مور مغيري احساسن ڀريو شاعر
شاعر ته سماج لاءِ خير خواه ۽ آئيڊيل سوچ رکندو آهي ۽ معاشري ۾ امن اَمان، ميٺ محبت، پيار پريت ۽ الفت ايڪو چاهيندو آهي. يقينن مور مغيري پنھنجي فهم، فڪر ۽ فن وسيلي خيالن، سوچن ۽ جذبن کي، پنھنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان جرڪائيندو رهي ٿو. شاعر وٽ شاعريءَ جو پھريون ڏاڪو “پيار” ٿئي ٿو. ان لاءِ ڌرتي ۽ سرتيءَ کي مَحور بڻائيندو آهي. مور مغيري پڻ اهڙي سوچ کي اوليت ڏئي ٿو. سنڌ هن جي محبت جو مرڪز آهي، تنھنڪري شاعريءَ وسيلي محبت کي پنھنجي احساسن جو رنگ ڏئي، معاشري جي سَنوار ڪندو رهيو آهي. مور مغيريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” سندس سُندر سوچ جو مظهر آهي. سڀني صنفن تي دسترس رکندڙ هن شاعر جي احساسن کي هن ڪتاب ۾ پَسي سگهجي ٿو. سندس سوچ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جا پَوتر ۽ سنڌ جي مقدس مٽيءَ سان سلهاڙيل آهي. ڌرتيءَ جي اهنجن ۽ ايذائن جو چڱو خاصو اڀياس رکندڙ هي نوجوان شاعر ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر کي سنڌ جي سُورن واري تناظر ۾ ڏسي ٿو:
ختم ٿي ويو آهي احساس اڄڪلهه،
۽ انسانيت جي پڄاڻي ڏڪي ٿي.
مري پيءُ، پٽ جي هٿان اڄ وڃي ٿو،
ڪُٺل ماءُ ۽ ڪٿ نياڻي ڏڪي ٿي.
ڪهاڙي هٿن ۾ ڪلاشن ڪلهي تي،
رڳو اڄ ته رت جي رهاڻي ڏڪي ٿي.
لڳن روز ڌاڙا اسانجي حقن کي،
پئي يار سنڌو سياڻي ڏڪي ٿي.
مور مغيريءَ جي هنن احساسن کي سمجهي سگهجي ٿو. هيءَ ته سندس سوچن جي هڪ ننڍڙي جهلڪ آهي. هونئن به امن ۽ آشتي، محبت ۽ محنت، عشق ۽ پيار، سک ۽ سلامتي، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، غربت ۽ بربريت سان گڏ سُونھن سُندرتا، سماج ۽ سياست جھڙن موضوعن تي پڻ قلم هلائڻ جو قائل آهي. مور مغيري نه صرف شاعر آهي، پر سٺو نثر نويس به آهي. ڪهاڻي، ڪالم، تبصرو ۽ تحقيق ۾ طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو، پر شاعري هن سڃاڻپ جو مضبوط حوالو آهي. سندس هي شعري مجموعو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم جاءِ ولاريندو ۽ اهل ذوق وٽ پڻ مانائتو ثابت ٿيندو. اسانجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آهن.
[b]امام راشدي
[/b](پير جو ڳوٺ- نئون ديرو)