جديد حسناڪيت وارو شاعر: مور مغيري
Over flow of powerful feedings, emotions recollected in tranquility.
طاقتور احساسن،جذبن جي اُٿل پٿل واري پُر سڪون ڪيفيت کي شاعري ئي چئجي ٿو. جڏهن ته شاعرن بابت شيلي چوي ٿو ته:
Poets are unacknowledged legislators of the world.
ورڊس ورٿ ۽ شيلي سان اتفاق ڪندي، مان سمجهان ٿو ته، شاعري خوبصورتي ۽ حسن کي لفظن ذريعي تخليقيت جو ويس پارائي، اڃان به وڌيڪ سهڻو ۽ حسين ڪري ٿي ڇڏي. شين کي سمـجهڻ، انھن کي نئين رنگ ۽ جدت سان پيش ڪرڻ جو خاص ۽ منفرد ڏانءُ شاعر کان وڌ ڪنھن وٽ ٿي سگهي ٿو. اهو شاعر جيڪو تنهائيءَ کي به سهڻو ڪري، پيش ٿو ڪري، ته ميلي ۾ هوندي، تنها رهڻ جي رنگ کي الڳ نموني سان بيان ڪري، دلين جي ترجماني ٿو ڪري.
توڙي جو شيون اسان جون اڳ ۾ ڏٺل هجن ها، پر شاعري، موسيقي ۽ مصوري انھن شين کي پنھنجي اک سان ڏسڻ جي ۽ سمجهڻ جي قوت ڏيندڙ فطري ڏات آهن. تڏهن ئي چيو ويندو آهي، ته شاعري الهام وانگر آهي. مون ورڊس ورٿ ۽ شيلي کان پنھنجي ڳالهه جي شروعات تڏهن ڪئي، جو منھنجي سامهون سانوري شاعر مور مغيريءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” پيل آهي. جنھن کي پڙهڻ سان محسوس پيو ٿئي ته، مور ڪيئن نه حسن کي، محبوب کي، محبوب جي هر ادا جي خوبصورتين کي وڏي شَد مَد ۽ جدت سان وڌيڪ نکاريو ۽ بيان ڪيو آهي. هو چوي پيو:
”نيڻ برسات وانگي وسن ڍوليا،
راھ تنھنجي پيا ٿا ڏسن ڍوليا.
ڪين فتنا، وڳوڙ ۽ جهيڙا هجن،
پاڻ کي هاڻ گهرجي امن ڍوليا.
ڪاش رونق وري ساڳي موٽي اچي،
شال اوطاقون ٻيهر مچن ڍوليا.“
مون مور مغيريءَ جي هن غزل جي هر بند کي وَر وَر ڏيئي، پڙهيو پئي، ته مونکي محسوس ٿي رهيو هو، ته سنڌ جو هي سهڻو ڪوي، وقت جي هانءَ ۾ لهي پنھنجو پاڻ سان گڏ، ڄڻ ته جڳ سان گفتگو ڪري رهيو هجي. هُن جو ڍوليو، هُن جو ته هجي ڄڻ ـــ هُن جو ڍوليو کير آ، مکڻ آ، امن آ، پيار آ ۽ وطن آ. جنھن کي هو نئين سر دريافت ڪرڻ ۽ ڳولي لهڻ جي جستجو ڪندي، چنڊ سان، ستارن سان، رات جو پهرين توڙي پوئين پل سان گفتگو ۾ مهو آهي. هونئن به شاعري داخليت کان خارجيت ڏانھن سفر ڪري، وقت جي زبان ٿي، جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪري ٿي، تڏهن اها قومن جي سفير وارو اهو ڪم ڪري ٿي، جنھن بابت ئي شيلي چيو ته: ”شاعـر هن دنيا جا اڻ اعلانيل قانوندان هوندا آهن.“
موسم جي تبديلي عام ماڻهوءَ تي ڪيترو اثر ڪري ٿو، اهو ڪنھن کان ڳجهو يا لڪل ناهي، پر موسم شاعر جي مزاج، روين ۽ ڪيفيتن کي ڪيئن ٿو تبديل ڪري، اهو شاعر کان وڌيڪ ڪير ٿو سمجهي سگهي. مان طب جو شاگرد آهيان مونکي خبر آهي، ته سخت سيءُ هجي يا شديد گرمي. دوائن جو اثر سرديءَ ۽ گرميءَ مطابق (Temperature) سان سڌو سنئون واسطو رکي ٿو، ته پوءِ آرٽ ڇاٿي چوي؟ اهو سوال هاڻي سوال ناهي رهيو، جي ايئن هجي هان ته شاعر شام جي پهر يا رات جي پوئين پل کي، شاعراڻي سڪ ۽ دل جي ڇڪ سان مماثلت نه ڏيارن هان. مختلف راڳڻيون مختلف وقتن سان جڙيل نه هجن هان. راڻي کي پوئين پهر ۾ ڳائڻ بدران منجهند جو ڳايو وڃي هان. انڪري موسم جي تبديلي ۽ دل جي ڪيفيت ۽ شاعر جو پاڻ ۾ وڏو ڳانڍاپو آهي. پوءِ اهو شاعر تي آهي ته هن جي دل ڇا ٿي محسوس ڪري ۽ ان تي ڪهڙي وقت ۾ ڪهڙي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. مون مور جو هڪ غزل پئي پڙهيو، جنھن ۾ هن موسم جي رنگن کي، شاعريءَ جي زبان سان ڪيڏو نه حسين ڪري پيش ڪيو آهي. مور جي اها پيشڪش دل جي تارن کي ڇُهي، سندس تخليقيت جي جهان کي ۽ سندس اظهارپ جي ڏانءَ کي، هڪ وڏي معنى ڏئي، ان چوڻ تي مجبور ٿي ڪري ته، مور وٽ ڏات، ڏانءُ ۽ پيشڪش جو هڪ منفرد سليقو آهي، جيڪو کيس اعلى مقام ڏانھن وٺي وڃڻ جو ذريعو ثابت ٿي رهيو آهي. هو چوي پيو:
ڦلاري آ موسم اڃان تون نه آئين.
ملهاري آ موسم اڃان تون نه آئين.
گلن ۾ رنگيني سموري سمائي،
نکاري آ موسم اڃان تون نه آئين.
وري مئڪدي جا اچي کول در تون،
خماري آ موسم اڃان تون نه آئين.
وري ”مور“ پيئڻ مغيري گهري ٿو،
پياري آ موسم اڃان تون نه آئين.
سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت رنگ، احساسن، جذبن ۽ اُڌمن جي جديد حسناڪيت جهڙو شاعر مور مغيري هر شاعر جيان داخلي توڙي خارجي دردَ سان ٽمٽار شاعري ڪندي، ڪنھن به جاءِ تي ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان پيچ ٽوڙيندي نظر نٿو اچي، بلڪ سندس شاعريءَ ۾ وطن جي سڪ، ان سان پيار، ماڻهو ۽ ماڻهپي سان لڳاءُ، ٻوليءَ جي بقا ۽ واڌ ويجهه ۾ شاعريءَ سان گڏ، مان سندس عملي ڪردار جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. جڏهن جو ٻوليءَ بابت جدوجهد جي هر سڏ ۾ سڏ ڏئي، ٻولي مشاعرن توڙي مظاهرن ۾ نعرا به هڻندي نظر ايندورهيو آهي. ۽ ٻوليءَ بابت خوبصورت شاعري پڙهندي، پنھنجي هجڻ جو ڀرپور احساس ڏياريندو. مور جو هڪ شعر آهي ته:
سنڌي ٻولي نياري آهي.
مڙني کان موچاري آهي.
جيجل جهولي واري ٻولي،
ٻهڳڻ ۽ ٻاجهاري آهي.
سر، ڌڙ، گهر، ذر گهوري ڇڏبو،
ساھ کان وڌ هي پياري آهي.
۽ ها سچ به آهي ته ماءُ ٻوليءَ لاءِ قرباني جو جذبو ڏيندڙ هي شاعر عمل پسند جيئرو جاڳندو ڪردار آهي. جيڪو ڳالهين جو ڳهير هجڻ بدران، ٻوليءَ جي بقا واري جدوجھد جو هڪ سهڻو رُڪن رهيو آهي. دعا آهي ته هو پاڻ پڏائڻ وارن ماڻهن کان پاڻ بچائي، اڳتي نڪري اچي، ان جاءَ تي جتي محبت ونڊڻ کانسواءِ ٻي ڳالهه نه هجي.
پيار مان
[b]ڊاڪٽر مشتاق ڦُل
[/b]فيض جو گهر، ڪُنب (خيرپور ميرس)