مهمان نواز شاعر: مور مغيري
غلام عمر “مورمغيري” طبيعت ۾ ماٺيڻو ، صوفياڻي فڪر وارو ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ماڻهو آهي. سندس مزاج ۾ نماڻائپ ۽ مهمان نوازي موجود آهي. مان سورهين ڊسمبر 2017ع تي لالورائنڪ ۾ سندس مهمان رهي چڪو آهيان. سندس مهمان نوازي اڄ به نٿي وسري. ليکڪ جي مزاج، سماج ۽ ماحول جو اثر سندس لکڻين مان نظر ايندو آهي. ساڳيءَ ريت مور مغيريءَ جي لکڻين تي اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مور محبوب جي مهماني سنڌ جي روايتي کاڌن سان ڪري ٿو. سندس هيٺيون چوسٽو مثال لاءِ پيش ڪجي ٿو.
پرين اچ برھ جي کائون بُسري هاڻي،
مکڻ، ماکي ۽ پيار جي مصري هاڻي،
مغيري ويون جابجا ٿي بهاريون،
ويا سنگ سارا آهن نسري هاڻي.
برھ کي، عشق کي، اڪثر شاعرن باھ سان ڀيٽ ڏني آهي. “باھ برھ جي ۽ عشق جا اُلا ” عاشقن کي ساڙيندا آهن. پر مور مغيريءَ کي برھ، بُسريءَ وانگر مٺو لڳي ٿو. هو برھ کي بسري سمجهي ٿو، جيڪو سندس نرالو خيال آهي. مور محبوب سان گڏجي برھ جي بُسري کائڻ چاهي ٿو. اميد ته کيس نصيب ٿيندي.
سندس شعري مجموعو “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” غزلن ۽ چوسٽن تي ٻڌل آهي. ان ۾ حسن ۽ عشق جو موضوع وڌيڪ آهي. تنھن هوندي به هن ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان گڏ، سنڌين جي سرواڻ ۽ رهبر شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَکي به ڪونه وساريو آهي. مور ڀٽائيءَ کي هن ريت ڀيٽا پيش ڪريٿو:
سخن جو شھنشاھ آهي ڀٽائي.
سڄي سنڌ جو شاھ آهي ڀٽائي.
مورمغيري پيشي جي لحاظ کان انگريزي ٻوليءَ جو استاد آهي پر ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جو آهي. سندس لنئون سنڌي ٻوليءَ سان آهي. هو سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪالم، ڪهاڻيون ، تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکندو رهي ٿو. هن ايم اي سنڌي ان جي ڪري ڪئي، ته جيئن سنڌيءَ ۾ ايم فل ڪري سگهجي ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب تي تحقيق ڪري سگهجي. تحقيق ڪرڻ لاءِ ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ ضروري ته ناهي. بنا ڊگريءَ جي به تحقيق ڪري سگهجي ٿي. پر پنھنجيءَ تحقيق کي جديد تحقيقي اصولن پٽاندڙ ڪرڻ ۽ معياري بڻائڻ لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي، ته مورمغيريءَ سٺو ۽ صحيح رستو اختيار ڪيو آهي. هو مٿيون ڊگريون ماڻي تحقيق جا جديد طريقا سکي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي فائدي لاءِ جاکوڙيندو رهندو.مان کيس هن بهترين ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” ڇپجڻ جون واڌايون ڏيان ٿو.
[b]ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
[/b]چيئرمين سنڌي شعبو
وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي.