڀاڳ ناڙي، بلوچستان.


    غزل

    مالڪ سڀن جو مولا الله تون ئي آهين

    مالڪ سڀن جو مولا الله تون ئي آهين
    ڪائنات جڳ سڄي کي، روزي به تون رَسائين.

    حوران، پريون، ملائڪ، جِنَ، ديوَ ۽ بلائون،
    وڻ، ٽڻ، پکي، پکڻ سڀ، پاڻهي پيو هلائين.

    سج، چنڊ، ستارا ۽ هي عرشو، فرش بڻايئي،
    ڪڪرن منجهان به مولا پاڻي پيو وسائين.

    جنت اندر بھاري، دوزخ ۾ باهه ٻاريئي،
    والي تون جڳ ٻنهي جو، حڪمت به تون هلائين.

    ڪيڏو وڏو آ نالو تنھنجو، منھنجا خدايا،
    مخلوق تون سڄي تي قادر ڪريم آهين.

    تنھنجو سھارو سائين، مونکي پيو کپي ٿو،
    مون تي ڪري مھر شل، عزت منھنجي وڌائين.

    دنيا جي ڌوڙ ۾ مان، گڏجي گهڻو ويو هان،
    اعمال ڪوبه ناهي، ليکي کان شل بچائين.

    ڳڻتي رڳو مغيري هُر کُر اها ئي آهي،
    محشر ۾ “مور” کي شل محبوب سان ملائين.


    اڙين جا آڌار او سائين،

    اڙين جا آڌار او سائين،
    نبين جا پڳدار او سائين!

    تنھنجي آمد رنگ رچايا،
    يتيمن جا يار او سائين!

    حورن تنھنجا سھرا ڳايا،
    مرسل مڻيادار او سائين!

    رحمت بڻجي آيو آهين،
    سھڻا شفادار او سائين!

    رب جو تو ۾ راز سمورو،
    آهين با اختيار او سائين!

    چنڊ، ستارن ۾ به تنھنجي،
    نور سندي جهلڪار او سائين!

    پٿرن توتي ڪلما پڙهيا،
    چنڊ فِدا ٿيو ڌار او سائين!

    عرشن جو تو سير ڪيو آ،
    ڪامل قربدار او سائين!

    الله تعالى سان گڏ تنھنجي،
    نالي جي چمڪار او سائين!

    توکان سواءِ ڪونهي سھارو،
    واهر ڪر سردر او سائين!

    غمن جيون جڪڙي ڇڏيو،
    هاڻي هي غَمَ ٽار او سائين!

    “مور” اوهانجي آسري آهي،
    مور جو ٻيڙو تار او سائين!



    (پي ٽي وي سينٽر ڪراچي ۾
    نعتيه مشاعري ۾ پڙهيل نعتيه غزل)


    سچل سائين اسين هاڻي، اوهانجي در تي آيا هون،

    سچل سائين اسين هاڻي، اوهانجي در تي آيا هون،
    غمن جي پيڙيو گهاڻي، اوهانجي در تي آيا هون.

    مرن ڳڀرو پيا ٿا ڏس، اوهانجي ڏيهه ۾ ڏاڍا،
    امن آهي کتو ناڻي، اوهانجي دري آيا هون.

    وئي دونهاٽجي ڌرتي، چمن ساڙي خزان ڇڏيو،
    خوشي آهي پئي ٿاڻي، اوهانجي در تي آيا هون.

    سڄي مخلوق ميلي تي، اچي پھتي درازا ۾،
    برهه جي باهه جي ڀاڻي، اوهانجي در تي آيا هون.

    مغيري “مور” مايوسي ۽ مونجهارا وڪوڙي ويا،
    اندر وهمن وڌو واڻي، اوهانجي در تي آيا هون.


    (حضرت سچل سرمست جي 194-هين
    ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل غزل)


    اچي واهر اسان جي ڪر، قلندر ڪبريا سائين،

    اچي واهر اسان جي ڪر، قلندر ڪبريا سائين،
    اوهان جي آهيون آڌر، قلندر ڪبريا سائين.

    وڏا ٻڙڌڪ مچي ويا هن، سخي سردار سنڌڙيءَ تي،
    سڄي ڌرتي ٿي آ ڌمچر، قلندر ڪبريا سائين.

    اسين سائل اوهانجي در تي، آيا هون سوالي ٿي،
    اسان جا جهول خالي ڀر، قلندر ڪبريا سائين.

    وري محبت جا ميلا ٿين، جهڙالا هو جمالا ٿين،
    مَچن اوطاق سڀ ٻيھر، قلندر ڪبريا سائين.

    اَمن جو سج اُڀاري ڏي، مئل دليون جياري ڏي،
    ڪري مھراڻ ڏي ڪينجهر، قلندر ڪبريا سائين.

    سگهو پوريون اميدون ڪر، مغيريءَ لاءِ عيدون ڪر،
    وٺي ويٺس اوهانجو در، قلندر ڪبريا سائين.

    (حضرت قلندر لعل شھباز جي 762 هين عرس مبارڪ جي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل غزل )


    اسانجي اميدن جي پوري ڪھاڻي،

    اسانجي اميدن جي پوري ڪھاڻي،
    پئي پاڻي اندر نسوري ڪھاڻي.

    ڦٽل دل شھر ڄڻ، حياتي قھر ڄڻ،
    بنا پيار جي آ اڌوري ڪھاڻي.

    سڀيئي ستارا، سڄڻ چنڊ آهي،
    ڪنڊن ۾ گلابي کٿوري ڪھاڻي.

    زماني جي نظرن نشانو ڪيو آ،
    اسانجي اياڻي سموري ڪھاڻي.

    پئي دل هميشه سنڌو کي سنڀاري،
    لبن تي آ هر دم سڳوري ڪھاڻي.

    مڇر، نانگ، ڏينڀن، وڇن آ ورايو،
    پري ويڙا پوپٽ ڀنڀوري ڪھاڻي.

    چَتون “مور” ڪويل، چڪورن جي ڌرتي،
    ڪٻر، ڪانئيرن ٿي نڪوري ڪھاڻي.


    فسانو تنھنجو چھرو، ڪھاڻي هي سڄڻ اکيون،

    فسانو تنھنجو چھرو، ڪھاڻي هي سڄڻ اکيون،
    زمانو هيءُ آ منزل، پڄاڻي هي سڄڻ اکيون.

    نگاهن جي نظارن ۾، سڄو منظر سمايل آ،
    ستارن، چنڊ جي رنگن جي، راڻي هي سڄڻ اکيون.

    هتي محفل ۾ رنگيني ادائن جي سُرن آندي،
    سکي سنگيت جي سُھڻي، چواڻي هي سڄڻ اکيون.

    سڄي سنسار جي سھڻا اوهانکي آ نظرداري،
    تماچي لاءِ ڪينجهر جي مھاڻي هي سڄڻ اکيون.

    هتي هر ويل يادن سان، پيا دل کي ڌتاريون ٿا،
    ڏني اڄ يادگيري بي، پراڻي هي سڄڻ اکيون.

    مغيري “مور” جي منزل خمارن ۽ خيالن ۾،
    نرالي هت ڪٿا جي بي، جواڻي هي سڄڻ اکيون.


    کلي اکيون کڻي هر هر، نھارن کي پئي ڇيڙين،

    کلي اکيون کڻي هر هر، نھارن کي پئي ڇيڙين،
    نقابن کي هٽائي اڄ، نظارن کي پئي ڇيڙين.

    ورائي وار چھري تان، پسائي جنھن گهڙي مکڙو،
    بسنتي مند خلقي تون، بھارن کي پئي ڇيڙين.

    گلابي اڄ گلن ۾ تو، نئين سر تازگي آندي،
    وئي هڳساڻ هر جا ٿي، هزارن کي پئي ڇيڙين.

    اوهانکي يار ڏسندي اڄ، وڌي لھرن جي مستي وئي،
    سکي بيھي سمندر تي، ڪنارن کي پئي ڇيڙين.

    پرين تنھنجي ادائن سان، بکن رمجهم جهڙالا ٿا،
    ڪري ڌرتيءَ کي بارش تون، ستارن کي پئي ڇيڙين.

    اکين سان جام اوتي اڄ، نگاهن سان پيارين ٿي،
    پياري اڄ جي محفل ۾، پيارن کي پئي ڇيڙين.

    پيالا پُـرُ پيارين ٿي، پرين پردي هٽائڻ سان،
    وري محفل جي مستي جي، خمارن کي پئي ڇيڙين.

    مغيري بي جهڪائي سر، حسن کي آ سلامي ڪئي،
    ٿيا تابع هزارين ها، هزارن کي پئي ڇيڙين.


    اشارن ادا سان نھارڻ ڇڏي ڏي،

    اشارن ادا سان نھارڻ ڇڏي ڏي،
    وٺي واٽ ويندڙ بيھارڻ ڇڏي ڏي.

    زمانو سمورو شرابي لڳي ٿو،
    اها ديد دلبر اُلارڻ ڇڏي ڏي.

    مٽيءَ تي هٿن سان لکي نانءُ دلبر،
    وري سو اسم تون ميسارڻ ڇڏي ڏي.

    اوهانجي حسن جي ٿي هڳساڻ هر جا.
    وري وار ڇوڙي ورائڻ ڇڏي ڏي.

    هزارين اوهانجا آهن يار نوڪر،
    هزارن کي هاڻي ڏکائڻ ڇڏي ڏي.

    پرين اڄ ڪڪر ٿي اسان تي وسي وڃ،
    اسان جي تون دلڙي سڪائڻ ڇڏي ڏي.

    ڀري جام لبڙن جو ڏي “مور” کي تون،
    مغيري اسان سان نٽائڻ ڇڏي ڏي.


    نقابن مان ڏسڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني،

    نقابن مان ڏسڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني،
    حجابن ۾ لڪڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني.

    اُلارين ٿي مٺي اَبرو، نھارين ٿي کڻي نظرون،
    ڪري قيدي ڪـھڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني.

    دري کولي هوائن ۾، وکيري وار مکڙي تي،
    وري مرڪي تڪڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني.

    بھارن جي وڌي رونق، گلابن ۾ نئين رنگت،
    فضائن ۾ گهمڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني.

    وڳو ناسي بدن وارو، پرين کيچل ۾ اڊڙي پيو،
    مزاقن ۾ رسڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني.

    مٺي محفل ڀري ۾ تو گلن جا هارا پارايا،
    اهو ٿورو ڪرڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني.

    اسان کي ته اچڻ سان ئي، نوازش ۾ نھوڙي وئين،
    مغيري سو ملڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني.

    (عاشق نظاماڻيءَ جي آواز ۾ ڳايل )


    صدائن ۾ ناهي اثر ڪوبه جاني،

    صدائن ۾ ناهي اثر ڪوبه جاني،
    وفائن ۾ ناهي اثر ڪوبه جاني.

    لڳي ٿو زمانو ويو آهي بگڙي،
    چتائن ۾ ناهي اثر ڪو به جاني.

    زماني جو سارو زهر بي پيئون ٿا،
    سزائن ۾ ناهي اثر ڪو به جاني.

    حسن جي انوکي خبر جا پڙهي مون،
    هڳائن ۾ ناهي اثر ڪو به جاني.

    ڦٽل کوهه آهي اسانجو فسانو،
    ڪٿائن ۾ ناهي اثر ڪو به جاني.

    پراڻي ڄڻ اخبار بڻجي ويون هن،
    ادائن ۾ ناهي اثر ڪو به جاني.

    مغيري اوهان لاءِ دعائون به گهريم،
    دعائن ۾ ناهي اثر ڪو به جاني.


    اها يار اک جي اُلارڻ جي سازش،

    اها يار اک جي اُلارڻ جي سازش،
    پياري لڳي آ پيارڻ جي سازش.

    مٺي بند در جي ڪرڻ جي بھاني،
    نوابي لڳي آ نھارڻ جي سازش.

    ڏنو عيد ڪارڊ هيو عيد تي تو،
    رهي سائي دل کي ڌتارڻ جي سازش.

    مٺي واٽ ويندي هُيم گيت ٺاهيو،
    ڪئي تو پني تي اُتارڻ جي سازش.

    ڀري ڇرڪ ڀوري تو ڀاڪر وڌو هو،
    ڪيو ياد پٽ تي سمهارڻ جي سازش.

    اچان ٿي، اچان ٿي، منٽن ۾ اچان ٿي،
    وري سي اکر ڪيواچارڻ جي سازش.

    چٺي “مور” ڪاليج ويندي ڏني ٿو،
    هئي جيڪا ڀر مان اٿارڻ جي سازش.


    اوهان جي اکين مان جواني تڪي ٿي،

    اوهان جي اکين مان جواني تڪي ٿي،
    گلن جي فضا مان حيراني تڪي ٿي.

    نشو شام تي آ اداسي جو ڇانيل،
    وهيءَ مان شفق جي رواني تڪي ٿي.

    چمڪ سان جهڙالا ٿا آڪاش ڇيڙن،
    وسندڙ ڦڙن مان ويراني تڪي ٿي.

    شھر جي گهٽين ۾ گهمي سندري ٿي،
    ڀتين جي وٿين مان ديواني تڪي ٿي.

    ستارن جي جهرمر ٿي اونداهه ڇيڙي،
    گلابي وڳي جي بياني تڪي ٿي.

    سمندر جي بيباڪ سندر ڪٿا ۾،
    ڪناري مٿان ڪا نشاني تڪي ٿي.

    صدين کان اڱڻ جو پيو ٿو سنواري،
    مٺي “مور”جي ميزباني تڪي ٿي.

    (عاشق نظاماڻيءَ جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل )


    غزل، گيت، دوها صنم ڪاغذن تي،

    غزل، گيت، دوها صنم ڪاغذن تي،
    لکيا مون اوهانجا اسم ڪاغذن تي.

    ڪئي شاعري مون اوهان لاءِ آهي،
    اوهان لاءِ نثر ۽ نظم ڪاغذن تي.

    ڪيم نانءُ جيون اوهانجي ئي سانئڻ،
    اوهان لاءِ ٿيو هي جنم ڪاغذن تي.

    پڇي چنڊ کان ڏس ٻڌائي ڇڏيندي،
    سڄي رات روئي ڏنم ڪاغذن تي.

    نڪي ننڊ نيڻن نه آرام آهي،
    اوجاڳن وڌايا وهم ڪاغذن تي.

    نڪا يار رنگت بھارن ۾ آهي،
    چمن خاڪ سارو ڏٺم ڪاغذن تي.

    هتي “مور” بيڪل اميدون وياڪل،
    سڀيئي ستم ٿيا زخم ڪاغذن تي.


    رات بي ياد جا ولولا جاڳيا،

    رات بي ياد جا ولولا جاڳيا،
    درد تنھنجا وري دادلا جاڳيا.

    درد دل جي اندر گهر ڪري ويا جڏهن،
    آس جا آسرا بي دلا جاڳيا.

    چاهه جي راهه تي گامزن ٿي پيس،
    منزلن تي رڳو مسئلا جاڳيا.

    ساهه آ سانوري سار جي سير ۾،
    سور ۽ پور جا سلسلا جاڳيا.

    ڀاڪرن ۾ ڀڄي چوڙين جو پوڻ،
    کيچلن جا ته پو مرحلا جاڳيا.

    پوپري پيار ۾ گهيتلي ٿي وئي،
    ماٺڻي مرڪ سان معاملا جاڳيا.

    سندري تو سوا سور ۽ شاعري،
    گيت ۽ غزل ٿي ڀرجهلا جاڳيا.

    ياد جي لام ۾ بيوسي ٿي لڏي،
    زندگيءَ ۾ رڳو زلزلا جاڳيا.

    جنگ آ، جنگ آ، پاڻي لئه جنگ آ،
    ديس لئه ديس جا روپلا جاڳيا.

    سنڌ جي سينڌ جو “مور” آ مامرو،
    هوش ۽ جوش سان حوصلا جاڳيا.


    ڪيئن رات گذري، اچي چنڊ کان پڇ،

    ڪيئن رات گذري، اچي چنڊ کان پڇ،
    اکين ۽ اوجاڳن ڦٽل ننڊ کان پڇ.

    ڪري نير نالا ڳـَلن تي وهن ٿا،
    رِلِن جي مٿان ڄڻ لڳو کنڊ کان پڇ.

    خوابن جا منظر ٿي سڏڪا ويا هن،
    مٺي هر گهٽي جي اچي ڪنڊ کان پڇ.

    ضرب تو اسان جي ڪئي زندگي آ،
    خيالن جي ڪٽ-جوڙ ۽ ونڊ کان پڇ.

    اجاڙي ڇڏي آهي اڌمن جواني،
    جدائيءَ جي جانب اچي جنڊ کان پڇ.

    پيالن ۾ ديوانگي پئي لڳي ٿي،
    مکڻ “مور” مصري اچي کنڊ کان پڇ.


    اسان ياد تنھنجي ڀُلائي نه آهي،

    اسان ياد تنھنجي ڀُلائي نه آهي،
    اوهان ريءَ رنگت رچائي نه آهي.

    اسان ڳالهه دل جي لڪائي ڪٿي آ،
    اکين آ ٻُڌائي ڇُپائي نه آهي.

    بنا بادلن جي وسي وڏڦـڙو ٿو،
    اسان مند مرڪي ملهائي نه آهي.

    اچانڪ اچي يار طوفان ڪڙڪيو،
    ڪناري تي ڪشتي پُڄائي نه آهي.

    ٻرڻ کان اڳيئي ٻري ير وياهون،
    اڃان دل جي ٻيڙي دکائي نه آهي.

    رڳو چرس، بوتل ۽ آفيم، ڏوڏي،
    اڃان بي نشي سان نڀائي نه آهي.

    اميدن جا پوپٽ دلين تي ڦرن ٿا،
    اسان سيج ساجن سجائي نه آهي.

    اوهانجي شھر ۾ لڳون اوپرا ٿا،
    سويري ملي جا سوائي نه آهي.

    حقيقت نگاري هجي ڪاغذن تي،
    ڪتابن ۾ اهڙي لکائي نه آهي.

    پياسي نگاهن جي ڳولا پيالو،
    شرابي نظر تو ملائي نه آهي.

    وکر واپرايو اسان بيوسيءَ جو،
    صرافن ۾ هاڻي سچائي نه آهي.

    زمانو ويو هيٺ ۽ ٿي مٿي هت،
    اڌوري سنوت ٿي سڌائي نه آهي.

    اجايو اسان کان رُسي لوڪ ويو آ،
    اسان راڄ جي دل رنجائي نه آهي.

    اٿو سنڌ واسي خبردار جاڳو،
    پراون ۾ هاڻي سچائي نه آهي.

    سڪي سنڌڙي “مور” ساري وڃي ٿي،
    اسان ماءُ جي لڄ بچائي نه آهي.


    اوهان جو فسانو ادارو لڳي ٿو،

    اوهان جو فسانو ادارو لڳي ٿو،
    زماني جو سندر نظارو لڳي ٿو.

    ڦٽي باک دلبر اوهانجي نظر سان،
    مٺي ڄڻ گلن کي ڦھارو لڳي ٿو.

    ڏٺم يار وارن جي چوٽيءَ جي رنگت،
    سکي سوئي منظر پيارو لڳي ٿو.

    اوهانجي خيالن جا بادل گجن ٿا،
    اسان لاءِ سو ڄڻ سھارو لڳي ٿو.

    فضا ۾ صدائن جا آواز گونجن،
    سڄڻ نينھن جو سو نغارو لڳي ٿو.

    اوهان کان بنا بور ساري حياتي،
    چمن ڄڻ جيون جو اڌارو لڳي ٿو.

    هتي سنڌ جو سور ڪھڙو لکان مان؟
    ڏنل خوشين کي ٻُھارو لڳي ٿو.

    امن هاڻ رهيو اسان وٽ نه آهي،
    ڪٿي بي نه اهڙو سڌارو لڳي ٿو.

    اوهانجي ڪيم نانءِ دل جون دُوارون،
    شھر “مور” دل جو خسارو لڳي ٿو.


    مٺي وارَ کولي ٿي مُکَ تي ورائي،

    مٺي وارَ کولي ٿي مُکَ تي ورائي،
    جهڙالي جي موسم پئي گيت ڳائي.

    ويو چنڊ بڻجي تماشو هتي آ،
    گُجر پئي گلابي گلن کي ڀلائي.

    اماسي ۾ پئجي وڃن سارا منظر،
    ٿئي سوجهرو ٿو نظر ٿي ورائي.

    اوهان ريءَ يادن جا بيباڪ منظر،
    جواني ڇڏن ٿا اسانجي جلائي.

    نظر ناز سان جو نماڻي کڻي ٿي،
    ڪروڙين ڪري قيد قيدي ڪُھائي.

    سوين ساز ڇڙيا چپن جي چرڻ سان،
    گلن ۾ وئي هوءَ رنگت رچائي.

    سکي شام ڌاران لڏي لام ٿي پئي،
    ستارن جي جهرمر غزل پئي لکائي.

    هتي “مور” هڳساڻ هرجا وئي ٿي،
    مغيري بھاري وئي آ وڌائي.

    (عاشق نظاماڻي جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل)


    ستارن ڳڻيندي سڄي رات گذري،

    ستارن ڳڻيندي سڄي رات گذري،
    ڦٽي باک پورن ۾ پرڀات گذري.

    ڳلن تان ڳڙي پيا لکين لڙڪ لارون،
    برهه جي بدن تي ته برسات گذري.

    ڪٿي ٿا وساري سگهون يار يادون،
    حجت ۾ هٿن جي، جا حرڪات گذري.

    قيامت، قبر ۽ حشر يار آهي،
    سدا ساهه کي سار سڪرات گذري.

    وفا جي وطن تي، جفا ۽ جدائي،
    ستم، سور، صدمن جي شروعات گذري.

    خيالن کي اوتي پني تي نه سگهبو،
    خوابن جي اهڙي ته خيرات گذري.

    مٺي “مور” کي مڻ ملن روز مھڻا،
    مغيري عذابن ۾ اڌرات گذري.


    ڪناري مٿان راڄ راڻي ڏڪي ٿي،

    ڪناري مٿان راڄ راڻي ڏڪي ٿي،
    سمندر جي سندر ڪھاڻي ڏڪي ٿي.

    وڳو ريشمي يار جي آ بدن تي،
    وزن تي غزل جي وراڻي ڏڪي ٿي.

    سکي وار سج تي پئي ٿي سُڪائي،
    اها ريت بي اڄ پراڻي ڏڪي ٿي.

    غزل، گيت، دوها ڪوي پيو لکي ٿو،
    سڄي شاعري بي اگهاڻي، ڏڪي ٿي.

    ختم ٿي ويو آهي احساس اڄڪلهه،
    ۽ انسانيت جي پڄاڻي ڏڪي ٿي.

    مري پيءُ، پٽ جي هٿان اڄ وڃي ٿو،
    ڪٺل ماءُ ۽ ڪٿ نياڻي ڏڪي ٿي.

    ڪھاڙي هٿن ۾ ڪلاشن ڪلهي تي،
    رڳو اچ ته رت جي رهاڻي ڏڪي ٿي.

    لڳن روز ڌاڙا اسانجي حقن کي،
    پئي يار سنڌو سياڻي ڏڪي ٿي.

    اٿو جوان جوڌا، ٿيو هوشو، دودا،
    وري “مور” ساڳي ڪھاڻي ڏڪي ٿي.


    جواني وئي يار گذري غمن ۾،

    جواني وئي يار گذري غمن ۾،
    اڌورن اميدن خوابن خطن ۾.

    رڳو دردِ ديرا ڄمائي ويا هن،
    دُلاري دُکي دل ڏوراپن ڏکن ۾.

    برهه جو بتيلو بحر ۾ ڀڄايم،
    اها بي وڃي يار اٽڪي ڪُنن ۾.

    فڪر ۾ فسانو پيو يار ڦٽجي،
    ڪھاڻي پئي آ قھر جي قصن ۾.

    سدا ساهه کي سار سڪرات آهي،
    ڇڏي تون وئين ڇو؟ وڇوڙن وڏن ۾.

    ڪري قول جيڪي وفا جا وئين تون،
    پرين پھچ هاڻي وچن جي وطن ۾.

    ڇلڻ ساڻ ڇاتي ڪفن ٿي ڍڪائي،
    اسانکي دفن تون ڪري ڇڏ قُبن ۾.

    عقابي کڻي نيڻ گهوري ڏسڻ سان،
    اسان کي ويھاري وئين تون دڳن ۾.

    مغيري، پري پاڻ کان ڇو ڪرين ٿي؟
    او ڀوري ڀري وجهه ڪو ڀاڪر بدن ۾.


    حياتيءَ جو لاچار سارو فسانو،

    حياتيءَ جو لاچار سارو فسانو،
    پراڻي ڪا اخبار سارو فسانو.

    رڳي ريج رت جو جواني گهري ٿي،
    اڇا ٿي ويا وار سارو فسانو.

    بدن بيوسي جي سزا ويٺو ڀوڳي،
    برهه ڪيڙو بيمار سارو فسانو.

    سوين هت سورن جا پيا سنگَ نِسرن ،
    وڌي ويڙا ويچار سارو فسانو.

    پرين پوپٽن سان پئي راند کيڏي،
    گلن جو ته گلزار سارو فسانو.

    چمن زندگي جو ويو آهي اجڙي،
    سڃو ڄڻ ته سنسار سارو فسانو.

    خزان “مور” ساڙي خوابن کي ڇڏيو،
    بھارن جو بيڪار سارو فسانو.


    اسان جي اکين جي هي آلاڻ سھڻي،

    اسان جي اکين جي هي آلاڻ سھڻي،
    اوهانجي حسن جي آ واکاڻ سھڻي.

    اُجهامي ويو دل جو ڏيئو هتي آ،
    ڏسي ڪشمڪش ۽ هي ڇڪتاڻ سھڻي.

    اوهانجي ڳلن جي رنگت جي فضا ۾،
    ڀٽائيءَ جي ڌرتي جي سرهاڻ سھڻي.

    اوهان جا چکائي لبن جي سوائي،
    هئي ماکي کان وڌ سا ميٺاڻ سھڻي.

    جڏهن چنڊ جوڀن جواني ٿو ماڻي،
    اچي ياد تنھنجي ٿي چانڊاڻ سھڻي.

    سڄي ڳوٺ ۾ هو هوا ٿي وئي آ،
    اوهانجي اچڻ سان ٿي هڳساڻ سھڻي.

    جڏهن کان مغيري اوهانجو سڏايم،
    تڏهن “مور” پھري هي پھراڻ سھڻي.


    کلي اک کڻي جو ٻکائي ڇڏين ٿي،

    کلي اک کڻي جو ٻکائي ڇڏين ٿي،
    قسم ساڻ قيدي ڪکائي ڇڏين ٿي.

    لبن جي نٿي لار وسري اسان کان،
    چمڻ ساڻ ماکي چکائي ڇڏين ٿي.

    سنواري جڏهن وار سھڻي ڏسين ٿي،
    ته دنيا اسان کان ڀلائي ڇڏين ٿي.

    لکن کان مٿي لوڏ تنھنجي لھي ٿي،
    اسانجي ته دل تون وڌائي ڇڏين ٿي.

    چوان مان ڇا؟ چقمق يا تو ۾ آ جادو،
    جهٽي دل لُٽي پو ڪٽائي ڇڏين ٿي.

    حسن تنھنجي موهي هزارين وڌا هن،
    دلين کي ته ڌاڙا لڳائي ڇڏين ٿي.

    سڄي رات سپنن ۾ ڇا لاءِ ٿي ڇيڙين،
    اها بي نه حرڪت گهٽائي ڇڏين ٿي.

    مٺي مرڪ ۾ ٿئي موسيقي سمايل،
    سکي تون ته سارنگ وڄائي ڇڏين ٿي.

    گلابي وڳي ۾ پرين تون پرس سان،
    سڄي سنڌ ڌرتي سجائي ڇڏين ٿي.

    ڪڇڻ جي هتي “مور”ڪنھن کي مجال آ،
    مغيري سياڻا سٽائي ڇڏين ٿي.


    چوان ٿو ته توتي لکان ڪو غزل،

    چوان ٿو ته توتي لکان ڪو غزل،
    جنم ڏڻ تي تو ڏي مُنجان ڪو غزل.

    لکي ڊائريءَ تي ڇڏين اي پرين،
    سکي شال اهڙو هجان ڪو غزل.

    ٺھي توکي ڳل تي جو تر يار ٿو،
    يا اک ۾ ڪجل ٿي پوان ڪو غزل.

    بڪل يار چوٽيءَ جو جيڪر ٿيان،
    يا لالي لبن جي ٿيان ڪو غزل.

    چوڻ سان سازن کي ڇيڙي ڇڏي،
    اهڙو يار ڳائي وجهان ڪو غزل.

    گلن ساڻ تشبيھه توکي ڏيان،
    لڀي شال جيڪر ڪٿان ڪو غزل.

    فڪر ۽ وزن ساڻ سرجي وڃي،
    بحر تي مان اهڙو سکان ڪو غزل.

    رڳو “مور” تنھنجي ئي دل ۾ رهي،
    چوي دل ٿي اهڙو لکان ڪو غزل.


    گواهي ستارن سڀن کان پڇي ڏس،

    گواهي ستارن سڀن کان پڇي ڏس،
    رنم رات ساري اکين کان پڇي ڏس.

    وئي ننڊ آهي ڪري يار موڪل،
    لڇان ۽ پڇان ٿو غمن کان پڇي ڏس.

    بھاري ختم ٿي بسنتي فضا مان،
    اميدن جي سندر چمن کان پڇي ڏس.

    اسان روح سان چاهيو آهي توکي،
    اچي دل جي دلبر سحن کان پڇي ڏس.

    اوهان لاءِ سوچون ۽ ويچار سارا،
    ڀلي تون اسانجي ذهن کان پڇي ڏس.

    سوا تو اسان لاءِ جهولا، لُکُون هن،
    ڇڻي گل ويا هن گلن کان پڇي ڏس.

    هتي “مور” بيمار بڻجي ويو آ،
    مغيري طبيبن، تپن کان پڇي ڏس.


    نظر تنھنجي جو ڇا اثر سانوري،

    نظر تنھنجي جو ڇا اثر سانوري،
    ٽُڪـَرَ ٿي پئي دل جگر سانوري.

    ڪيا ناز سان تو نشانا ها جيڪي،
    اسان کي لڳا ٿي خنجر سانوري.

    ڪيڏي تازگي ٿي گلن ۾ هئي،
    سکي شام ڌاران پھر سانوري.

    شرابن ۾ ڪا ٿي آ اهڙو نشو،
    چپن جو چکيم جو ثمر سانوري.

    تنھنجو درد بي ٿي دوا ٿو لڳي،
    اهو بي انوکو فڪر سانوري.

    وفا آ اوهان جي وطن ۾ رڳو،
    جفا جو نه جتڙي وکر سانوري.

    پڙهي شاعري مون ڏٺي شاهه جي،
    هيو هر اکر سچ مگر سانوري.

    سدا مند تو وٽ بسنتي آهي،
    بھارن جو تون ڪو شھر سانوري.

    ڪجي “مور” واکاڻ ڪھڙي ڪجي،
    حسن جو تون آهين بحر سانوري.


    پرين اڄ پروڪي وچن جي مھابي،

    پرين اڄ پروڪي وچن جي مھابي،
    مٽر، چيٽ جي بي چڻن جي مھابي.

    اندر منجهه ٻرندڙ اُلن جي مھابي،
    برهه جي ڀيانڪ بٺن جي مھابي.

    غمن ۾ وئي دل ڳري ۽ جهري آ،
    فڪر جي ڦٽاڪن ڦٽن جي مھابي.

    گلابن ۾ سرهاڻ وڃ تون سمائي،
    حسن جي انوکي چمن جي مھابي.

    ڦلايا سرنھن گل بي تو لاءِ پيلا،
    بسنتي فضائن رُتن جي مھابي.

    اچي پاڻ هاڻي پيالو پيارج،
    شرابي، شبابي نشن جي مھابي.

    نھارن جو نرمل نظارو پسائج،
    نقابي، عقابي اکين جي مھابي.

    خطن ۾ لکي تو جي جملا اماڻيا،
    صنم سينڌ جي بي سخن جي مھابي.

    ڪري چُور شيشي جيان تو ڇڏيو آ،
    ڪيل دل جگر جي ذرن جي مھابي.

    اچو “مور” گڏجي هي مندون ملهايون،
    گلابي نوابي لبن جي مھابي.


    جڏهن تو پياريو پيالو پرين،

    جڏهن تو پياريو پيالو پرين،
    تڏهن کان رڳو آ جهڙالو پرين.

    وسي ماڪ گلڙن تي هر ويل ٿي،
    پڙهي پيار سان ڏس رسالو پرين.

    سڀيئي ملھاري ڪري مند هي،
    بسنتي لکي وئين مقالو پرين.

    کُلي ياد جا ورق اڄ ڀي پيا،
    وڄي پرت جو ٿو جمالو پرين.

    اسان جيت کي بي ڪئي هار آ،
    هڻي ويو نظر جو روالو پرين.

    نشو اڄ اسان کي نشو ٿي لڳو،
    ڪِري پيو اتي ئي موالو پرين.

    سوا تو اماسو انڌاري رڳو،
    اچي ڪر اسان وٽ اجالو پرين.

    نٿو هاڻ ڪمرو کٽولو وڻي،
    ڏيان ڪھڙو دل کي حوالو پرين.

    اسين رات ۾ ڄڻ ته گهاريون پيا.
    ڦٽي باک جو شل جوالو پرين.

    ڏسي دنگ رهجي وئي آ دنيا،
    ڪيو عاشقن جو ڪشالو پرين.

    اچي “مور” وٽ سور ساجن لٿا،
    مـُڪو تو ڀري جو ٽرالو پرين.


    حسن جي يار بازر ۾ ڏٺي مون سينُ ڳوٺاڻي،

    حسن جي يار بازر ۾ ڏٺي مون سينُ ڳوٺاڻي،
    هڻي ڌاڙو وئي دل کي اها هئي عينُ ڳوٺاڻي.

    اشارن ۾ سمندر جي نظارن سان پئي کيڏي،
    ڏياري وئي هٿن ۾ اڄ پنو ۽ پينُ ڳوٺاڻي.

    ملهاري ٿي وئي موسم جڏهن هوءَ مرڪندي نڪتي،
    گلن ۾ رنگ ڀريندي وئي گلابي غينُ ڳوٺاڻي.

    هٿن سان گل گلابن جا لبن مان لال ڪيرائي،
    ادائن سان هڻي منتر وئي آ مينُ ڳوٺاڻي.

    حجابن ۾ نقابن جو پرين پردو ڏيئي ڇڏيو،
    مزاقن ئي مزاقن ۾ جهٽي وئي چينُ ڳوٺاڻي.

    قطارن ۾ ته ڏس ڪونجون فضائن ۾ پيون نڪري،
    وئي هڳساڻ هر جا ٿي لڳي لائينُ ڳوٺاڻي.

    ڪري قابو وئي ڪوٽن ۾ اسان کي هڪ جهلڪ ۾ اڄ،
    هڻي تالا ڏنڊا ٻيڙيون برهه جي بينُ ڳوٺاڻي.

    مغيري وئي لکي دل جي ڪتابن جي نصابن ۾،
    آهي هي “مور” جي محبت ٻئي جي ڪينُ ڳوٺاڻي.


    ڇا ته منظر پرين تنھنجي نيڻن اندر،

    ڇا ته منظر پرين تنھنجي نيڻن اندر،
    جام ڪوثر پرين تنھنجي نيڻن اندر.

    ها ڏسڻ سان ڪسي لوڪ سارو پوي،
    ڄڻ ڪو خنجر پرين تنھنجي نيڻن اندر.

    رات جاڳي گذاري خيالن ۾ مون،
    سوچ اڪثر پرين تنھنجي نيڻن اندر.

    باک آهي ڦٽي هڪ جهلڪ ساڻ اڄ،
    مرڪ برتر پرين تنھنجي نيڻن اندر.

    دل چوي ٿي رهي راتيون مان پوان،
    ننڊ بھتر پرين تنھنجي نيڻن اندر.

    تون جڏهن ٿي اچين سوجهرو ٿو ٿئي،
    چنڊ نوڪر پرين تنھنجي نيڻن اندر.

    باز وانگر جهٽي دل سَٽي ٿو وتي،
    “مور” منتر پرين تنھنجي نيڻن اندر.


    سڄي سنڌ ٻوڙي ڇڏيو آهي پاڻي،

    سڄي سنڌ ٻوڙي ڇڏيو آهي پاڻي،
    وڏي آهي دردن ڀري هي ڪھاڻي.

    لکن کان مٿي ماڻهو روڊن تي آهن،
    پڌر تي تـتيءَ جو نه ماني نه پاڻي.

    ننڍا ۽ وڏا سڀ، ٻڍا ۽ ٻچا سڀ،
    ويا در بدر ٿي ڦلاڻو ڦلاڻي.

    ٻڏو ڀاءُ ڪٿ ۽ لڙهي ڀيڻ ڪٿ آ،
    وئي پيءُ پٽ جي به ٿي آ پڄاڻي.

    ڪٿي ڏاج لڙهيا، ڪٿي کاڄ لڙهيا،
    ڪٿي پاڻي ٻوڙيا،سياڻو سياڻي.

    اڃايل، بکايل، ڏکايل، وڃايل،
    بڻي روڄ جي سنڌ آهي رهاڻي.

    گهٽائون، فضائون، ادائون، ٻڏي ويون،
    نگاهون، نظارا، ٻڏي ٻانڀياڻي.

    غزل، گيت، دوهو، نثر بي ٻڏل آ،
    پنو، پين، مس جي ٻڏي آ جواڻي.

    ٻڏا ساز، سھرا، ٻڏي ڳاڙهي ميندي،
    ڪٿي موڙ پاتل، ٻڏا راڻو راڻي.

    ڪشالا، اُجالا، جوالا، ٻڏا هت،
    ٻڏا “مور” منظر ٻڏي سنڌياڻي.

    (2010ع- سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي ڀيانڪ تباهيءَ تي لکيل غزل)


    ٽوپي اجرڪ وارا ماڻهو،

    ٽوپي اجرڪ وارا ماڻهو،
    سنڌي سورهه سارا ماڻهو.

    اٿڻي، ويھڻي، رهڻي، ڪھڻي،
    عظمت ۾ بي نيارا ماڻهو.

    ٻولي جن جي ٻاجهاري آ،
    جاني جيءَ جيارا ماڻهو.

    جوڀن ۾ شل جهانگي جيئن،
    اکين جا هي تارا ماڻهو.

    غيرت لئه سِرُ ڏيئي ڄاڻن،
    هوشو، هيمون پارا ماڻهو.

    سنڌي ٻولي زنده هوندي،
    گونجن گهر گهر نعرا ماڻهو.

    ويرين جي اک جا هي ڪنڊا،
    ڌرتي دشمن کارا ماڻهو.

    مھماني جا “مور” ٿا سڏجن،
    دل ۾ ڪندڙ آرا ماڻهو.


    (6-ڊسمبر 2011ع ثقافت ڏهاڙي تي لکيل)


    ٿيو ڪين تنھنجو اچڻ عيد تي،

    ٿيو ڪين تنھنجو اچڻ عيد تي،
    اسان ساڻ ساجن ملڻ عيد تي.

    اسان روئي روئي گذاري پرين،
    اهو بي ٿيو ڄڻ مرڻ عيد تي.

    اڌورا سمورا ٿيا آسرا،
    وري نه ٿيو ٿئي ورڻ عيد تي.

    رڳو ڳل به آلا اسان جا هيا،
    پڳو ڪين توکان اُگهڻ عيد تي.

    کسي سبز منظر بھارون وئين،
    اسان لئه ٿيو ڄڻ ڪسڻ عيد تي.

    خوابن جا جيڪي محل جوڙيم،
    تني جو ٿيو بي ڊهڻ عيد تي.

    اوهان سور جيڪي مُـقا سوکڙي،
    تني سان ٿيو بي رهڻ عيد تي.

    مغيري جڏهن تو سزا هي ڏني،
    غزل “مور” پو ٿيو لکڻ عيد تي.


    اوهان ساڻ محبت، وطن جي نموني،

    اوهان ساڻ محبت، وطن جي نموني،
    جدائي خزان جي، پنن جي نموني.

    اوهان ريءَ گلن ۾، رهي ناهي رنگت،
    فڪر آ بڻايو، ڦٽن جي نموني.

    هتي هر ڪوي جي آ، لکڻي اوهان لاءِ،
    اوهانجو نظم گهڻ رخن جي نموني.

    ڳلن تي نشانا گلابي لبن جا،
    اچن ياد منظر گلن جي نموني.

    غمن جا ته گهيرا اندر منجهه ٿي ويا،
    بنا پيار جي دل دفن جي نموني.

    ڪيا قول ها تو مٺي مرڪندي جي،
    پرين سي ته پاڙج وچن جي نموني.

    مغيري اکين ۾ اوهان لاءِ جايون،
    وڇايم هي نظرون سحن جي نموني.


    نيڻ برسات وانگي وسن ڍوليا،

    نيڻ برسات وانگي وسن ڍوليا،
    راهه تنھنجي پيا ٿا ڏسن ڍوليا.

    ياد آئي پراڻي وري رات سا،
    چنڊ تارن سان هو جو مگن ڍوليا.

    هير ٿڌڙي پرهه جو پھر بانوري،
    ها اچي ڪر سڄو تر چمن ڍوليا.

    جو وهي واپري سور سيني اندر،
    ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي نه چپن ڍوليا.

    سنڌ سان جو ستم اڄ ٿئي ٿو پيو،
    تن عذابن تي پوندو ڪفن ڍوليا.

    ڪين فتنا، وڳوڙا ۽ جهيڙا هجن،
    پاڻ کي هاڻ گهرجي امن ڍوليا.

    ڪاش رونق وري ساڳي موٽي اچي،
    شال اوطاقون ٻيھر مچن ڍوليا.

    دل چوي ٿي سڄو جڳ مھڪي پوي،
    دوست انسان ٿي سڀ رهن ڍوليا.

    “مور” ماکي، مکڻ، کير جٿ ڪٿ ملي،
    سنڌ اهڙو هجي ڪو وطن ڍوليا.


    کڻي نيڻ ٻيھر نھارڻ وري اچ،

    کڻي نيڻ ٻيھر نھارڻ وري اچ،
    مئل دل کي جاني جيئارڻ وري اچ.

    اوهان جام اکين سان جيڪو چکايو،
    پرين سان پيالي پيارڻ وري اچ.

    اسان صرف توڏي ڏسڻ هاڻ ڄاڻون،
    اسانجي اڱڻ تي خمارڻ وري اچ.

    اوهان کان سوا جيءُ اوندهه ۾ آهي،
    سگهو واٽ تي لاٽ ٻارڻ وري اچ.

    وئي ننڊ ناراض ٿي يار مونکان،
    اسانکي به هاڻي سمهارڻ وري اچ.

    برهه جي وئين باهه جيڪا تون ٻاري،
    انهيءَ باهه کي هاڻ ٺارڻ وري اچ.

    سڄي رات يادون ۽ سڏڪار ڳوڙها،
    اڪيلي آهي دل ڌتارڻ وري اچ.

    مغيري بسنتي ڪري مند مون لاءِ،
    مِٺي “مور” مونکي پڪارڻ وري اچ.


    اسان توکي ورتو لکن ۾ پِني آ،

    اسان توکي ورتو لکن ۾ پِني آ،
    اوهان کان سوا دل هي ڇوري ڇِني آ.

    اَٿَوَ يار پارت اسانجي ته دل جي،
    وڏن ٺوڪرن بعد تو وٽ پُني آ.

    اوهان کان سوا ٻي نه دنيا وڻي ٿي،
    سڀن کان لڪائي توکي دل ڏني آ.

    اسان هاڻ توتي غزل پيا لکون ٿا،
    ڀريا گيت سڏڪا ۽ وائي رُني آ.

    اسان کي ته شاعر اوهان ئي بڻايو،
    اسان وٽ فڪر ۽ نه رستو فني آ.

    جڏهن کان اسان ساڻ ڀيرو ڀڳو تو،
    اسان سور سيني لئه ورتو ڳني آ.

    وٺي شاهدي چنڊ تارن کان ڏس تون،
    ڏٺي يار حالت سموري تني آ.

    اسان پيار پالي نپايو آ دل ۾،
    اسان لاءِ شيعو نه ڪوئي سُني آ.

    وئي مرڪ موڪل ڪري “مور” مونکان،
    غمي دل جي زورو خوشي وئي ڇني آ.



    طرح: ”رنگ هر جا خوشيون ٿي لٿا عيد تي.“


    تو اکين ساڻ اوتيا نشا عيد تي،

    تو اکين ساڻ اوتيا نشا عيد تي،
    رنگ هر جا خوشيون ٿي لٿا عيد تي.

    بادلن منجهه مستي مگن ٿي هئي،
    مند مھڪي پئي جو مٺا عيد تي.

    چنڊ چؤڏس هوائون هڳائون هيون،
    اڄ ڪئي تو آ دل جي دوا عيد تي.

    ساز آهن ڇڙي پيا ادائون پسي،
    تو ڪئي جو حسن جي سخا عيد تي.

    سال توکي ٿيا تون نه آئين پرين،
    واهه جو اڄ ڪئي تو وفا عيد تي.

    ياد ماضي ڪري يار روئي پيس،
    اوچتو تو اچي ڪيو ٺڪا عيد تي.

    شام ڌاري هيو “مور” مخمور ٿيو،
    تو پياريا هيا پُـرُ وٽا عيد تي.

    (عيدالفطر طرحي مشاعرو- فيس بوڪ تي رکيل)


    اچو مند مرڪي ملھاري ملهايون،

    اچو مند مرڪي ملھاري ملهايون،
    ڪري پـُرُ پيالو پياري ملهايون.

    وري جام اکين جو ٻيھر کپي ٿو،
    وري شام ساجن خماري ملهايون.

    وري گل ٽـڙي پيا ۽ پوپٽ مڙي پيا،
    وري يار رنگت نياري ملهايون.

    وري ٿي آ ساوڪ ۽ سرهاڻ هر جا،
    وري سرنھن ساڳي ڦلاري ملهايون.

    وري هير ٿڌڙي پرهه جي پھر جي،
    وري برهه جي اچ بھاري ملهايون.

    وري حرڪتن ۽ مزاڪن جي محفل،
    وري اچ ته موسم ڀلاري ملهايون.

    وري “مور” قربن ڀري ڪا ڪچھري،
    وري عيد گڏجي ڏياري ملهايون.


    اچو عيد تي گڏ رهو “مور” سان،

    اچو عيد تي گڏ رهو “مور” سان،
    مٺا هاڻ گهاريو ڏهو “مور” سان.

    اوهان کان سوا عيد ڪھڙي ڪبي،
    پيارا پھر اڄ وهو “مور” سان.

    رکي نيڻ راهن تي ويٺا هيون،
    قسم تي اوهين ٿا ٺهو “مور” سان.

    نڪا کل خوشي ڪين کيڪار آ،
    چمن زندگي ۾ ٻھو “مور” سان.

    وري يار ماکي چپن جي کپي،
    پرين پيار جو رک پھو “مور” سان.

    وري شال ٻيھر اها شام ٿئي،
    وري پاءِ ڀاڪر اهو “مور” سان.

    اگر ڪا شڪايت مغيري اَٿَوَ،
    اچي روبرو سا ڪـھر “مور” سان.


    سنڌي ٻولي نياري آهي،

    سنڌي ٻولي نياري آهي،
    مڙني کان موچاري آهي.

    شاهه، سچل ۽ سامي، راشد،
    بيدل، رکيل بخاري آهي.

    صدين کان تھذيب اسانجي،
    ٽوپي، اجرڪ واري آهي.

    سنڌو پنھنجي سھڻي ڌرتي،
    گل ڦل ۽ گلزاري آهي.

    سنڌي بيحد مخلص ماڻهو،
    سورهه هاري ناري آهي.

    جيجل جهولي واري لولي،
    ٻھڳڻ ۽ ٻاجهاري آهي.

    جا اک ميري تيري ڏسبي،
    سا اک سمجهو ڌاري آهي.

    سر ڌڙ، گهر ذر گهوري ڇڏبو،
    ساهه کان وڌ هي پياري آهي.

    ويري توسان جهيڙو هاڻي،
    “مور” مغيري جاري آهي.


    ڏٺم ڇا ته منظر گلابي وڳي سان،

    ڏٺم ڇا ته منظر گلابي وڳي سان،
    هئي سڀ کان بھتر نوابي وڳي سان.

    خمارن ۾ مخلوق ساري ڪري وئي،
    جڏهن نڪتي ٻاهر شرابي وڳي سان.

    سڄو ڏيھه مرڪي پيو اڄ اچانڪ،
    اچي يار ويو لاجوابي وڳي سان.

    بڻي مند دل جي بسنتي وئي آ،
    ڏني سونھن جهلڪي شبابي وڳي سان.

    اسان جھڙا نوڪر هزارين اوهانجا،
    ٿيا قيد قابو نقابي وڳي سان.

    کپي ونڊ سائين حسن جي سخا جو،
    ڀري جام ڏي بي حسابي وڳي سان.

    وري “مور” تي اڄ عنايت اچي ڪر،
    ڪئي تو اڳي جا عقابي وڳي سان.


    آ هلي هڪ وار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري،

    آ هلي هڪ وار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري،
    پـُرُ پيالو پيار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.

    نيڻ نيڻن سان ملائي ويهه ٿي اڄ ويجهڙو،
    پيو ڪيان ديدار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.

    تو ڏني جيڪا غمي سا گهر ڪري ويهي رهي،
    هاڻ هي غم ٽار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.

    دل جڏهن کان تو لُٽي، بازي سموري تو کَٽي،
    مون مڃي آ هار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.

    چيٽ ۾ آئين اڳي،آيو وري بي چيٽ آ،
    چيٽ ۾ دل ٺار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.

    گل ٽـڙي آهن پيا، پوپٽ مِڙي آهن پيا،
    ٿي وري ڦولار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.

    تو سوا جيون ڪھاڻي جا ورق وکري ويا،
    ڪين دلڙي ڳار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.

    ياد ماضي کي ڪري اڄ يادگيري بي رُني،
    ڀاڪارن جا هار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.

    مان پراڻو آهيان نوڪر اوهان جي نانءَ جو،
    تون به ٿي ”ڀوتار“ ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.

    “مور” جي تو کانسوا گذري نٿي هڪ بي گهڙي،
    گڏ مغيري گهار ٻيھر، دل گهري ٿي سانوري.


    ڦلاري آ موسم اڃان تون نه آئين،

    ڦلاري آ موسم اڃان تون نه آئين،
    ملهاري آ موسم، اڃان تون نه آئين.

    نھاري نھاري ٿڪا نيڻ آهن،
    بھاري آ موسم، اڃان تون نه آئين.

    گلن ۾ رنگيني سموري سمائي،
    نکاري آ موسم، اڃان تون نه آئين.

    وري يار، پوپٽ به پھچي ويا هن،
    اناري آ موسم، اڃان تون نه آئين.

    وري ٿي جهڙالا وياجا بجا هن،
    قنڌاري آ موسم، اڃان تون نه آئين.

    وري نيڻ آلا اوهان لاءِ آهن،
    ولهاري آ موسم، اڃان تون نه آئين.

    اسان توڏي خط ۽ سنيها مـُقا هِن،
    نياري آ موسم، اڃان تون نه آئين.

    وري مئڪدي جا اچي کول دَرَ تون،
    خماري آ موسم، اڃان تون نه آئين.

    وري “مور” پيئڻ مغيري گُهري ٿو،
    پياري آ موسم، اڃان تون نه آئين.


    غمن ۾ گذر ٿي وئي زندگاني،

    غمن ۾ گذر ٿي وئي زندگاني،
    سوا تو حشر ٿي وئي زندگاني.

    اچي رهبري اڄ اسانجي ڪيو ڪا،
    سڄي دربدر ٿي وئي زندگاني.

    ملڻ جي اسان تي ڪيو مھرباني،
    اوهانجي نظر ٿي وئي زندگاني.

    غزل، گيت، دوها، نظم، بيت، وايون،
    ڪھاڻي قھر ٿي وئي زندگاني.

    هئي جا گهڙي مون اوهان سان گذاري،
    اها ئي اَمر ٿي وئي زندگاني.

    مٺي “مور” جي دل ڏکن ۾ ڏري پئي،
    مغيري زهر ٿي وئي زندگاني.


    وري بي ياد آئي آ اها ئي رات سانوڻ ۾،

    وري بي ياد آئي آ اها ئي رات سانوڻ ۾،
    هياسين گڏ اُتي تون مان، اُٺي برسات سانوڻ ۾.

    ڀِڄايو تو بدن بخمل جڏهن برسات ۾ بيهي،
    ڪئي ڪيڏي هئي تو مون اُتي حرڪات سانوڻ ۾.

    لبن سان لب ملائي تو، ڪيو مون ساڻ وعدو هو،
    جنم هوندس ٻئي توسان، نه ڪر فڪرات سانوڻ ۾.

    گلابن جي وڌي خوشبو، نچن جهومن پيا پوپٽ،
    نگاهن جي پناهن ۾ کُٽي وئي رات سانوڻ ۾.

    اشارن جي ادائن سان هئي جا راند کيڏي تو،
    اچي سا يادگيري وئي اها پرڀات سانوڻ ۾.

    مغيري “مور” موسم هي وري آئي اميدن سان،
    اسان ڏي سانوري اچ تون کڻي سوغات سانوڻ ۾.


    (21 جون 2015ع تي سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي طرفان ٿيل ”سانوڻ مشاعري“ ۾ پڙهيل)


    لڳي ٿو سفر ڄڻ،

    لڳي ٿو سفر ڄڻ،
    ڪنڊن تي گذر ڄڻ.

    جلي آ ويو ير،
    اسانجو جگر ڄڻ.

    ڪٿي ٿي سري هت،
    سوا تو حشر ڄڻ.

    مڃي ئي نٿي دل،
    اگر ۽ مگر ڄڻ.

    وئي مند مٽجي،
    خزان جو اثر ڄڻ.

    کُٽي ئي نٿو ڇو؟
    ڏکن جو سفر ڄڻ.

    فڪرجا ٿا کائن،
    اندر کي کپر ڄڻ.

    وڻن ڪينڪي ٿا،
    نظارا نظر ڄڻ.

    سوا تو سڃا هن،
    سمورا شھر ڄڻ.

    لڳي گهر ڀي ٿو،
    اسانکي قبر ڄڻ.

    ڪڍي يار ڇڏيا،
    هجر بي پگهر ڄڻ.

    صبح، شام، سانجهي،
    سنڀاري عصر ڄڻ.

    ويا لاهه نڪري،
    يڪو آ ڏمر ڄڻ.

    اڃان پيو جيان ٿو،
    اڄوڪي خبر ڄڻ.

    پيو “مور” لِکُ تون،
    نظم ۽ نثر ڄڻ.


    رسڻ ريت توکي نه آهي روا،

    رسڻ ريت توکي نه آهي روا،
    فڪر ۾ وئي زندگي ٿي فنا.

    حڪيمن کي ڪھڙي مرض جي خبر،
    طبيبن جي لڳندي نه دل کي دوا.

    ٻري مس برهه جي بتي يار هئي،
    وسائي ڇڏي سا به جهٽ ۾ هوا.

    گلن سان خزان جي روا کي ڏسي،
    ڪڪر اڄ اکين جا وسي ير پيا.

    ڀنل ڳل گواهي هجر جي ڏين،
    ڏسي لوڪ ويٺو سمورو لقا.

    سڄي رات ويهي گذاريم پرين،
    رُسي ننڊ آهي وئي آ صفا.

    رڳو “مور” گهيرٽ ٿا غم جا پون،
    مغيري ملي وڃ گهڙي جهٽ سوا.


    شروعات واري ملاقات ياد آ،

    شروعات واري ملاقات ياد آ،
    پرين پيار جي سا ته پرڀات ياد آ.

    لبن جو وئين جام جاني پيئاري،
    اها لار جي يار لذيات ياد آ.

    ڪلالن کي بي سنڌ نه ڪائي پوي ٿي،
    شرابي نظر جي خمارات ياد آ.

    ننڍائپ مان نڪري جواني سنڀالڻ،
    اها يار بيحد بُلوغات ياد آ.

    وسي اڄ ڪڪر پيا اسان جي اکين جا،
    سکي شام ڌاري جي برسات ياد آ.

    ڪري تو ٽُڪـَرَ دل ڇڏي هئي اسان جي،
    صنم سور واري سا سوغات ياد آ.

    ڪيو ياد اسڪول جي ڪا ڪچھري،
    مذاقن ۾ ڦاٽل ڪتابات ياد آ.

    رڳو خون جهيڙا، وڳوڙا وڌي ويا،
    اها بي اندر منجهه فڪرات ياد آ.

    پڙهي ڏس دُٻي جنگ واري ڪھاڻي،
    وڏي روپلن جي ڪمالات ياد آ.


    مٺي دل اوهانکي وساري ته ڏوهي،

    مٺي دل اوهانکي وساري ته ڏوهي،
    ٻئي در اگر جي نھاري ته ڏوهي.

    آهي ياد هر دم اوهانجي اسان وٽ،
    اوهان کان پري جي گذاري ته ڏوهي.

    لبن تي اوهانجو رڳو نانءُ آهي،
    ٻيو ڪو اسم جي اُچاري ته ڏوهي.

    اسانکي اوهانجو کپي ساٿ سائين،
    ٻئي جي لڳان جي سھاري ته ڏوهي.

    اوهان کان سوا زندگي ۾ غمي آ،
    اگر غم اوهانجو ڌڪاري ته ڏوهي.

    رڳو “مور” جي دل ۾ تون ئي رهين ٿي،
    قسم تي ٻئي کي پڪاري ته ڏوهي.


    دل وساري ڪين ٿي ان شام کي،

    دل وساري ڪين ٿي ان شام کي،
    مئڪدي ۾ مئڪشن جي جام کي.

    رنگ ڀرجي ويا گلن ۾ ها تڏهن،
    تو جڏهن گوري وڌايو گام کي.

    دنگ رهجي ويو زمانو هو تڏهن،
    تو ڪيو قتلام هو هر عام کي.

    تو سوا ڪجهه بي وڻي ٿو ڪين ڪي،
    نام ڪو تون ڏي پرين بي نام کي.

    مان فڪر ۾ آهيان ڦٽجي پيو،
    پيار سان پيالو پيارج سام کي.

    زندگي پن ڇڻ بڻائي تو ڇڏي،
    ڪر سبز جيون سندي تون لام کي.

    نير نيڻن مان وهائي “مور” ٿو،
    ڪجهه مغيري سمجهه تون بي مام کي.


    اشارا نرالا اوهانجي نظر جا،

    اشارا نرالا اوهانجي نظر جا،
    ڀڄي ٿَڪَ پون ٿا صدين جي سفر جا.

    گذاري جا گڏجي گهڙي تو اسان سان،
    پيا جرڪي منظر ها دل جي شھر جا.

    ملي ڪونه منزل ڪڏهن ڀي اسان کي،
    رڳو پيچرا ئي مليا هن قھر جا.

    نه احساس ڪوئي نه ڪو ماڻهپو آ،
    ملن ٿا جي ماڻهو لڳن ٿا پٿر جا.

    اسان دل جي ٿڌڙي هئي هير ارپي،
    مگر پو بي مليا وٽا هِن زهر جا.

    ڪٿا ڪھڙي لکبي اسانجي اندر جي،
    مقا سور ساجن سمورا حشر جا.

    اسان جي ڪکائين اميدن جي گهر ۾،
    وڃو پير پائي پيارَي پھر جا.

    مغيري انڌيرو ڪڏهن دور ٿيندو؟
    ڪڏهن پسبا لمحا صبح جي ثمر جا؟؟


    وري مند آئي، نه آئين پرين تون،

    وري مند آئي، نه آئين پرين تون،
    سرنھن جي ڦلائي، نه آئين پرين تون.

    اسان پاليون کوڙ دل ۾ اميدون،
    هيون سڀ اجائي نه آئين پرين تون.

    پيا نيڻ برسات وانگي وسن ٿا،
    ناهي ننڊ ڪائي، نه آئين پرين تون.

    جتي گڏ مِلي ۽ کِلي خوش ٿياسي،
    جتي ٿي رسائي، نه آئين پرين تون.

    پيو چنڊ کان مان پڇاڻو ڪيان ٿو،
    ملي شل وڌائي، نه آئين پرين تون.

    هٿن سان، وئين جام جيڪو پياري،
    کپي سا سوائي، نه آئين پرين تون.

    نظر سان، نظر جي نشاني ٿيڻ سان،
    کتس مان اُڪائي، نه آئين پرين تون.

    وڏا مٽَ مئي جا اسان کي پياري،
    ڪيو تو نشائي نه آئين پرين تون.

    اسان وٽ هميشه اوهان لاءِ محبت،
    رهندي اها ئي، نه آئين پرين تون.

    مغيري رڳو “مور” توتي لکي ٿو،
    غزل، گيت، وائي نه آئين پرين تون.


    سخن جو شھنشاهه آهي ڀٽائي،

    سخن جو شھنشاهه آهي ڀٽائي،
    سڄي سنڌ جو ساهه آهي ڀٽائي.

    هڻي نعرو حق جو نشانبر ٿي بيٺو،
    جدوجھد جي راهه آهي ڀٽائي.

    سبق سارو انسانيت جو ڏنائين،
    ۽ ويساهه اتساهه آهي ڀٽائي.

    بغاوت ڪيائين ٿئي ڏاڍن سان اڪثر،
    غريبن جو همراهه آهي ڀٽائي.

    رسالو سندس روشني ٿو پکيڙي،
    ۽ وديا جو درياهه آهي ڀٽائي.

    اجاگر ڪري ٻولي کي هو ويو آ،
    رکيو سنڌ سان چاهه آهي ڀٽائي.

    ملي سنڌ کي ويو عقل جو عقابر،
    اهو عيد جو ماهه آهي ڀٽائي.

    امن، ايڪي، اتحاد جو دڳ ڏنائين،
    رواداري جي راهه آهي ڀٽائي.

    ڀلا ڀاڳ ڌرتي اسانجي جا آهن،
    مليو سنڌ کي شاهه آهي ڀٽائي.

    ويو جاءِ جوڙي زماني ۾ اهڙي،
    مغيري ٻيو ناهه آهي ڀٽائي.
    (ايم فل جي ڪلاس ۾ ڀٽائيءَ جو ڏهاڙو ملهائڻ دوران پڙهيل)


    اچين ٿي ته محفل ۾ چانڊاڻ آهي،

    اچين ٿي ته محفل ۾ چانڊاڻ آهي،
    وڃين ٿي ته اکين ۾ آلاڻ آهي.

    نظر ناز سان تون جڏهن بي کڻين ٿي،
    ته موجن ۾ ايندو پو مھراڻ آهي.

    گلابن کي ڳاڙهاڻ توکان ملي آ،
    اوهانجي لبن جي سا لالاڻ آهي.

    ڳلن تي رکي وار قھري ٿي مارين،
    وڏي سينڌ تنھنجي جي واکاڻ آهي.

    ملھاري ٿئي مند مرڪين جڏهن ٿي،
    ۽ رونق سموري بي تو ساڻ آهي.

    لکن کان مٿي لوڏ تنھنجي لھي ٿي،
    جتي بي گهمين ٿي ته سرهاڻ آهي.

    جتي بي هجين شال سکيو هجين تون،
    دعا هي هميشه اوهان ڪاڻ آهي.

    ڪڏهن پيار جو ٿي پيالو پيارين،
    اها آس دل ۾ رهي هاڻ آهي.

    وڃڻ وقت لونڙو ورائي ته ڏس تون،
    هي بيٺو مغيري اوهان ڪاڻ آهي.

    (ٻه روزه ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل غزل-
    شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور )


    وري يار ٻيھر سرنھن بي ڦلاري،

    وري يار ٻيھر سرنھن بي ڦلاري،
    وري آس جاڳي نئين جوت ٻاري.

    سڄو ڏيھه ساوڪ ۽ سرهاڻ آهي،
    مٺي مند ٿي آ نھايت نياري.

    ڪَمي صرف سائنڻ اوهانجي ئي آهي،
    وڻن ڪين منظر ڦلاريل ڦلاري.

    سُرو سور جو سھڻي توريءَ ٿو کائي،
    پساهن ۾ هاڻي پڳا هون پياري.

    غمي ويھجي وئي اسانجي اڱڻ تي،
    خوشي تو گهڙي کن ڏني ڄڻ اڌاري.

    سکي اچ سياري جي موسم ملهايون،
    اوهان بن اکين مان آهي آب جاري.

    اسان ديپ راهن ۾ رت ساڻ ٻاريا،
    خزان جي هوائن وسايا خماري.

    پرين پيار جا اچ ته پوپٽ پکيڙيون،
    چپن کي ڏيون “مور” نئين سر بھاري.

    گلن ۾ مغيري گلن کي سنڀاري،
    اسان باهه دل منجهه ٻاري گذاري.


    وري ياد ٻيھر وري پوپري،

    وري ياد ٻيھر وري پوپري،
    وري جيءُ پيو آ جُهري پوپري.

    اها شام بيحد سڀاڳي هئي،
    جيڪا ڀر اوهانجي ڦري پوپري.

    کڻي نيڻ گهوري جڏهن تو ڏٺو،
    گهڙي سا ته ڀاڳن ڀري پوپري.

    مٺي مرڪ ته ڪي بھارون گهلن،
    ٿئي مند مھڪي چري پوپري.

    جڏهن کان تو وسڪي ڏني پيار جي،
    تڏهن کان ويس مان کـَري پوپري.

    هتي مان هٿن مان وڃان ٿو پيو،
    سچي تو سوا نه سري پوپري.

    مٺي مل ته مرڪن جا پوپٽ مِڙن،
    کڻي اچ خوشي جي ڀري پوپري.

    وري ساڳي برسات اڄ بي اُٺي،
    وري لڙڪ پيا هن تري پوپري.

    خزان جي پنن وانگي وکري ويس،
    صفا ڳالهه ٿي آ ڳري پوپري.

    سڙي مان ته سگريٽ وانگي ويس،
    ڳري دل وئي آ ٻَري پوپري.

    چپن سان پياري وڃو “مور” کي،
    ورنه ‘مور’ ويندو مري پوپري.


    اسانجي اميدن کي ڪچلي پياري،

    اسانجي اميدن کي ڪچلي پياري،
    ڪکن جي جهڳي منجهه تو باهه ٻاري.

    پرين پير ٽانڊن تي پئجي ويا ڄڻ،
    برهه باهه اهڙي اندر ۾ اُٿاري.

    پيو پيار جي گهاڻي ۾ پيڙجان ٿو،
    لڳا قرب جا ڪِيرَ آهن قھاري.

    کڻي نيڻ خنجر مِٺي جي ڪُٺا ٿئي،
    لھي سارَ وڃ تن شھيدن جي ساري.

    کلي حسن جي هاڻ خيرات ڏي تون،
    نه موٽاءِ پيناگ هاڻي پياري.

    اسان جيت ڪارڻ پـَتا کيڏيا ها،
    مگر پاڻ کي هٿ ملي يار هاري.

    اسانجي محبت جي محلات بي ڪا،
    مغيري اڇي ٿر جي ڄڻ “مور” واري.


    ڪيا تنھنجي ديدن جي ديدار زخمي،

    ڪيا تنھنجي ديدن جي ديدار زخمي،
    پرين مان نه هڪ، پر ٻڍا ٻار زخمي.

    وڏي هاڪ تنھنجي حسن جي هلي ٿي،
    ويو ٿي سڄو آهي سنسار زخمي.

    مُڪا سور تو سوکڙي جيڪي آهن،
    ڪيو تن جگر، دل آرؤن پار زخمي.

    ويو باغ اجڙي آهي زندگيءَ جو،
    مان هيڪار، ٻيھار، ٽيھار زخمي.

    اسان ياد جي ئي سھاري جيئون ٿا،
    هتي هر گهڙي آهي هر وار زخمي.

    نٿي شاعري هاڻ لکجي اسان کان،
    سکي سوچ سورن ۾ ويچار زخمي.

    مٺي “مور” کان ڇو بھارون کسي وئين،
    ڪري قول، واعدا ۽ اقرار زخمي.


    وري يادگيري وري پوپري،

    وري يادگيري وري پوپري،
    وري نيڻ پيا هِن تري پوپري.

    وري سُرمئي شام جي ساعتن،
    کلي بِشتَ جي ڪا دري پوپري.

    وري مرڪَ مھڪار، کيڪار جي،
    کپي ڀاڳوندي ڀري پوپري.

    وري نيڻ راهن تي آهن رکيا،
    آهي چاهه ۾ دل چري پوپري.

    وري پاڻ پڄري ۽ پڄرون پيا،
    ڳري ميڻ بڻجي، ٻري پوپري.

    اچي ڏس اسان جي تون حالت هتي،
    مان ماڻهو لڳان ٿو ٿـَري پوپري.

    مڃان ٿو اوهان جي سري ٿي مگر،
    اسانجي نه تو ريءَ سَري پوپري.

    ويو سال گذري نه آئين اڃان،
    اچي ٺھه پوان شل ٺـري پوپري.


    پرين ياد نوڪر پراڻو ته ڪر،

    پرين ياد نوڪر پراڻو ته ڪر،
    وري شاد دل جو گهراڻو ته ڪر.

    ڪري پيار ۾ جيڪو پاڳل وئين،
    اچي سو اياڻو، سياڻو ته ڪر.

    ٺھي بي رُخي ايڏي توکي نٿي،
    عرض هاڻ هڪڙو اگهاڻو ته ڪر.

    يڪو راهه ويهي تڪيان ٿو پيو،
    گهڙي کن اسان وٽ ٺڪاڻو ته ڪر.

    کسي وار ڪارا اڇا تو ڏنا،
    جواني جو هاڻي جُماڻو ته ڪر.

    ڏکن واهه جي هاڻ ويڌن ڪئي،
    اچي پاڻ تن کان پڇاڻو ته ڪر.

    مٺي “مور” تو ريءَ آ ڇورو ڇِنو،
    وري ‘مور’ ڏي اڄ وراڻو ته ڪر.


    وري يار ٻيھر وري آيو آ ڊسمبر،

    وري يار ٻيھر وري آيو آ ڊسمبر،
    وري پـَرُ جيان ڏمريو آ ڊسمبر.

    مھينا سڀيئي هيا جونُ ليڪن،
    مٽر وانگي دل کي، ڏريو آ ڊسمبر.

    پرين تو سوا ڪين پارو ٿو گذري،
    اڪيلائي ۾ ڪيو چريو آ ڊسمبر.

    گهمن جوڙ جا ٿي ۽ ڪاٿي پيا ٿا،
    گلن ساڻ بيحد ڀريو آ ڊسمبر.

    ڇُٽا ڦَٽَ پروڪا اڃان تائين ناهن،
    وري هيل ٻيھر ٻَريو آ ڊسمبر.

    رَتو رَت اميدون ۽ آسون ٿيون هِن،
    ذرو ڌيان بي نه ڌريو آ ڊسمبر.

    قتل “مور” جا خواب سارا ڪيائين،
    خبر ناهي ڇا کان گريو آ ڊسمبر.


    مسي پاڻ ٻئي کير، مصري ٿياسين،

    مسي پاڻ ٻئي کير، مصري ٿياسين،
    اچانڪ وري يار وکري وياسين.

    نظر ناظرن جي لڳي آهي اهڙي،
    اوهان کان صفا هاڻ وسري وياسين.

    جڏهن کان اوهانجي نگاهن کان نڪتس،
    تڏهن کان بھارن مان نڪري وياسين.

    اوهان ساڻ گڏجڻ مِـٺي آهي جنت،
    پري توکان دوزخ ۾ پڄري وياسين.

    سکي روشني تون اسانجي سفر جي،
    اوهان ريءَ اوندهه ۾ پگهري وياسين.

    اتر جي گهلڻ جي اجهامند آئي،
    غمي منجهه گرمي بي گذري وياسين.

    اچو “مور” مرڪون ونڊي ۽ ورهايون،
    اسين نفرتن منجهه نسري وياسين.


    چؤسٽا

    پرين توکان پري هتي، ڪين ٿا گذرن پل، ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ،

    پرين توکان پري هتي، ڪين ٿا گذرن پل، ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ،
    تو ريءَ مون وٽ ناهي رهي، خوشي ۽ ڪا کِلَ، ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ،
    “مور” اوهان کان بِنا مِٺي، مڇي جيان ڦـَٿڪي، ڄڻ تئي ۾ ٽچڪي،
    اوجاڳن ۾ اکيون آهن، ڪين ڏٺي تن گِهلَ، ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ،
    ***

    پرين تقدير منھنجي تون،
    سٺي تحرير منھنجي تون،
    سوا تنھنجي مان زيرو هان،
    سڄي تفسير منھنجي تون.

    ***

    موسم ڏاڍي ملھاري آهي،
    مينھن مغيري جاري آهي،
    گل ڦل سارا ساوا ٿي ويا،
    دلڙي پو به اڃاري آهي.
    ***

    پرين هاڻي پنھنجي پناهن ۾ رک تون،
    کڻي نيڻ نرمل نگاهن ۾ رک تون،
    ثوابن جا ڀاڪر اچي ڀر تون پياري،
    مغيري رڳو نه گناهن ۾ رک تون.
    ***

    سکي سونھن تنھنجي جي خوشبو نِرالي،
    تنھنجي مرُڪ آڻي ٿي موسم جهڙالي،
    مغيري سان ڳجهيون ته ڪر يار ڳالهيون،
    جيڪو سونھن تنھنجي جو آهي سوالي.

    ***

    ڪارين اکين واري سھڻي،
    تو سان آهي ياري سھڻي،
    اچ ته جيون گڏجي گهاريون،
    تو تي دل مون واري سھڻي.

    ***

    تنھنجي ديد ۾ ديد کپي،
    مونکي اها ئي عيد کپي،
    تنھنجي تيز ترارن ۾،
    مونکي ٿيڻ شھيد کپي.

    ***

    پرين ياد جي هت سھاري جيئون ٿا،
    تنھنجي ورد سان دل ڌتاري جيئون ٿا،
    بيابان دلڙي ڇو منھنجي بڻايئي،
    گهاڻي ۾ هتي ڄڻ گذاري جيئون ٿا.

    ***

    مٺي تنھنجو مرڪي ملڻ ياد آهي،
    وري ڏيوڍي اک سان ڏسڻ ياد آهي،
    مغيري کي تو جو ڏنو يار تحفو،
    وٺي تحفو توکان چمڻ ياد آهي.

    ***

    اکين مان لڙيا لڙڪ لارون ڪري،
    وئي دل صفا آهي، ڏارون ڪري،
    ٻھارو خوشين کي ڏيئي “مور” وئي،
    مغيريءَ جي جيون ۾ ڳارون ڪري.

    ***

    زندگي تو سان جڏهن ٻکجي وئي،
    هر خوشي تو ساڻ پو لکجي وئي،
    تو مغيريءَ ڏي ڏٺو مرڪي جڏهن،
    دل انهيءَ ويلي سکي ڪکجي وئي.

    ***
    پري مون کان پل بي تون ناهين پياري،
    اٺئي پھر دل منجهه آهين پياري،
    مغيريءَ جي من ۾ آهي ورد تنھنجو،
    متان “مور” دل تان تون لاهين پياري.

    ***

    پرين اچ ته ڪينجهر گهمون گڏ پرين،
    ڏسون سھڻا منظر گهمون گڏ پرين،
    مٿان بوند باري مغيري جهڙالو،
    آهي مند دلبر گهمون گڏ پرين.

    ***


    تنھنجو چنڊ چھرو ۽ اکيون شرابي،

    تنھنجو چنڊ چھرو ۽ اکيون شرابي،
    پرين ڳل ڳاڙها ۽ لبڙا گُلابي،
    سچي نَنھَن کان چوٽيءَ تائين سون آهين،
    تنھنجي سونھن ماڻي آ موسم شبابي.

    ***
    پرين زندگي توکي ارپي ڇڏي ٿم،
    توسان گڏ رهڻ جي خواهش وڏي ٿم،
    مٺي “مور”جي تون شاهوڪاري آهين،
    سوا تنھنجي هتڙي نه مايا، مڏي ٿم.

    ***
    منھنجي دل جي ڌڙڪن سھڻي شِينُ آهي،
    سڄيءَ سنڌ جي جا سندر سِينُ آهي،
    حڪومت مغيريءَ مٿان آهي ان جي،
    بڻي دل جي شعبي جي وئي ڊِينُ آهي.

    ***
    پرين اچ ته جيون چمن ٿي پوي،
    مِٺي مـَنُ خوشي ۾ مـَـگن ٿي پوي،
    مغيري سُڪلَ گونچ ساوا ٿين،
    پروڪو جي پورو وَچَنُ ٿي پوي.

    ***
    اچي يادگيري وئي يار اڄ،
    چيو دل ته هلجي وري پار اڄ،
    اوهانکي ڏٺي ڏينھن ڏاڍا ٿيا،
    مغيري لڳي ساهه کي سارَ اڄ.

    ***
    وري يادگيري وري يوني جي،
    ڏٺي خواب ۾ مون پري يوني جي،
    ٿڌي هير ساڳي گلابن جي رنگت،
    کُلي ڄڻ ته جنت دري يوني جي.

    ***

    پرين کارڪون بي کارائين نٿي،
    ويٺو آهيان سنبري گهرائين نٿي،
    چڙهي وڻ ويڙهي اميدن تي وئي،
    اڃان تائين نمبر ملائين نٿي.


    ***
    پرين تنھنجي پيرن جي پيزار مان،
    ڪيو سونھن تنھنجي آ بيمار مان،
    مغيريءَ کي درڪار درشن جي آهي،
    ڏسان شال سورهن ئي سينگار مان.


    ***
    سکي حسن جي تون چمن جي چنبيلي،
    ڪيڏي سونھن تو منجهه سھڻي سريلي،
    اکين منجهه مغيري ٿئي اسرار اهڙو،
    ڏسڻ ساڻ گُهوري هڻين ٿي گليلي.

    ***

    منھنجو ساهه ساجن منھنجي شاعري تون،
    منھنجي دل جي لکيل آهين ڊائري تون،
    منھنجي کل، خوشي ۽ بھارون به توسان،
    مغيريءَ جي ڪر هاڻ ڪا واهِري تون.


    ***
    پرين اچ ته ديدن جون عيدون ٿين،
    غريبن جون پوريون اميدون ٿين،
    لھي ٿَڪَ لھذي ۾ سارا وڃن هي،
    نئين سِر خوشين جون خريدون ٿين.

    ***
    هير گهلي ٿي ٿڌڙي سائين،
    وڃ تون ٺاري جندڙي سائين،
    آءُ ته جيون گڏجي گهاريون،
    جندڙي ٿي وئي ٻڍڙي سائين.

    ***

    اڄ چنڊ لٿو آهي ڌرتيءَ تي خدا ڄاڻي،
    اڄ حاجت ڪا ناهي ڌرتيءَ تي خدا ڄاڻي،
    سنسار ٿي روشن ويو، گلزار ٿي گلشن ويا،
    وئي خلق چڙهي ڦاهي، ڌرتيءَ تي خدا ڄاڻي.


    پرين وار پنھنجا ڪلهن تي پکيڙي،

    پرين وار پنھنجا ڪلهن تي پکيڙي،
    منھنجي دل صفا تو ڇڏي آ اُڊيڙي،
    مغيريءَ کي زلفن جو قيدي بڻايئي،
    ويٺو بند ۾ يادگيريون سھيڙي.

    ***

    پرين تنھنجي ديدارڪارڻ اچون ٿا،
    دکي دل گهڙي کن ته ٺارڻ اچون ٿا،
    مغيريءَ کي تنھنجي حسن جو قسم آ،
    تون ناهين ته ڄڻ پاڻ ٻارڻ اچون ٿا.

    ***

    پرين اچ ته پاڻ ۾، ايئن ملايون چَپَ،
    ڪاٺ کي جيئن لڳندا آهن نينھن ڀريا نَپَ،
    مغيريءَ جي روح سان ريجهي روحي وڃ،
    پوءِ پيئون ٻئي پيار سان، پيار ڀريا ڪپ.

    ***

    اوهانجي سونھن کي سانئڻ عبادت گاهه سمجهان ٿو،
    اکيون ٻـِئي در ڦيرائڻ واري کي گمراهه سمجهان ٿو،
    اوهان جي يار وارن جي، رهان مان ڇانوَ ۾ هر دم،
    مغيريءَ جو جسم هتڙي ۽ تو وٽ ساهه سمجهان ٿو.

    ***
    اوهان جو حسن منھنجي لاءِ عبادت گاهه هڪ آهي،
    اکين کي آ ملي ويئي اها ئي راهه هڪ آهي،
    اوهانجي تات تاري آ، زبان تي ذڪر جاري آ،
    منھنجي دل جو مٺي تو تي پڪو ويساهه هڪ آهي.

    ***

    حسن جي رياست جي والي تون آهين،
    سکي سونھن ۾ بي مثالي تون آهين،
    ڏيان توکي تشبيھه مان ڪھڙي مغيري،
    شفق ۽ گلابن جي لالي تون آهين.


    ***

    پرين تون بنا پردي ايندي نه ڪر،
    ۽ وارن کي ڇوڙي ڇڏيندي نه ڪر،
    ڪجل جي بنا به ڪُھين ٿي مغيري،
    اکين سان ايڏا گهاوَ ڏيندي نه ڪر.


    ***

    وڻي اڄ ويا تنھنجا سينگار ڏاڍا،
    ڪيا مون به دل کولي ديدار ڏاڍا،
    مغيري ڪيان تنھنجي تعريف ڪھڙي،
    اکين جون ادائون ۽ اسرار ڏاڍا.


    ***

    اوهانجي حسن جي رياست ۾ آهيان،
    مگر پو به تنھنجي نگاهن ۾ ناهيان،
    مغيريءَ کي مالهي پنھنجي باغ جو ڪر،
    رڳو سونھن تنھنجي سنڀالڻ ٿو چاهيان.


    ***

    مٺي عيد گڏجي ملهائي ته وڃ،
    ڦٽل شھر دل جو سجائي ته وڃ،
    ٿڌي هير، مرڪون، بھارون کڻي،
    نوان رنگ دل ۾ رچائي ته ڃ.


    ***

    سڄڻ تو سوا عيد ڪھڙي ڪبي،
    يتيمن جي خوشين جھڙي ڪبي،
    مغيري رڳو اوڇنگارون اسان وٽ،
    اکين ۾ هوندا لڙڪ اهڙي ڪبي.

    ***

    حسن جي رياست جي راڻي تون آهين،
    مٺي ماکي، مکڻ جي چاڻي تون آهين،
    اوهان ريءَ جيون تي ڄارو چڙهي ويو،
    سچي منھنجي قسمت ڪھاڻي تون آهين.

    ***

    جڏهن کان اوهان ساڻ اکيون ٻکيون هن،
    تڏهن کان نگاهون اُتي ئي رکيون هن،
    سُتي سونھن پنھنجي جي اهڙي پيئاريئي،
    مٺايون نه اهڙيون مغيريءَ چکيون هن.

    ***

    جواني ڇا ته جواني ٿئي، ملي سُوني نشاني ٿئي،
    خدا جي مھرباني ٿئي، ملي سُوني نشاني ٿئي،
    مغيري تو جھڙي دنيا ۾، ٿي آهي نه ڪائي ٿيندي،
    حسن بي آسماني ٿئي، ملي سُوني نشاني ٿئي.

    ***

    سکي سونھن تو ۾ سڀن کان سوائي،
    مليو مٽ نه تنھنجو ڏٺا مون گهڻا ئي،
    مغيري تو ۾ سونھن چوٽيءَ جي آهي،
    تڏهن دل خوشي سان آ توکان ڦرائي.

    ***


    تنھنجي حسن جي يار تجلي آ اهڙي،

    تنھنجي حسن جي يار تجلي آ اهڙي،
    جهٽي ٿي وٺي ڄڻ ڪا بجلي آ اهڙي،
    مغيري کي مارڻ لاءِ تو آ سينگاري،
    بلا شڪ قھاري هي ڪجلي آ اهڙي.


    ***
    برساتي بادل جيان، تون دل تي برس پرين،
    وسڪاري وانگي اچي، تون مون وٽ ترس پرين،
    مغيري جي دل ٿر جو، وئي بڻجي ڀٽ آهي،
    اچ پيار ۾ گڏجي پُسون، سرديءَ ۾ سرس پرين.

    ***

    هٿڙن تي مينديءَ گلڪاري،
    ڇو صورت “مور” تو سينگاري،
    ڏس ڪنھن جي ڪُسجڻ لاءِ ايڏي،
    آهي ڦوهه جواني ڦلاري.

    ***

    اکين ۾ رکي خنجر، نيڻن کي کڻين ٿي تون،
    سيني ۾ سِڌا سھڻي، گهورڻ سان هڻين ٿي تون،
    گفتار سان گلڙن کي، نئين رونق ٿي بخشين،
    رفتار سان مورن کي به واهه وڻين ٿي تون.

    ***

    تو ڇا ته ڪيان هن اڄ، سينگار خد اڄاڻي،
    هر ديدَ سان دل لٽيئي، دلدار خدا ڄاڻي،
    اڄ “مور” صفا سھڻي، دنيا ۾ دنگ آهين،
    اٿئي هرڻيءَ کان بي وڌ، رفتار خدا ڄاڻي.

    ***

    محبوب منھنجا سائين کلي خير حسن جو ڏي،
    رب توکي وڌائيندو، چھري جي چمن جو ڏي،
    مغيري سان نه ڪر ماڻا، ٿي سياڻي سوچ پرين،
    اچي “مور” کي مرڪي تون ڇوٽڪارو غمن جو ڏي.

    ***

    او ڌار رهڻ واري، توکي درد جي ڪھڙي خبر،
    انڪار ڪرڻ واري، توکي درد جي ڪھڙي خبر،
    اچي “مور” جي دل کي ڏس، دل ذرا ذرا ملندي،
    آزار ڏيڻ واري، توکي درد جي ڪھڙي خبر.


    ***

    دل دلبر دردن سان، تو ڦارون ڦارون ڪئي،
    انڪار جي اڌمن سان، ٿي ڏارون ڏارون وئي،
    مٺي “مور” جي منٿ مڃي، تون “مور” سان ملندي ڪر،
    ڪو دردن جو مونکي، وڃ دارو دارون ڏئي.

    ***

    محبوب منھنجو انمول آهي،
    چوطرف اهو چؤٻول آهي،
    هڻ تاڙي “مور”ته اڏري وڃي،
    دلڙيءَ جو اهڙو ڍول آهي.

    ***

    مٺي محفل اڄوڪيءَ مان، ڪمي تنھنجي کڻي موٽيس،
    اميدون ساريون اُڇلي، غمي تنھنجي کڻي موٽيس
    اوهان ريءَ “مور”ويراني ڏٺي مون باغ ساري ۾،
    مغيري نير هاريندي، نمي تنھنجي کڻي موٽيس.


    ***
    حسن تي اوهان کي وڏو ناز آهي،
    ڀلي ناز ڪر تون، تنھنجو راز آهي،
    اسين تنھنجا ٻانها، تون آقا اسان جو،
    اسان وٽ ته عاجزي ۽ نياز آهي.

    ***
    پائي ٻانھن ۾ واچ پرين، ايئن ٻانھن نه لوڏيندي ڪر،
    هل حبيب هوريان هوريان، نه دليون ڌوڏيندي ڪر،
    تون سونھن جو سج آهين، تنھنجي انگ انگ منجهه جادو،
    ڀلي “مور”سان ماڻا بي ڪر، پر پيار ته پو ڏيندي ڪر.

    ***

    تنھنجا ڏند پرين، دلبند پرين،
    تنھنجا چپڙا ڄڻ ته ڪمند پرين،
    نشا تنھنجي ڏسڻ سان اهڙا ٿيا،
    ڏسان “مور”روئي ٿو رند پرين.

    ***

    او! دل ۾ رهڻ واري، ڪجهه سوچيندي بي ڪر،
    دلين کي لٽڻ واري ڪجهه سوچيندي بي ڪر.
    ڇو تير، ترارن سان، تو “مور”کي ماري وڌو،
    بي ترس ٿيڻ واري، ڪجهه سوچيندي بي ڪر.

    ***


    بنا جرم، مجرم، ڇو معصوم ڪيو ٿئي،

    بنا جرم، مجرم، ڇو معصوم ڪيو ٿئي،
    پرين يپار کان “مور” محروم ڪيو ٿئي،
    عدالت انوکي هي تنھنجي حسن جي،
    نه شاهد، فريادي ڪو معلوم ڪيو ٿئي.

    ***
    اوهانجي حسن جي عدالت اکين تي،
    قيامت کان اڳـ۾، قيامت اکين تي،
    بڻيو دل دردن جو مانارو آهي،
    سچي سور جي هي سعادت اکين تي.

    ***
    اوهانجي شھر ۾ اسين اوپرا هون،
    سڀن جي نظر ۾ اسين اوپرا هون،
    جڏهن کان اوهان پنھنجو سايو هٽايو،
    تڏهن هن کان ئي تر ۾ اسين اوپرا هون.

    ***
    حسن تي اوهان کي جيڏو ناز آهي،
    مغيري انهيءَ جو ڪو انداز ناهي،
    توکي سونھن تي “مور”جيڏي مڳي آ،
    دنيا ۾ ٻڌو اهڙو آواز ناهي.

    ***
    تون منھنجو مقدر ۽ منھنجو ئي نصيب آهين،
    توساڻ محبت آ، تون منھنجو حبيب آهين،
    وڻ ويڙهيءَ وانگي دل، تو “مور”ڇڏي ويڙهي،
    تون جڙجي جيون ۾، اهڙي وئي عجيب آهين.

    ***
    تون منھنجو مقدر ۽ منھنجو ئي نصيب آهين،
    تون ڌار ڪٿي آهين، تون ڏاڍي قريب آهين،
    تون يادن ۾ بي گڏ، آهين خوابن منجهه بي گڏ،
    تون “مور”اکين، دل جي، دُوارن ۾ عجيب آهين.

    ***

    زندگي وئي حالتن جي ور چڙهي،
    کل، خوشي بي خيانتن جي ور چڙهي،
    “مور”جي دلڙي ويچاري اوچتو،
    چلولاين چاهتن جي ور چڙهي.

    ***

    زندگي وئي حالتن جي ورُ چڙهي،
    من مٿان بي مونجهه جي آ مـَرُ چڙهي،
    “مور”ويٺو ڏينھن جو تارا ڏسي،
    “مور”جي دلڙي غميءَ جي گهرُ چڙهي.

    ***

    زندگي وئي حالتن جي ور چڙهي،
    برهه جي بغاوتن جي ور چڙهي،
    “مور” جي معصوم ۽ مجبور دل،
    اوچتو عداوتن جي ور چڙهي.

    ***

    اوهانجي شھر ۾ پرين اوپرو مان،
    سوا تو ننڌڻڪو صفا ڇوڪرو مان،
    مغيريءَ جي واهر سگهو ڪر سياڻي،
    ڀريل درد جو هان بڻيو ٽوڪرو مان.

    ***
    پرين پيار تو ساڻ منھنجو پَڪو آ،
    انهيءَ منجهه تفاوت نه ڪوئي ٽَڪو آ،
    کٽي مون کان بازيون سڀئي وئي آن،
    مغيري جون تريون، تنھنجو هر ڇَڪو آ.

    ***
    پرين منھنجي ساري سڃاڻپ تون آهين،
    شعوري منھنجي سوچ، سياڻپ تون آهين،
    سوا تنھنجي بيمار بيڪار، آهيان،
    منھنجي هيءَ جواني، ڪُراڙپ تون آهين.

    ***

    حضرت حسين سائين حق جو امام آهي،
    دنيا سڄي جو جنھن کي هر دم سلام آهي،
    ناني جي دين خاطر قرباني ڪيڏي ڏيئي،
    نيزي مٿان پڙهيو جنھن رب جو ڪلام آهي.

    ***

    واهجو ڪربل منجهه هنيو آ، بھادريءَ جو نعرو حسين،
    حق جو هوڪو بلند ڪرڻ لاءِ، لشڪر ۾ وڌو مارو حسين،
    زنده آهي، زنده رهندو، حسين هر دم زنده رهندو،
    مغيري شانِ حسين نيارو، يزيد جو منھن ڪارو، حسين.

    ***


    سـَرَ به ڄاڻ پيا هن نِسري،

    سـَرَ به ڄاڻ پيا هن نِسري،
    توکان ڇا لاءِ ويا هون وسري،
    “مور”اميدون واري ڇڏيئي،
    نير مغيري پيا هن نڪري.

    ***
    پرين تنھنجي پناهن ۾ رهڻ جي ڏاڍي خواهش ٿم،
    انهن نرمل نگاهن ۾ هجڻ جي ڏاڍي خواهش ٿم،
    مغيري کي ستائڻ واري سازش کي ڇڏي ڏي تون،
    اوهان جي يار ٻانهن ۾ اچڻ جي يار خواهشم ٿم.

    ***
    حسين جو غم شديد آهي،
    حسين اهڙو شھيد آهي،
    حسين آهي عظيم اعلى،
    مري ختم ٿيو يزيد آهي.

    ***
    حسين جو غم شديد آهي،
    روز اهو غم جديد آهي،
    حسين ميدان ويو ملھائي،
    يزيد بڻيو يزيد آهي.

    ***
    منھنجي دل جي تون باغات پرين،
    ۽ منھنجي تون ڪائنات پرين،
    توکي ناهي مناسب ڊاهي ڇڏڻ،
    منھنجي اميد جي محلات پرين.


    ***
    منھنجي دل تنھنجي محلات آهي،
    تنھن منجهه نه ٻي ڪائي ذات آهي،
    اچي محل مٺي آباد تون ڪر،
    وڏي محل تي ٿي محنات آهي.


    ***
    پرين اچ پُسون پاڻ برسات ۾،
    ڪيون پيار ٻئي هاڻ برسات ۾،
    مغيري سڄي رات ويٺي ڪٽي،
    رڳو “مور”تو ڪاڻ برسات ۾.


    ***
    ڏٺي ڏينھن تو ڪاڻ ڪيڏا ٿيا هن،
    ڪشالا ملڻ لاءِ بي، ڏاڍا ڪيا هن،
    نٿي ڪارگر ڪائي ڪوشش مغيري،
    هتي ڊڀ دلڙي تي نسري ويا هن.


    ***
    ساريون ڪانهه ۽ نسري ويا سـَرَ،
    اڃان بي ڪئي تو ايڏي آهي ڍر،
    هير ٿڌي بي گهُلي پئي ٿي،
    هاڻي ته “مور”ڏي واپس تون ور.

    ***
    هير گُهلي ٿي ٿڌڙي سائين،
    ٺاري وڃ تون جندڙي سائين،
    مند ملڻ جي واهجي آهي،
    بيحد “مور”هي ڀلڙي سائين.

    ***
    پرين منھنجي تون مجبوري آهين،
    منھنجي دل جي خواهش سموري آهين،
    هوا، باهه، پاڻي جيئن ماڻهوءَ کي گهرجي،
    مغيري منھنجي لاءِ ضروري آهين.

    ***
    هوا، باهه، پاڻي جيئن آهي ضروري،
    کپي پيار جي ايئن، اسان کي کٿوري،
    مغيري اوهان ريءَ جيئڻ آهي مشڪل،
    پساهن ۾ پنھنجي ٿيندي هاڻ پوري.


    ***
    چپ جي ڪنڊ چَڪي، مونڏي مرڪي تڪي، دل کسي تو وتي،
    ساهه ٿڌڙا ڀري، “مور”بيٺو تڪي، دل کسي تو وتي،
    سونھن سينگار سان، مرڪ مھڪار ۽ دل جي اسرار سان،
    پير پائڻ ڪڏهن اچ مغيري پڪي، دل کسي تو وتي.


    ***
    جڏهن کان اوهان جو ٿيس مان نشانو،
    تڏهن کان اکين ۾ تنھنجو آستانو،
    اٺئي پھر تسبي اوهانجي ٿو سوريان،
    ملي ويو مغيري حُسن جو خزانو.


    ***
    پرين دل جي جاگير ويران ٿي وئي،
    خوابن جي تعبير حيران ٿي وئي،
    مغيري جتي گل هيون گلزاريون،
    اها ڌرتي اڄ آهي سنسان ٿي وئي.


    ***
    زماني جي گردش جي گهيري ۾ آهيون،
    اسان کوهه منجهه يا انڌيري ۾ آهيون،
    نه ڪا لاٽ آهي نه ڪائي واٽ آهي،
    مگر پيار جي پوءِ به پيري ۾ آهيون.

    ***

    مٺي منھنجي اکين جي خانگاهه آهين،
    منھنجي دل جي درشن جي بارگاهه آهين،
    مغيري جي جيون جي تون روشني آن،
    منھنجي واهه تون، چاهه ۽ ساهه آهين.

    ***


    پرين چنڊ، تارا گواهي به ڏيندا،

    پرين چنڊ، تارا گواهي به ڏيندا،
    سڀيئي نظارا گواهي به ڏيندا،
    اَٺئي پھر تنھنجي آهي يادگيري،
    ٻنيون سارا ٻارا گواهي به ڏيندا.

    ***
    صبح جھڙي سيبتي، صبح وارو سوال ٿئي،
    پيار مونکي ٿو کپي، پيار جو هت ڪال ٿئي،
    پيار جي اچي پوکَ ڪر، تون پياري پيار سان،
    پيار ريءَ وئي زندگي، پوپري پلال ٿئي.

    ***
    ڏنئي پيار جي واهه جي موٽ اڄ،
    ملي توکان چوٽيءَ واري چوٽ اڄ،
    توکي “مور”دل جون بھارون ڏنيون،
    مگر تو ته دل منجهه ڪيا ڦوٽ اڄ.

    ***
    پرين اچ برهه جي کائون بُسري هاڻي،
    مکڻ، ماکي ۽ پيار جي مصري هاڻي،
    مغيري ويون جا بجا ٿي بھارون،
    ويا سنگ سارا آهن نسري هاڻي.

    ***
    پرين منھنجي بھتر تون تقدير آهين،
    منھنجي روحي راحت جي تصوير آهين،
    مغيري متاثر توکان ئي ٿيو آهي،
    مون لاءِ شاهه، سچل ۽ ڪبير آهين.

    ***
    ڏيئي دلڙيءَ کي دردن جو لوڙهو يار ڇڏيئي،
    ڇو “مور”جي جيون کي ڪري ڳوڙهو يار ڇڏيئي،
    تون منھنجي جواني جو سورج آهين سھڻي،
    کسي کل، خوشيون مون کان ڪري پوڙهو يار ڇڏيئي.

    ***
    اڄ مِلي وئي اوپري، خيرپور جي پوپري،
    ڇا ته آهي ڇوڪري، خيرپور جي پوپري،
    نيڻَ نيڻن سان مِلائي، دل اُمالڪ وئي کڻي،
    ياد جي ڏئي نوڪري، خيرپور جي پوپري.

    ***
    جڏهن کان رکي توسان ياري پرين،
    تڏهن کان تنھنجو هان خماري پرين،
    رڳو تنھنجي يادن سان کيڏان پيو،
    ويو “مور”ڄڻ ٿي جوئاري پرين.

    ***
    پرين منھنجي من ۾ غـَمي ويھجي وئي،
    غمي بي اچي ڄڻ ڄـَمي ويھجي وئي،
    رڳو“مور”جهولا گُھلن جونِ جا ٿا،
    اسان وٽ اوهان جي ڪـَمي ويھجي وئي.

    ***
    سکي تنھنجي صورت صفا سونُ آهي،
    ڪيو تو اکين سان منھنجو خونُ آهي،
    ٿڌي هيرَ تنھنجي ئي ڀر ۾ بھارون،
    باقي “مور”مون لاءِ جڳ جونُ آهي.

    ***
    اکين ۾ کڻي ڳوڙها، توڪاڻ پرين پھتس،
    ٿيا خواب اجهو پوڙها، توڪاڻ پرين پھتس،
    تون روح جي راحت ۽ صحت، فرحت آهين،
    ڏي “مور”نه تون لوڙها، توڪاڻ پرين پھتس.

    ***
    مغيريءَ سان توکي دوري، واجب ناهي پياري،
    مغيريءَ ڏي اچڻ جي ڪر، سھڻي سگهو تياري،
    مغيريءَ جون ديدون تنھنجي دڳن منجهه آهن،
    مغيريءَ جي جيءَ جُهڳي ۾ تو ئي جاءِ وِلاري.


    ***
    سج لٿي جي سج جي، تون آهين سونھن سڄڻ،
    تنھنجي ڪھڙي تعريف ڪيان؟ تون ماکي ۽ مکڻ،
    سکي تنھنجي سونھن جي ٿي هر جاءِ آهي هو هوا،
    مغيري تو لاءِ تڪي ٿو، اولهه، اوڀر، اتر ۽ ڏکڻ.


    ***
    سج لٿي جي سِج جي تون آهين سونھن سڄي،
    چنڊ بي تنھنجي آڏو ايندي، ٿيندو آهي لڄي،
    مغيريءَ کي موهي، ڳوهي، مست ملنگ ڪيئي،
    “مور”جي من ۾ نينھن نشي جي گهنٽي وئي وڃ.

    ***
    اتر پيو ٿو گهڻو گُهلي، مٿان وري آهي وِلهه پرين،
    سورن مون سان اهڙي ڪئي، جيئن ڪندو آ سِلهه پرين،
    “مور”منھنجي تون منٿ مڃي، پاري ۾ اچ پيار ڪيون،
    اکيون، اکين ساڻ جيئن، بڻجي وڃن ٻِلهه پرين.


    ***
    سھڻي تنھنجي سورن جو لڳو ساهه کي سُرو،
    حال اسان جو هجر منجهه ٿي بيحد ويو بُرو،
    مغيري کان منٽن منجهه خوشين سڀ کسي،
    وڇوڙي جو وري هنيئي، جگر منجهه ڇُرو.


    ***
    دلبر تو ڇو دردن جو آهي مُڪو مون ڏي ڌڻ،
    دلڙي سان تن اهڙي ڪئي، جيئن واڍو وڍي وڻ،
    جدائي ۾ “مور”جگر، جيرا بي هتي جلي ويا،
    مغيريءَ سان ماڻا ڇڏي، مغيريءَ جو بڻ.

    ***


    ڪاري وڳي جي پائڻ واري،

    ڪاري وڳي جي پائڻ واري،
    توسان منھنجي آهي ياري،
    “مور”جي دلڙي تو ڇو ڏاري،
    آهي بڻائي گدري ڦاري.


    ***
    پرين اچ تون انڌاري ۾،
    ڪيون پيار ٻئي پاري ۾،
    ويھي “مور”سيڪيون هٿـڙا،
    سھڻي سيءَ سياري ۾.


    ***
    راڻي روح رنجائڻ واري،
    مرڪن جي ڪا موڪل لاري،
    “مور”جي دلڙي تو ڇو ڏاري،
    آهي بڻائي گدري ڦاري.


    ***
    ڇڏي ڪاوڙ ڇوڪري، تون کلي اکيون کڻ،
    مٺي مونکي محبت جا ڏي، مرڪي اچي مَڻ،
    مغيريءَ کي پيار سان، پيار ڏي تون پوپري،
    غمن وارا “مور”سارا وڍجي وڃن وَڻ.


    ***
    جڏهن کان پرين توکان وسري وياسين،
    زماني جي نظرن کان نڪري وياسين،
    لڳي وئي اُلي ڄڻ اميدن کي آهي،
    خزان جي پنن وانگي وکري وياسين.


    ***
    جڏهن کان پرين توکان وسري وياسين،
    تڏهن کان ننڌڻڪا صفا ڄڻ ٿياسين،
    مغيري اميدون اُڏي ويون اسانجون،
    پريشانين جي چڪر منجهه پياسين.


    ***
    ڪُٺو تو اکين ساڻ اهڙو پرين،
    ڪڪڙ کي ڏيڻ سِيرَ جھڙو پرين،
    سڄي رات تـڙپان لڇان “مور”ٿو،
    ڏيان حال سورن جو ڪھڙو پرين.


    ***
    ڇا ته آهي خيرپور، واهه آهي خيرپور،
    دل جي ڌڙڪن ۽ اسانجو ساهه آهي خيرپور،
    ناز نخرا ۽ نِھارون، جا ٿي جنت جون بھارون،
    سونھن ۾ ڄڻ سنڌڙيءَ جو شاهه آهي خيرپور.

    ***
    سنڌي شعبي وارا سائين،
    اسڪالر هي سارا سائين،
    استادن جي ڳالهه ڪيان ڇا؟
    اکين جا جي تارا سائين.

    (ايم فِل (سنڌي) شعبي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور - پاران تاريخ 21- ڊسمبر 2017ع ڪرايل پروگرام ۾ پڙهيل شعر).

    ***

    محبوب ادائن سان، محبوب وڻين ٿي تون،
    سينگار وري سھڻي، سورهن ئي ڪرين ٿي تون،
    سرتاج حسن جي تون رياست جي سچي آهين،
    گفتار ۾ ڪوئل کي بي ماري وجهين ٿي تون.


    ***
    وارن جي چڳن سان اڄ، سينگار سنواريا ٿئي،
    رخسار تي پھري لاءِ، واسينگ ويھاريا ٿئي،
    تو جھڙي جنت ۾ بي، ڪا ئي حُور، پري ناهي،
    کِلي نيڻ نه کڻندي ڪر، سوين سينا ڏاريا ٿئي.


    ***
    تو نيڻ ڪٺا هن نيڻن سان، نيڻن جو تدارڪ ڪير ڪندو،
    ڪيون ڳوڙهن ڳلن مٿان ڳارون، گلڙن جو تدارڪ ڪير ڪندو،
    مون “مور”اميدن جا پوکيا، ڪيئي دل جي باغ ۾ گل آهن،
    جي دل جو باغ اجاڙيندينءَ، گلڙن جو تدارڪ ڪير ڪندو.


    ***


    پـرين تنھنجي اکين جا اسرار زاري،

    پـرين تنھنجي اکين جا اسرار زاري،
    انهيءَ بي رُخيءَ وارا ديدار زاري،
    مغيريءَ جو جيون جھنم بڻايئي،
    تنھنجا “مور”انڪار آزار زاري.

    ***
    سَکي سال کانپو ته ٺھه “مور”سان،
    اچي عيد تي رات رهه “مور”سان،
    بنا ديد جي عيد ڪھڙي ڪبي،
    پھر پيار ڀريو ڪو وهه مور سان.


    ***
    تو ريءَ سھڻي ساريون عيدون،
    گذري ويون ڄڻ ڌاريون عيدون،
    “مور”اکين مان ڳوڙها ڳاڙي،
    تنھا تنھا گهاريون عيدون.

    ***
    پرين ڇا لاءِ مرڪن تي ٽانڊا رکيا ٿئي،
    سکي سمجهَه، سوچن تي ٽانڊا رکيا ٿئي،
    مغيري منھنجي پيار جو ساڙي پير،
    امنگن، اميدن تي ٽانڊا رکيا ٿئي.


    ***
    سرنھن جي پيلي ڦلار جھڙي، بھار ۾ اچ بھار جھڙي،
    نھار تنھنجي خمار جھڙي، مٺي تون ماکيءَ لار جھڙي،
    چنبيلي، موتيو، گلاب، بلبل، ڪوئل، ڪونج ۽ عقاب جھڙي،
    پرين هلي آ، پرين هلي آ، پرين پروڪي پيار جھڙي.


    ***
    پرين پنھنجي دلڙي کي ٻاري جيئون ٿا،
    تنھنجي درد سان دل ڌتاري جيئون ٿا،
    مغيري پيا درد جا دونھان نڪرن،
    ايئن “مور”اندر اُٻاري جيئون ٿا.

    ***

    ڇو ذلف جي قيد جا ڪيرَ هنيئي، ڪيرَن جو تدارڪ هاڻي ڪر،
    وري جيري کي جي جهيرَ ڏنئي، جهيرَن جو تدارڪ هاڻي ڪر،
    ڇو اکين سان منھنجي اکين جي، تو ننڊ کسي زورو آهي،
    پيا “مور”نيڻن مان نيرَ وهَن، نيڻن جو تدارڪ هاڻي ڪر.


    ***
    پِرين حُسن تنھنجي جي تَجلي آ اهڙي،
    جَهٽي ٿي وٺي ڄڻ ڪا بجلي آ اهڙي،
    مغيريءَ کي مارڻ لاءِ تو آ سينگاري،
    بِلاشڪ قھاري هي ڪجلي آ اهڙي.


    ***
    پرين تون پَري يا ڪا حُور آهين،
    مِٺي منھنجي اکين جو نُور آهين،
    سوا هار سينگار جي بي تون سھڻي،
    مغيري سڄي ملڪ منجهه “مور”آهين.


    ***
    وڏيرا اچي سنڌ ساري گهمي وڃ،
    سڪل ٿر سمورو ۽ ڪاڇو ڏسي وڃ،
    اتر لاڙ ۾ به نه پاڻي سُجهي ٿو،
    وڏيرا هاڻي تون به ضد کان لھي وڃ.


    ***
    ساهه ۾ سور ويا چنبڙي ايئن،
    ماناري منجهه مکيون جيئن،
    سورن ڪار ڪئي اهڙي آهي،
    مُڃ به “مور”نه ڪُٽبو هيئن.

    ***
    قلم جنهين جي هٿ ۾، سي ئي سڀ ڪجهه ڪن،
    راضي رهن جن مٿان، تنھن کي ليڪ ڏين،
    ڪاوڙجي ڪنھن کي، هيٺ ڪيرائي ڇڏين،
    الله تون انهن، استادن کي آباد ڪر.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 822
    ڪتابن جو مشاهدو: 1874901
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 508869
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ