"ڳوڙها ڳوڙها ڳل” لاءِ ڪجھه آءُ به چوان
اوهان جو حسن منھنجي لاءِ عبادت گاھ هڪ آهي،
اکين کي آ ملي ويئي، اها ئي راھ هڪ آهي،
اوهان جي تات تاري آ، زبان تي ذڪر جاري آ،
منھنجي دل جو مٺي توتي پڪو ويساھ هڪ آهي.
حسن وارا هميشه مغرور هوندا آهن پر محبت ڪندڙن جي دل مجبور ۽ ميڻ جھڙي هوندي آهي جيڪا حُسن جي آتش اڳيان پاڻي پاڻي ٿي پوندي آهي، پوءِ هو سورهيائپ ڇڏي نياز نوڙت ۽ عجز و انڪساري واري واٽ وٺندا آهن. حقيقت ۾ اها ئي واٽَ قسام ازل جي واليءَ کي وڻندي آهي، ساڳي ئي واٽَ وٺندي مور هڪ هنڌ چئي ٿو:
حُسن تي اوهان کي وڏو نازُ آهي،
ڀلي نازَ ڪر تون، تنھنجو رازُ آهي،
اسين تنھنجا ٻانها تون آقا اسانجو،
اسان وٽ ته عاجزي ۽ نيازُ آهي.
شاعر معاشري جو ترجمان هوندو آهي. معاشري جا ڏک، سک، خوشيون، غميون، ظلم، زيادتي، ناانصافي، نابرابري ۽ سماجي حالتن کي نظر ۾ رکي، تخليقون سرجيندو آهي. مور جو هي شعر اهڙي عڪاسي ڪري ٿو:
هتي سنڌ جو سور ڪهڙو لکان مان،
ڏنل خوشين کي ٻهارو لڳي ٿو.
امن هاڻي رهيو اسان وٽ نه آهي،
ڪٿي بي نه اهڙو سڌارو لڳي ٿو.
مور مغيري هڪ حساس ۽ سٻاجهڙي شخصيت جو مالڪ، ڪالم نگار۽ سماج سڌار استاد پڻ آهي. جنھن وٽ نفيس احساسن جو تمام وڏو جهان آهي. هو زنده ضمير ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ جاکوڙيندڙ شاعر آهي. مور پيار ۽ پاٻوھ جو سبق ڏيندي لکي ٿو:
اسان پيار پالي نپايو آ دل ۾،
اسان لاءِ شيعو نه ڪوئي سُني آ.
مور مغيري هڪ قدردان انسان ۽ بهترين ڏات ڌڻي آهي. سندس شاعريءَ ۾ پيار پريت جا پيغام، درد، غم ۽ خوشيءَ جو اظهار وڏي واڪي ملي ٿو. مور جي شاعريءَ ۾ تسلسل ۽ رواني آهي. اهوئي سبب آهي جو مور نئين ٽهيءَ ۾ پنھنجي شناخت ۽ نمايان مقام رکندڙ نيارو شاعر آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته سندس عزت بلند فرمائي.
[b]محمد رفيق مغيري
[/b]ڀاڳ ناڙي، بلوچستان.