شاعري

ڳوڙها ڳوڙها ڳـَلَ

مور مغيريءَ جي شاعري عشق، پيار، محبت ۽ وطن دوستيءَ سان ڀرپور آهي. هن جي شاعري سنڌي ادب جو املهه ميراث آهي. سندس شاعري ادب ۾ پنھنجي الڳ حيثيت والاري ٿي. مورَ جو ادبي سفر ويھن سالن جي وشال عرصي تائين پکڙيو پيو آهي. جنھن ادب جي ميدان تي مسلسل رياضت ڪري، پاڻ مڃايو آهي ۽ پنھنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1845
  • 485
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور مغيري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڳوڙها ڳوڙها ڳـَلَ

پنهنجي پاران

شاعري اندر جي احساسن ، اڌمن، امنگن، اميدن ، جذبن ۽ حسين خوابن کي اظهار ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. شاعري روح جي راحت، صحت ۽ فرحت آهي. شاعري پيار، پنھنجائپ ، عشق ۽ محبت آهي. شاعري امن، ايڪي ، اتحاد ۽ آجپي جي علامت آهي. شاعري سونھن آهي، سچ ، شعور ۽ روشني جي واٽ آهي.شاعري شعور جي اک ۽ درد جو ڳوڙهو آهي. شاعري سرهاڻ، چانڊاڻ ۽ ميٺاڻ آهي. شاعري، سرتي ۽ ڌرتي آهي. شاعري ڏک ، سک، سڪ، سور، خوشي ۽ غمي به آهي. شاعري ساهه، چاهه ۽ ويساھ آهي شاعري ذهني ولوڙ آهي. دل جي دانھن جي زبان ۽ جگر جو آواز آهي. شاعري جدوجهد جو دڳ ۽ ڪاميابيءَ جي منزل آهي. شاعري سوچ ۽ شعور جو پڙاڏو ۽ سڏ آهي. شاعري بھار جي ٿڌڙي هيرَ ۽ ڦولار جي مند آهي. شاعري گل ۽ گلزاري آهي. باغ ۽ بهاري آهي. شاعري سونھن جي ساراه ۽ سماج جي عڪاسي آهي. شاعري ڏات آهي، ڏانءُ آهي. انهيءَ ڪري، شاعري اسانجي دل، ذهن ۽ ساهه ۾ سمايل آهي. پاڻ شاعر آهيون ۽ شاعريءَ سان پنھنجو عشق آهي. پاڻ کي ته شاعري ماکيءَ جيان مٺي، بھار جي مند کان به ڀلڙي، گلاب جي گلن کان به خوبصورت، انڊلٺ ۽ پوپٽ جي رنگن کان به پياري لڳندي آهي. ڇوته شاعريءَ ۾ محبوب جي ساراهه جي سرهاڻ هوندي آهي. معشوق جي گفتن جي هڳساڻ آهي. شاعري غريب جي آواز جي گونجار آهي. شاعري ٻوليءَ جي حفاظت ، ڌرتيءَ جي ديوار ۽ وطن جو ويس آهي انهيءَ ڪري شاعريءَ سان پنھنجو پيچ پيار ۽ محبت آهي ۽ محبت جي اهائي سڳنڌ اسانجي جيون ۾ هڳساڻ آڻي ۽ زندگي کي رنگيني بخشي ٿي.
شاعريءَ جي ڏات ، ننڍپڻ کان منھنجي دل ، ذهن ۽ روح جي رڳن ۾ سمايل رهي آهي. پاڻ جڏهن به اڪيلائيءَ ۾ هوندو هيس ته، سٽون ٺاهيندو قافيا ملائيندو شاعري ڪندو رهندو هيس. انهيءَ مهل مونکي گيت. غزل، وائي، ڪافي يا ٻين صنفن جي خبر ڪانه هئي. صرف ڪلام ۽ ڏوهيڙي جي معلومات هئي. اهو جلال چانڊيي جي عروج جو دؤر هيو. چوڌاري ڪنن ۾ جلال جو آواز گونجندو هيو.فوزيه سومري جي به ڪجهه مقبوليت هئي، پر جلال چانڊيو چوٽ تي چڙهيل هيو. استاد بخاري، راشد مورائي ميھر فقير غلام حيدر گَجو ۽ عبدالخالق عبد جا ڪلام هر ڪيسٽ جي سونھن هوندا هيا ۽ انھن جي شاعري ماڻهن جي دلين کي جهومائي وجهندي هئي. غلام حيدر گجو جي باري ۾ پوءِ خبر پئي ته ، گجو انتهائي سادو، غريب ۽ فقير منش انسان هيو ۽ سندس شاعري ته ڪمال جي هئي، پاڻ شاعريءَ ۾ محبوب کي ميار ڪونه ڏيندو هيو. صرف پاڻ کي قصوروار ڪوٺيندو هيو. انهيءَ وقت ٻهراڙين ۾ ٽيپ کي تمام گهڻو ٻڌو ويندو هيو. ٽيپ هر اوطاق جي سونھن هئي. شوقين ماڻهن وٽ سانيو ٽيپ هوندي هئي. ٽريڪٽرن ۾ جلال جا ڌوڙيا هوندا هيا. پاڻ جلال کي ڏاڍو شوق سان ٻڌندا هياسين ۽ اڄ تائين جلال جو آواز دل کي ڌوڏي ڇڏيندو آهي. جلال سنڌ جو شهنشاهه راڳي آهي. اهڙا راڳي ٻولي ۽ قومن جي زينت هوندا آهن.
مونکي ياد ٿو اچي ته اندازن چوڏهن پندرهن سالن جي عمر ۾ شاعريءَ جي ديوي مون وٽ مھمان ٿي پوءِ مان پنھنجي منھن سان پيو سٽون ٺاهيندو هيس ۽ هميشه اڪيلائيءَ ۾ مال چاريندي، گاهه ڪندي يا ٻنيءَ ۾ گهمندي، پنھنجي ڌن ۾ شاعري ڪندو رهندو هيس. اهڙيءَ طرح شاعري پنھنجي روح جي راحت بڻجڻ لڳي ۽ جڏهن شاعريءَ جي ڏات مون مٿان مھربان ٿي ۽ مان پنھنجن خيالن ۾ گم ٿي ، شاعري ڪرڻ لڳس، ته هڪ ڏينھن بابا سائينءَ منھنجي مامي کي چيو ته “غلام عمر کي جن يا ڀوت جو اثر ٿيو آهي، الائي چريو ٿيو آهي ، جو پنھنجي منھن سان وتي ٿو ڳالهائيندو. ” پوءِ ٻئي پريشانيءَ جي حالت ۾ تڪڙا تڪڙا مون وٽ اچي، مون کي دلاسا ڏيئي حقيقت معلوم ڪرڻ لڳا. مون مرڪي کين سمجهايو ته ”اوهين پريشان نه ٿيو نه مان چريو آهيان ، نڪي مون تي جن ڀوت جو اثر آهي. مان شاعر ٿيو آهيان، تڏهن پنھنجي منھن سان شاعري ڪندو آهيان.“ اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي شروعات ٿي ۽ پوءِ شاعري ڏينهون ڏينھن منھنجي مٿان مهربان ٿيڻ لڳي پر انھن ڏينھن ۾ صرف قافيا ملائي پيو سِٽون ٺاهيندو هيس. وڌيڪ شاعريءَ جي صنفن وغيره جي ڪابه خبر ڪونه هئي. اندازن 95-1994ع ۾ اونهاري جي ڏينھن ۾ اوچتو ڪارين قھري اکين سان پنھنجي اکين جو ٽڪراءُ ٿيو ۽ انھن ڪجلي اکين جو ٽڪراءُ، يارهن هزار بجلي جي ڪرنٽ جيان دل کي جهٽڪو لڳو. پوءِ ڳوٺ اڳيان پنھنجي زمين جي وڻ هيٺان ويهي، هڪڙو ڪلام ٺاهي، پني تي اتاريم ، جنھن کانپوءِ شاعريءَ جي راھ تي ڪجهه اڳڀرائي ٿي. انھن ڏينھن کان اڄ تائين دل ڪجلي اکين جي گهايل آهي. ان کانپوءِ جڏهن به ڪنھن دڳ، چاري ، ڳوٺ يا شهر جي ڪنھن موڙ تي، وڏين ۽ ڪارين اکين واري حسين صورت تي نظر پوندي آهي ته دل سان گڏ سڄي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي ويندي آهي ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄاڻ پٽ تي ڪريس. هاڻي وري هلون ٿا شاعريءَ ڏانھن، ته پوءِ جلال چانڊيي ۽ فوزيه سومري جي ڌنن تي ڪلام ٺاهيندو رهيس پر شاعريءَ جي سکيا جو ڏاڍو شوق هيو ، جنھن شوق ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ سان ملاقات ڪرائي. ميمڻ صاحب کي الله سائين جنت جون بهارون عطا فرمائي، جنھن رسالن ۽ ڪتابن جي مطالعي جو رستو ڏسيو. جنھن کانپوءِ شاعريءَ جي رستي تي تڪڙيون وکون کڻڻ لڳس. ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر ٿيس، جتي شاعري ٻڌائيندو ۽ ٻڌندو رهيس. جتي پڻ سمجهه ۾ اضافو ٿيو. جنھن دوران رزاق مهر جو اوچتو وڇوڙو ٿيو. جتي ادبي سنگت جي دوستن سان گڏ تعزيت تي ويس، تڏي تي سائين محمد علي پٺاڻ جهڙي مهربان سان ملاقات ٿي. جنھن کان علم عروض جي سکيا ورتم، سائين محمد علي پٺاڻ منھنجا ادبي استاد آهن.
انھن ڏينھن ۾ ”هالار“ ۽ ”ادب“ رسالن جي به معلومات ملي. جيڪي ورتم. ادب رسالو گل ڪونڌر صاحب ڪڍندو هيو ۽ ”هالار“ ڪاوش گروپ طرفان نڪرندو هيو، جنھن جو ايڊيٽر ظفر عباسي صاحب هيو. ٻئي رسالا حيدرآباد مان نڪرندا هيا. ٻنهي ڏانھن شاعري موڪليم. منھنجو پهريون غزل ”هالار“ ۾ ڇپجي آيو. پنھنجي شاعري رسالي ۾ ڇپيل ڏسي، ايتري خوشي ٿي جو مان ڪپڙن ۾ نه پيو ماپان. ان کان پوءِ “ادب” رسالي ۾ به غزل ڇپيو. اهڙيءَ طرح هنن ٻنهي رسالن ۾ ماهوار ڇپجڻ لڳس. “ادب” اڳتي هلي “اديب” بڻيو. پاڻ کي ٻنهي رسالن تمام گهڻي اهميت ڏيئي، اتساه بخشيو، ۽ مون جهڙا سوين بانبڙا پائيندڙ شاعر، هنن رسالن جي اتساهه سان جوان بڻيا. گل ڪونڌر صاحب جي رسالي “اديب” ۾ ته سوين نوان شاعر شامل هوندا هيا. منھنجي خيال ۾ سنڌ جو هي واحد رسالو هيو، جنھن ۾ سوين ننڍا شاعر، وڏن شاعرن سان گڏ ڇپبا هيا. ننڍا شاعر وڏن شاعرن جي شاعري پڙهي، پنھنجي شاعريءَ کي سنواريندا هيا ۽ وڏا شاعر ننڍن شاعرن جي نالن ۽ شاعريءَ کان واقف ٿيندا هيا. مطلب ته ننڍن ۽ وڏن شاعرن جو پاڻ ۾ قلمي سڃاڻپ وارو رابطو بحال هوندو هيو. افسوس جو اهي ٻئي اتساهه بخشيدڙ رسالا بند ٿي ويا. جن کي پڙهڻ لاءِ مهينو انتظار ڪندا هياسين ۽ جڏهن رسالا هٿن ۾ ايندا هيا ته پنھنجي شاعري پڙهي، بي انداز خوش ٿي، دل ۾ جهمريون هڻندا هياسين. واھ جا ڏينھن هيا جو پورو مهينو ڏينھن ڳڻيندا هياسين ته ڪڏهن ٿا رسالا اچن. ان کان پوءِ اڳتي وڌي نئين زندگي، عبرت مئگزين، سوجهرو، امرتا، ڪاوش فيملي مئگزين ۽ سنڌ جي ٻين به ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳس. اهڙيءَ طرح شاعري پنھنجي روح جي راحت، فرحت، دل کي لڀائيندڙ ۽ ساھ جي سڪون جو ذريعو بڻجندي رهي. اهڙيءَ ريت زندگيءَ جو گاڏو وقت ۽ حالتن جي حساب سان گـڙندو رهيو.
وري جيون جي موڙ تي ويهن، ٻاويهن سالن کانپوءِ، اوچتو عقابي اکين جو ٻيهر اکين سان ٽڪراءُ ٿيو، جنھن اٽڪاءَ دل کي بيحد گھرو گهاءُ ڪيو. پهريون جهٽڪو يارهن هزار بجلي جي برابر هيو، پر هي نوابي اکين جو جهٽڪو ڇاهٺ هزار بجلي جي ڪرنٽ کان به مٿي بڻجي لڳو. هن دفعي خماري اکين ۽ سهڻي صورت هوشَ حواسَ خطا ڪري، دل کي اهڙو ته قابو ۽ بند ڪري ڇڏيو، جو اٺني پهرن جون سڀيئي ساعتون ، سندس ياد ۾ گذرن پيون ۽ سندس يادن جي ئي سهاري ساھ کڻان پيو. خوابن خيالن، سوچن ويچارن، ننڊ توڙي جاڳ مطلب ته هر خوشي ۽ غمي سندس ڪاڻ آهي.
سچ اهو آهي ته شاعريءَ جون مون تي تمام گهڻيون مهربانيون رهيون آهن، ڇوته اها شاعري ئي آهي جنھن مونکي سڌيءَ راھ تي آڻي بيهاريو، اها شاعري آهي، جنھن منھنجي ، قد ۽ بت آهر سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪرائي، اها شاعري آهي، جنھن مونکي ايم.فل ريسرچ اسڪالر بڻايو ۽ انشاءَالله تعالا پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خواب به پورو ٿيندو. ها جي مان شاعر نه هجان هان ته، اڄ شايد ٻئي ڪنھن ماحول ۾ هجان هان. ڇوته پاڻ هاءِ اسڪول جي دور ۾ شرارتي رهياسين ۽ پنھنجي اسڪولي شاگرد دوستن سان ڏاڍو وڙهياسين. (جنھن تي اڄ افسوس آهي) ۽ جيئن ئي بلوغت ۾ پھتس ته، ساڳيون حرڪتون بحال رهيون. پنھنجي دوستي وقت جي ڏنگن ماڻهن سان هئي، جنھن ڪري لچايون به ڪيون سي ته ڏنگايون به ڪيون سين پر وري به الله تعالى مهرباني ڪئي ۽ اها مهرباني شاعريءَ جي وسيلي ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ ڏينھن اوچتو دل ۾ خيال جاڳيو ۽ ويهي سوچڻ لڳس ته ، پاڻ شاعر ماڻهو آهيون ۽ شاعر ته هميشه سچ لکندا آهن ۽ پنھنجا ڪم ته ڪچا آهن. اهو پنھنجو لکڻ ڪھڙي ڪم جو، پاڻ کي هڪڙي راھ وٺڻي پوندي. ان کانپوءِ الله تعالى جي فضل سان شاعريءَ اسان کان ٻيا ڀُتا ڪم ڇـڏرايا ۽ پاڻ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار جي دنيا گهمندا، اچي تحقيق جي درياھ ۾ لٿاسين. تڏهن ته شاعريءَ سان پنھنجو عشق آهي، جنھنڪري اڄ پنھنجي منزل ۽ مقصد صرف لکڻ ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ آهي.
مونکي تمام گهڻي خوشي آهي. جو منھنجو پهريون شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي اوهان جي هٿن ۾ آيو آهي ۽ انڪري به بيحد خوشي آهي، جو هيءُ ڪتاب مون انھن رنگين ساعتن، انھن دل کي لڀائيندڙ لمحن ، انھن سرمئي شامن ۽ ڏانوڻ ڏيندڙ ڏينھن جي نانءُ ڪيو آهي. جيڪي دل جي ڦرهيءَ تي ياد جي سونن لڪيرن سان لکيل آهن. جيڪي خوشيون مليون اهي به ياد آهن، جيڪي ڏک ڏٺم ، اهي به لکيل آهن. جن وفائون ڪيون، اهي به اکين اڳيان آهن، جن جفائون ڪيون، اهي به دل منجهه آهن. جن سڄڻن همدرديون ڪيون، انھن جا احسان به ڪونه ڀلائبا ۽ جن سازشون ڪري، پٺيءَ ۾ ڇُرا هنيا، اهي مهربان به ڪونه وسرندا، ڇوته انھن طرفان مليل گهاون جي نشانن سان گڏ، ڦٽ به اڃان چڪن ٿا. مطلب ته هر ڪنھن وت ۽ وس آهر، پنھنجي ڪردار سان ڀرپور نڀايو جنھن جو جيڪو ظرف هو، انهن اهو ظرف نڀايو. مان پوءِ به، انھن سڀني جون مهربانيون مڃيندي ، کين دعائون ٿو ڪيان ته جتي به هجن، خوش هجن، شاد، آباد ۽ خوشيءَ جي بهارن منجهه هجن. هي شعر به مان انھن مهربانن جي نانءُ ڪيان ٿو.
پٺيءَ ۾ مونکي جن ڪهاڙا هنيا،
انھن لاءَ مونوٽ دعائون آهن.
مغيريءَ جي برباد جنھن دل ڪئي،
انهيءَ لاءِ اڄ بي وفائون آهن.
شاعري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ خيالي، ٻي حقيقي. يا ايئن چئون ته هڪ مطالعي جي بنياد تي ۽ ٻي مشاهدي جي آڌار تي لکبي آهي. اڃان اڳتي وڃبو ته هڪ ذهني ۽ ٻي قلبي شاعري ڪوٺي ويندي آهي. قلبي شاعر اڪثر ڪري، الله وارا بزرگ صوفي شاعر ۽ اوشاق سڏبا آهن. انهيءَ حوالي سان منھنجي هي شاعري گهڻي ڀاڱي مشاهدي جي بنياد تي ۽ حقيقت جي آڌار تي ڪيل شاعري آهي. شاعري اها بهتر چئبي آهي جيڪا پڙهندڙ کي متاثر ۽ متوجهه ڪري، مطالعي ڪندڙ جي دل ۾ ڪشش پيدا ڪري. منھنجي شاعري پڙهندڙن کي وڻندي يا نه، اها انھن کي خبر هوندي پر مان پنھنجي شاعريءَ مان بلڪل مطمئن آهيان ڇو ته مون جيڪو لکيو آهي، دل جي خلوص ۽ اٿاھ پيار منجهان لکيو آهي ۽ ان لاءِ لکيو آهي جيڪو منھنجي دل، ذهن ۽ سوچ جي سفر کي پنھنجي گرفت ۾ ڪري ويٺو آهي. مونکي اميد آهي، ته منھنجو هي پيار ڀريو پورهيو، سنڌي ادبي محلات جي اندر، ڪنھن ڪنڊڙيءَ ۾ جاءِ وٺي، سنڌي ادب جي خدمت جو شرف بخشيندي، تڏهن به مان پنھنجا ڀاڳ ڀلارا ڀائيندس.
مان انتهائي ٿورائتو آهيان، پنھنجي ادبي استاد سائين محمد علي پٺاڻ جو جنھن منھنجي ڪتاب “ ڳوڙها ڳوڙها ڳل ” جو مهاڳ لکڻ جي مهرباني ڪئي آهي، سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد جا به وڏا وڙ جنھن سٽن لکڻ جي عنايت ڪئي آهي. سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ سائين ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشيءَ جا به احسان آهن جن ڪتاب تي تاثرات لکيا ۽ مان مھربان ، قدردان سائين امام راشدي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل جا ڳڻ به ضرور ڳائيندس، جن شاعريءَ تي ويچار ونڊيا. ان کانپوءِ معتبر دوستن پروفيسر گل ڪونڌر ۽ محمد رفيق مغيريءَ جا ٿورا به دل سان مڃيان ٿو، جن منھنجي ڪتاب تي راءِ ڏني آهي. مونکي ان ڳالهه جي به بيحد خوشي آهي ته، منھنجي هن پهرين ڪتاب تي، انھن مانائتن ، معتبر شاعرن ۽ اديبن راءِ ڏني آهي، جيڪي پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ اسڪالر جو درجو رکن ٿا. جيڪو منھنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. بھترين دوست عيسى ميمڻ ۽ ساڻس گڏ، سرسُوتي جي سڀني سهڪاري دوستن جون مهربانيون به ضرور مڃبيون، جن هن ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” کي ڇپائي، منھنجي هٿن ۾ ڏنو. عيسى ميمڻ ته پروف چيڪ ڪرڻ ۾ به مدد فرمائي. آخر ۾ انهيءَ انمول شخصيت جا احسان، ڳڻ ۽ عنايتون به اڻ ڳڻيون مڃيندس، جنھن پنھنجي پيار جي پالوٽ ڪري منھنجي لاءِ لکڻ جو ماحول ميسر ڪري، مونکي هن ڪتاب جهڙي ناياب سوکڙي ڏني. هن ڪائنات جي خالق الله تعالى جا به ڪروڙين شڪرانا مڃيان ٿو، جنھن مونکي لکڻ جي سگهه ۽ حوصلو عطا ڪيو آهي.

[b]مور مغيري
[/b]ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري، تعلقو وارھ
موبائيل نمبر: 03130336644 ـــ 03443868088
03337598066