مهاڳ
پوءِ جڏهن منٿون ڪري هوءَ ان سورائتي شخص کي پنھنجي سورن جي رنگ ۾ ريٽو ڪري سيخن ماههُ پچائي، سِڪَڻُ سيکاريندي آهي، لفظن جا لُنگ ٻڌائي، ڇيريون پارائي، جهومائي، رقص ڪرائيندي آهي، ته اهو پنھنجي سڃاڻپ ڪنھن باڪمال شاعر طور ڪرائڻ لڳندو آهي ۽ پنھنجي دل جي ڌرتيءَ ۽ سوچ جي آسمان وچ ۾ گهلندڙ هوائن ۾ پنھنجو پر سوز آواز آلاپ جي روپ ۾ شامل ڪري ٻين ڏکويلن جي دلين جي دانھن بڻجڻ جو اعزاز به حاصل ڪندو آهي، ته شاعريءَ جي تاريخ جو به اڻٽٽ باب بڻجي پوندو آهي.
نوجوان شاعر مور مغيريءَ جي شاعريءَ جي ڪتاب جو مطالعو ڪندي احساس ٿيو، ته هو به انھن ئي فطري شاعرن جي قافلي جو ساٿاري آهي. جيڪو اندر جي ڪائناتي ڏک جي پرتوي کي، پرينءَ جي ڏک سان رلائي، مسلسل واڄا ڪري، اهڙي شاعري سرجي رهيو آهي، جيڪا صدين جي سفر جو تسلسل ٿيندي آهي ۽ جنھن کي “پئي پراڻي نه ٿيڻ جهڙي” يا “ڪلاسڪ” شاعريءَ جو درجو ڏئي، ياد رکڻ فرض سمجهيو ويندو آهي.
“ڳوڙها ڳوڙها ڳل” نالي واري مور مغيريءَ جي هن پهرين شاعريءَ جي مجموعي جي پهرين غزل جي هنن سٽن تي نظر پوڻ سان هو پنھنجي شاعر هئڻ جو تعارف خوب ڪرائي ٿو. ماڻهو بيهي رهي ٿو. سوچيندو رهي ٿو ۽ پاڻمرادو پاڻ ۾ اهي سٽون دهرائي ڄڻ ته ڪو خزانو، املهه وَٿُ هٿ اچڻ جو اعلان ڪري ٿو:
پٿرن توتي ڪلما پڙهيا،
چنڊ فدا ٿيو ڌار او سائين.
ساڳئي غزل جي آخري بند ۾ هن جي شاعراڻي سادگي ڪيڏي نه گھري عميق کي پڙهندڙ جي اڳيان کڻي آڻي ٿي بيهاري:
“مور” اوهانجي آسري آهي،
مور جو ٻيڙو تار او سائين.
ٻن ڪنارن وچ ۾ درياهه جي وهڪري وانگر شاعري به ڪڏهن ڌيمي ۽ “هورڙيان هلڻ” ته ڪڏهن “پر شور” ۽ “تيز هلڻ” جا منظر پئي مٽيندي آهي. مور مغيريءَ جي شاعريءَ جون به ڪيئي تصويرون ان ڪسوٽيءَ تي لهنديون نظر اچن ٿيون. هو ڪيفيتن جي اظهار کي هڪ جھڙو نٿو بڻائي. درد هن وٽ ڌار ڌار صورتون وٺي ظاهر ٿين ٿا. جيڪي ڪڏهن پرين پيارن ۽ محبوب ماڻهن جا هجن ٿا، ته ڪڏهن ديس ۽ ڌرتيءَ جا.
وئي دونهاٽجي ڌرتي، چمن ساڙي خزان ڇڏيو،
خوشي آهي پئي ٿاڻي، اوهانجي در تي آيا هون.
وزن بحر جي پورائي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها لڳاءَ سبب مور مغيريءَ جي شاعريءَ ۾ جنھن سليقي سان لفظ لڙهيءَ ۾ پوئيل لڳن ٿا، ان ئي نموني تجنيس حرفيءَ جي سونھن به جا بجا پکڙيل محسوس ٿئي ٿي. گڏوگڏ خيالن کي پنھنجي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ انھن ۾ روانيءَ واري خوبيءَ کي برقرار رکڻ ۾ به هن جون صلاحيتون پنھنجو مَٽُ پاڻ ئي آهن. ڏسو ته سهي:
دري کولي هوائن ۾، وکيري وار مکڙي تي،
وري مرڪي تڪڻ تنھنجو، وڻي ڏاڍو ويو جاني.
شاعراڻي ترنگَ ۾ اچي مور مغيري هڪ غزل جي بند ۾ بي خوديءَ جي اهڙي عالم ۾ به پهچي ٿو، جتي پنھنجي ئي سرجيل غزلن، گيتن ۽ دوهن کي عجيب غير روايتي اظهار ۾ محبوب جا اسم ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو:
غزل، گيت، دوها صنم ڪاغذن تي،
لکيا ڄڻ اوهانجا اسم ڪاغذن تي.
عاشق جي فراق ۽ وڇوڙي جي هڪ رات جي ڪربناڪ منظر کي ان جي ڪيفيت سان سلهاڙي هيئن پيش ٿو ڪري ٿو ته:
ڪيئن رات گذري، اچي چنڊ کان پڇ،
اکين ۽ اوجاڳن ڦٽل ننڊ کان پڇ.
ته سنڌي شاعريءَ سان ويتر پيار جو احساس شديد ٿي وڃي ٿو.
هڪ شعر ۾ وري پاڻ سان خودڪلامي ڪندي سڌ به ٿو ڪري ته ڪيڏي نه شاعراڻي، نازڪ ۽ نفيس:
رڳو “مور” تنھنجي ئي دل ۾ رهي،
چوي دل ٿي اهڙو لکان ڪو غزل.
محبوب جي نهار کي، لوڪ کي ڪهڻ واري ڪار ڪري ته بيشمار شاعرن پيش ڪيو آهي ۽ ڪوٺيو آهي، پر مور مغيريءَ ان ڳالهه کي نيڻن اندر ڪنھن لڪل “خنجر” سان مشابهه ڪري هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي. جنھن کي پڙهندي ۽ ان جي معنيٰ مفهوم ۾ اونهو لهندي زبان مان امالڪ “واهه... واهه“ جا اکر اچارجيو ٿا وڃن.
ها ڏسڻ سان ڪسي لوڪ سارو پوي،
ڄڻ ڪو “خنجر” پرين تنھنجي نيڻن اندر.
پرينءَ کانسواءِ عاشق لاءِ زندگي ڏينھن هوندي رات جهڙي ٿي پوندي آهي. هن جو سجهندي وارو جياپو صرف پرينءَ جي چهري ۾ ئي لڪل هوندو آهي. ان حقيقت کي هن شاعريءَ جي خوبصورت لباس ۾ ڏسو ته ڪيڏي نه انوکي نموني بيان ڪيو آهي:
اوهان کان سوا جيءُ اوندهه ۾ آهي،
سگهو واٽ تي لاٽ ٻارڻ وري اچ.
هن ڪتاب ۾ جيئن ته مور مغيريءَ “غزل” ۽ “چئوسٽن” تي مشتمل ٻن صنفن کي شامل ڪيو آهي. جن سان فني حوالي سان ته هن ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي، پر فڪري طور به اهڙو گهڻو ڪجهه ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جيڪو شاعرن جي جهان ۾ کيس نرالي سڃاڻپ جو مستحق قرار ڏئي ٿو.
شاعراڻي نازڪ مزاجي، ٻوليءَ جي استعمال جي خوبصورتي، تشبيهن، استعارن ۽ ٻين سينگارن سان مور مغيريءَ پنھنجي هن سفر ۾ منفرد آهي. دعا آهي ته ان ئي جذبي جي اڇل سان هو شاعريءَ سان پنھنجي نينھن جو ناتو نڀائيندو رهندو ۽ ههڙي اعليٰ معيار واري شاعري سرجيندي، جهومندي، ڳائيندي چوندو رهندو ته:
پرين اچ ته جيون چمن ٿي پوي،
مٺي مَنُ خوشيءَ ۾ مگن ٿي پوي،
مغيري سڪل گونچ ساوا ٿين،
پروڪو جي پورو وَچَنُ ٿي پوي.
[b]محمد علي پٺاڻ
[/b]لاڙڪاڻو